سنڌ

ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جا حتمي نتيجا جاري،پ پ جو پهريون نمبر

ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ 229 سيٽن جا حتمي نتيجا اچي ويا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي 91 سيٽن سان اڳتي آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر جي نوٽيس تي 6 سيٽن تي نتيجا روڪيا ويا. ريٽرننگ آفيسرن پاران جاري ڪيل نتيجن موجب پيپلز پارٽي 91، جماعت اسلامي 85 ۽ پي ٽي آءِ 42 سيٽون حاصل ڪيون آهن.مسلم ليگ 7، جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) 2، تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) هڪ ۽ آزاد اميدوار کي هڪ سيٽ ملي.ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن هڪ ٻن ڏينهن ۾ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، نوٽيفڪيشن کانپوءِ ڪامياب اميدوارن کي حلف کڻايو ويندو.نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد عورتن جي مخصوص سيٽن جو تعين ۽ خالي ٿيل سيٽن تي اليڪشن جو فيصلو ڪيو ويندو.مخصوص سيٽن جو تعين ٿيڻ بعد ٽائون چيئرمينن جي چونڊ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button