سنڌ

تعليم کي هٿي وٺرائڻ جٽادار ترقي ۽ امن جي ضمانت آهي:بلاول ڀٽو

پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تعليم کي هٿي وٺرائڻ جٽادار ترقي ۽ امن جي ضمانت آهي، ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان مطابق پي پي چيئرمين تعليم جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪ وطن ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ سمورن استادن ۽ شخصيتن کي سلام پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته 22 ملين کان وڌيڪ پاڪستاني ٻارڙن جو اسڪول نه وڃڻ پوري قوم لاءِ چئلينج آهي. هن زور ڏنو ته دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ لاءِ اسان جي ٻارڙن کي رڳو تعليم نه پر معياري تعليم جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معياري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽن کي جنگي بنيادن تي ختم ڪرڻو پوندو ۽ قوم طور اسان کي پنهنجي ٻارڙن ۽ نوجوانن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ڄاڻ جي حوصله افزائي ڪرڻي پوندي. پي پي چيئرمين چيو ته سندس جماعت هميشه تعليم ۽ تربيت واري شعبي کي پنهنجي پهرين ترجيحن ۾ شامل رکيو آهي. هن چيو ته پارٽي جي باني شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو پنهنجي حڪومتي دور ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪول ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو به وزيراعطم طور ملڪ ۾ تعيلمي ادارا قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي به خاص ڌيان ڏنو صدر آصف علي زراري جي قيادت ۾ پي پي جي اڳوڻي حڪومت به ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون قائم ڪيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973 جي آئين تحت سمورن ٻارڙن جي تعليم جي برابر سهولتن تائين پهچ انهن جو بنيادي حق آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button