سنڌ

اسٽيٽ بئنڪ سان مشاورت: ايڪسچينج ڪمپنين جو ڊالر تي ريٽ “ڪيپ” هٽائڻ جو اعلان

ايڪسچينج ڪمپنين ڊالر ريٽ ڪيپ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ ڊالر جي کوٽ، وڌندڙ اگهن ۽ موجوده غير يقيني صورتحال سبب ايڪسچينج ڪمپنين ڊالر جي فڪس ريٽ (ڪيپ) کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چيئرمين ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسي ايشن آف پاڪستان ملڪ بوستان جي صدارت هيٺ اڄ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جنرل سيڪريٽري ظفر پراچا سميت ملڪ جي سمورن اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وڊيو پيغام ۾ ملڪ بوستان چيو ته اجلاس ۾ شريڪ سمورن ميمبرن ايسوسي ايشن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان ملڪي مفاد ۾ ڊالر جي قيمت هڪ جاءِ تي مقرر ڪئي هئي، ان کي ختم ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اسانکي لڳو هو اسانجي هن فيصلي سان ڊالر جو ريٽ نه وڌندو پر اسان پر اهو قدم ناڪاري ثابت ٿيو ۽ ان جي برعڪس ڊالر جو ريٽ گهٽجڻ بدران وڌي ويو. هن چيو ته اهو ئي سبب آهي جو مارڪيٽ ۾ ڊالر موجود نه آهي ۽ بليڪ مارڪيٽ وجود ۾ آئي، ڇاڪاڻ ته ڊالر نه ملڻ سبب هر طرف افراتفري مچي وئي ۽ جن ماڻهن کي ضرورت هئي اهي بليڪ مارڪيٽ ۾ وڃي رهيا هئا. حڪومت، ايڪسچينج ڪمپنيون ۽ اسٽيٽ بئنڪ تمام گهڻو بدنام ٿي رهيا هئا.هن چيو ته ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي اسان اهو فيصلو ڪيو آهي ۽ اڄ صبح اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سان ملاقات آهي، ان کي هٽائي ڇڏينداسين، ڇاڪاڻ ته جڏهن ماڻهن کي ڊالر ملڻ شروع ٿيندا ته بليڪ مارڪيٽ ختم ٿي ويندي.ملڪ بوستان جو چوڻ هو ته هن وقت ايڪسچينج ڪمپنين کي ڪٿي به ڊالر نه ملي رهيا آهن ان جي کوٽ سبب اسان کي ريمٽنس به نه ملي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته پهريان ڊالر درآمدات ڪندڙ امپورٽرز کي ڏنا وڃن. هن چيو ته حڪومت طرفان امپورٽرز کي ڪٿان به ڊالر خريد ڪري پنهنجو سامان خريد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ سان افراتفري مچي وئي آهي ۽ هنڊي جو ريٽ به وڌي ويو آهي ۽ ٻن ڊالر جي ريٽ ۾ ڏينهن ۾ پنج رپين جو اضافو ٿيو آهي، اسانکي ان جو به مقابلو ڪرڻو آهي، جنهن جو هڪ ئي طريقو آهي ته اسان ڊالر جو درست مارڪيٽ ريٽ ٻڌايون. چيئرمين ايڪسچينج ڪمپنيز آف پاڪستان اميد ظاهر ڪئي ته جيئن ئي ماڻهن کي ڊالر ملڻ شروع ٿيندا ته ريٽ گهٽ ٿيندا، انٽر بئنڪ ۽ پري مارڪيٽ جا ريٽ برابر ٿيڻ سان ترسيلات زر ۾ به واڌ ٿيندي، جنهن ۾ گذريل ٽن مهينن کان مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. زوال پذير آهي ۽ اهو 3 ارب ڊالرن کان گهٽجي 2 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. هن عوام کي اپيل ڪندي چيو ته پاڪستان هن وقت وڏي بحران مان گذري رهيو آهي، ان ڪري اهي اشد ضرورت کان سواءِ ڊالرن ۾ سيڙپڪاري نه ڪن، ٻي صورت ۾ جيڪڏهن عوام تعاون نه ڪيو ته حڪومت کي چونداسين ته اسان ملڪي مفاد خاطر پنهنجو ڪاروبار بند ڪرڻ لا تيار آهيون. ملڪ بوستان چيو ته عوام کي گهرجي ته ڊالر موجوده اگهه تي وڪرو ڪن، توهان ڏسندا ته جيڪڏهن سپلاءِ وڌندي ته ڊالر جو ريٽ پاڻمرادو گهٽجي ويندو، تنهن ڪري اسان کي اميد آهي ته اسان جي قوم اسان جو ساٿ ڏيندي ملڪ کي هن ڏکئي وقت مان ڪڍندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button