سنڌ

ڪراچي ۾ اسڪول مان موٽندڙ 3 ٻار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ فوت

ڪراچي ۾ رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ويجهو مني ٽرڪ جي ٽڪر سان اسڪول مان موٽندڙ 3 ٻار فوت ٿي ويا، پوليس مطابق واقعي رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر جي ويجهو پيش آيو، ٽئي ٻار موٽر سائيڪل تي سوار هئا ۽ اسڪول کان واپس اچي رهيا هئا، حادثي ۾ ٽنهي ٻارن ٿڏي تي ئي ڌم ڏنو، پوليس مني ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، لاش ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال پهچايا ويا. اسپتال ذريعن مطابق فوتي ٻارن جون ڄمارون 9 کان 12 سالن جي وچ ۾ آهي، حادثي وقت ٽئي ٻار اسڪول يونيفارم ۾ هئا، ٽئي ٻار رزاق آباد جي ڌڻي بخش ڳوٺ جا رهواسي هئا، فوتي ٻارڙن ۾ ٻه ڀائر به شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 3 ٻارڙا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، ٻارڙن جي سڃاڻپ نعمان، لقمان ۽ عبدالله طور ٿي آهي، جڏهن ته نعمان ۽ لقمان پاڻ ۾ ڀائر آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button