شبير نظاماڻيءَ جو تعارف صحافي ۽ ڪالم نويس جو آھي، جڏھن ته سندس ھڪ ٻيو تعارف به آھي جيڪو ڪھاڻيڪار جي صورت ۾ آھي. تازو سندس ڪھاڻين جو مجموعو “آخري ناچ” ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آھي. پندرھن ڪھاڻين ۽ 176 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جو مھاڳ علي آڪاش ۽ بيڪ ٽائيٽل مجيد ٿھيم لکيو آھي.
ڪھاڻي “رانديڪا” بازار ۾ مٽِيءَ جا رانديڪا کپائيندڙ ھڪ گهوراڙوءَ جي ڪھاڻي آھي. سندس رانديڪن ۾ ڪُتا، ٻلا، بگهڙ، لومڙ، شينھن به آھن ته گهوٽ ڪنوار، صحافي، فوجي ۽ سياستدان به آھن. ڪھاڻيءَ ۾ احساسن ۽ جذبن جا رنگ آھن ته سياست تي شديد چٿر ۽ چڙ به آھي. بازار ۾ گهوراڙوءَ جا سڀ رانديڪا وڪامجي وڃن ٿا پر سياستدانن کي ڪير وٺڻ لاءِ تيار ڪونھي. بازار ۾ سياستدانن جو نه کپڻ ھڪ الڳ مفھوم ۾ ڏنل آھي پر حقيقت اھا آھي ته بازار ۾ سڀ کان سستي وڪامندڙ شيءِ به سياستدان آھن ۽ سڀ کان وڌيڪ رُسوائي جو شڪار به سياستدان ئي آھي. سياست ۽ سياستدانن کي ايترو ذليل ڪري ڏيکارڻ درست آھي پر اھو بيانيو ڪم ڪنھن ٻئي جي اچي رھيو آھي.
ڪتاب ۾ ڇھن صفحن تي مشتمل ھڪ ڪھاڻي”ڪوُئو” جي نالي سان آھي جنھن ۾ ڪُوئي نالي وارو ڪردار ايجنسين جي ڏاڍ ۽ ڀيڻ جي عصمت ھيٺ بليڪ ميل ٿيندي ايجنسين جي مخبري ڪري پنھنجا سياسي ساٿي سوگها ڪرائي ٿو ۽ انعام پائي ٿو. اھا ڪٿا اڄ جي سياسي پسمنظر جو اولڙو به آھي. ڪُوئي جو اصطلاح سنڌي ٻولي سميت ننڍي کنڊ ۾ منفي ڪردار طور ٿيندو آھي. ائين ئي لکڻي ۾”ڪُوئي” کي ڪردار طور استعمال سنڌ جي ناليواري ناول نگار منير ماڻڪ پنھنجي ناول “ساهه مُٺ ۾” به ڪيو آھي. ضياءَ مارشل لا جي پسمنظر ۾ لکيل انھي ڪمال جي ناول ۾ ڪُوئو ٿُلھو ٿنڀرو، خاڪي رنگ جو آھي، جنھن جو وات ۽ چنبا رت ۾ ٻُڏل آھن، جيڪو انسانن کي، سندن لاش کي ڪُتري رھيو آھي. سعادت حسن منٽو جي افساني “چُوھيدان” ۾ ڪُوئو پڪڙڻ واري ڪوڙڪي ٻن دلين ۾ محبت جو سبب بڻجي ٿي. ائين ھند جي سنڌي ڪھاڻيڪار شيام جئيسنگهاڻي به ڪوئي جي نالي سان “ڪُوئي جو موت” ڪھاڻي لکي آھي.
“لابارو” ڪھاڻي يونيورسٽيءَ جي ھاسٽل ۾ رھندڙ ٻن ڇوڪرين جي ڊائيلاگ ۾ ھڪ ڇوڪريءَ جي جنسي جوڀن ۽ لوڙ جي ڪٿا آھي جنھن ۾ پيار جي پياسي ڇوڪريءَ جي واتان ارمان احتجاج بڻجي نڪرن ٿا. ھاسٽل ۾ رھندڙ ڇوڪريءَ بواءِ فرينڊ جي گهمائڻ وٺي وڃڻ جي صلاح کي پنھنجي من جي مراد جو وجهھ سمجهي ٿي پر سندس شھزادو کيس ڀٽائيءَ جي درگاهه گهمائڻ وٺي وڃي ٿو، جيڪو ڀٽائي ۽ اياز جي شاعريءَ ۾ گم ۽ سندس اُڃ اجهائڻ کان اڻڄاڻ آھي.
ڪھاڻي “اُٺ جي ڳولا” سترھن صفحن تي مشتمل شبير نظاماڻيءَ جي نسبتن طويل ڪھاڻي ۽ سماج ۾ ويڳاڻپ جي ڪٿا آھي جنھن ۾ ريٽائرڊ ملازم جي مٿي ڦرڻ جو لمبو قصو آھي، جنھن ۾ سندس اُٺ جيڪو اصل ۾ سندس ھوش آھي سو وڃائجي وڃي ٿو ۽ جڏھن ھڪ اُٺ سان سندس مُکا ميل ڪرائجي ٿو ته ھو ان کي چميون ڏئي ٿو، ساڻس سيلفيون ڪڍرائي ٿو. اُٺ جي ڳولا ۾ ڪاميابيءَ تي ھو پنھنجي گهر دعوت ۾ پنھنجا کاري کيڙائو دوست گهرائي ٿو، زال سان سمھي ٿو ۽ پوءِ مري وڃي ٿو.
“ويڳاڻو روح” صرف ٻن صفحن ۽ ڪجھه سئو لفظن تي مشتمل ھڪ ڪھاڻيءَ جي صورت ۾ سماج ۾ ويڳاڻپ جي اولڙي سميت شبير جي ذھن جي اختراع آھي، جيڪا عالم ارواح مان ڪھي خيال بنجي شبير نظاماڻيءَ جو ۽ ڪتاب ۾ ڪھاڻي بڻجي پڙھندڙ جو پيڇو ڪري رھي آھي.
ٻارھن صفحن تي مشتمل ٽائيٽل ڪھاڻي “آخري ناچ”، “سو ھي سو ھو سو اجل سو اللہ، سو پرين سو پساهه سو ويري سو واھرو” جو پرتوو آھي. ڪھاڻيءَ جو ڪردار مذھبي متڀيد خلاف آھي. نتيجي ۾ ڳوٺ ۾، يونيورسٽيءَ ۾ ھو ڪافر ۽ ملحد سڏجي ٿو پر ھن ڪھاڻيءَ ۾ کيس وڪڙ ۾ آڻڻ جو ڪارڻ سندس اوتاري واري زمين آھي جيڪا تنازعي ۽ سندس تعزير جو ڪارڻ آھي. ھو نچي رھيو آھي ۽ سمجهي رھيو آھي ته ھو ئي حُب آھي ھو ئي محبوب آھي، پنھون ٿيس پاڻ آھي، پاڻ سان ڳالھائي ٿو ته انسان خساري ۾ آھي. ڪھاڻي سماج ۾ موجود مذھبي متڀيد تي زوردار چٿر آھي. ڪھاڻي “اڪيلو ماڻھو” اڪيلي انسان جي اندر جو خفقان آھي، جيڪو سماج ۾ اڪيلي انسان جي درد ڪٿا بڻجي سندس پيڇو ڪري رھيو آھي. محبوب سان ملاقات به بار بار ٿئي ٿي پر سوسو جو ڊپ وٿي بڻجي ٿو ۽ ڪردار کي مقدر ۾ مُشت زنيءَ نصيب ٿئي ٿي.
“مُئل ٻلي” ڪھاڻيءَ ۾ مرڪزي ڪردار زال سميت ٻليءَ جي موت تي ڏکارو آھي ۽ انھي ٻليءَ جو ڪرياڪرم ڪرڻ لاءِ پريشان آھي. ڪھاڻي “ڊسٽ بِن” زال ۽ مڙس جي ڪروڌ جي ڪھاڻي آھي جنھن ۾ رشتن جي بي رنگ ڪيفيت بدبو بڻجي ِآٻڙڪا ڏئي لياڪا پائي رھي آھي.
ڪھاڻي” ڏاڏا بڙ بڙ”، لاڙ جي لکاني ھاري جي ڪھاڻي آھي جنھن جو سالن کان پاڻيءَ کان وانجھيل فصل ھڪ لڱا سانوڻ ۾ واهه جو آباد ٿئي ٿو، جھڙيون ٿين ٿيون ساريون تھڙو ڀلو ڪماند جو فصل ٿئي ٿو پر پوءِ ٿئي ائين ٿو جو سانوڻ رحمت کانپوءِ زحمت بڻجي ڪڙڪڻ شروع ٿئي ٿو. لکانيءَ جون ساريون، ڪمند برساتي ٻوڏ بُرد ٿين ٿا ۽ لکانو سور جي اھا سٽ نه سھي پاڳل ٿي وڃي ٿو. برسات ۽ ڪاڇي جي پسمنظر ۾ سائين بخش رند جي ڪھاڻِي “رات به مينھڙا وُٺا” به لکيل آھي جنھن ۾ ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ميرل ھاري وڏيري جي ٻنيءَ جي لٺ کي ڪوڏر سان ٽُڪو ڏئي جڏھن پاڻي پنھنجي ٻنيءَ ۾ لوڙھي ٿو ته ان جي منظرڪشِي به اھڙي دل ۾ گهر ڪري ويندڙ آھي، جهڙي لکانيءَ جي اڏ جي ڪپ تان ٻنيءَ ۾ ڪُرڙِي پڪڙڻ جي آھي. سائين بخش رند جي ڪھاڻي وڏيري جي شڪست ۽ ميرل ھاري جي فتح تي ختم ٿئي ٿي. جڏھن ته لکانو فطرت ھٿان شڪست کائي چريو ٿي وڃي ٿو. ڪھاڻي “پارسا” ذري گهٽ 20 صفحن تي مشتمل نئين مڊل ڪلاسي ملازم جي ڪھاڻي آھي جيڪو ذاتي غرض ڪارڻ ھر گندو ڪم ڪندي، ننڍڙن ملازمن جا پئسا به کائي ٿو ته ٻه چاپڙو مڊل ڪلاسي ملازم ماءُ زال سميت سڄي دنيا کان نفرت ڪري ٿو پر جتائي ائين ٿو ته ھو پيار ڪرڻ وارو پُٽ، ھڪ ذميدار مڙس، قول جو پڪو ۽ آفيس جي ننڍڙن ملازمن جو خيال رکندڙ صاحب آھي جڏهن ته ھو آخر ۾ زال کي صاحب لاءِ ھوٽل جي ڪمري ۾ ڇڏي ٿو اچي. ڪھاڻي پڙھندي اھو جھول محسوس ٿئي ٿو ته پارسا جي زال سان سندس صاحب جي اڳ ۾ ڪا ملاقات ڪونھي. اھو صاحب بنا ڏٺي عاشق ٿي پنھنجي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ زيردست ملازم يعني پارسا کي زال جي ڀڙوت لاءِ آمادہ ڪري ٿو جنھن کان آفيس ۾ ھو لھرائي به ٿو.
“ڦيري” ڪھاڻي ھر بيوس ماڻھوءَ جيڪو ماڻھن جي روين کان تنگ ۽ ميل جول کان بيزار آھي، جي مٿي جي ڦيري آھي جيڪا ڪمري ۾ ماڻھن جي اچ وڃ بند ٿيڻ سان ٺيڪ ٿيڻ جوڳي آھي.
“پيار ڪھاڻي” ھڪ طوائفَ جي ڪٿا آھي جيڪا ھڪ رات ڪنوار بڻجي سينگارجي ۽ پنھنجي پر ۾ ڪنوار ٿيڻ، من جي مراد جي تڪميل جي موٽ ۾ بنا پئسن سيڪس ڪري ٿي. شادي ڪرڻ، ڪنوار بڻجڻ مشرق جي ھر عورت جي خواھش به هوندي آهي ته ڪنوار بڻجڻ جي آرزو جون پاڙون مشرقي سماج جي پاتال ۾ به کُتل آھن.”پيار ڪھاڻِي” ۾ وئشيا وارو موضوع اردو جي افسانه نگار سعادت حسن منٽو جي پسند جو موضوع به رھيو آھي. اڪبر جسڪاڻي ميموريل ليبريري جوھيءَ ۾ شبير نظاماڻي منٽو جي ھڪ ڪتاب تي ڳالھه ٻولهھ ڪئي ھئي. ان دوران ھن ڳالهھ ڪئي ھئي ته ھڪ افساني ۾ ھڪ سنڌي ڀوتار پنھنجي “رکيل” جي مستقبل لاءِ فڪرمند رھندو ھو ته ڪاش سندس شادي ٿي وڃي ۽ ھن جو گهر آباد ٿي وڃي. ٿي سگهي ٿو ته اھو خيال ڦري گهري شبير نظاماڻي جي “پيار ڪھاڻي” جو عنوان بڻيو ھجي.
ڪھاڻي “رانديگر” ۾ وڪيل، ڊاڪٽر، ٺيڪيدار ۽ ڀڙوو جوا کيڏندا رھن ٿا. شراب به پيئن ٿا. وڪيل جي پيءُ جي موت جي خبر ڪچھريءَ ۾ بريڪ ھڻي ٿي. ھي ڪھاڻي ڊائلاگ سان سينگاريل آھي، جيڪا ھن بي حس سماج جي ڪھاڻي آھي جنھن ۾ ذاتي خواھشن جي آڏو پيءُ جو لاش به ضمير ۾ جهُرجهُري جو ڪارڻ نٿو بڻجي ۽ بي حسي ئي ان جو انت آھي. نتيجي ۾ ڀڙوو به ماڻھپي جون ڳالھيون ٿو ڪري.
ڪتاب جي آخري ڪھاڻي “زخمي ھرڻيون” 15 صفحن تي مشتمل پنھنجي ٻني، مڇي مانيءَ واري ھڪ اھڙي خاندان جي ڪٿا آھي، جيڪو ڳوٺ جي وڏيري جي ظلم جو شڪار ٿئي ٿو. وڏيري جي سندن زمين تي نظر آھي. گهر جي وڏي کي پوليس سان ٻِٽ ٿي مارايو وڃي ٿو. سندس پٽ کي پوليس گم ڪري ڇڏي ٿي ۽ پوءِ ان جي بازيابي يار محمد جي ٻن ڀيڻين جي عصمت دريءَ جي موٽ ۾ ٿئي ٿي ۽ پوءِ انتقام ۾ اھي ٻه ڇوڪريون ماءُ سان ملي وڏيري جو قتل ڪن ٿيون. ڪھاڻيءَ ۾ ڪيترائي جهول ڇڏيا ويا آھن. ڳوٺ ۾ زمين جا مالڪ زمين جو ڪجهھ ٽُڪرو کپائي پئسا ڏيڻ بدران ٻنھي نياڻين جي عصت قربان ڪرڻ کي بھتر آپشن سمجھن ٿا، جيڪو انوکو ٿو لڳي. ائين پلاند ۾ جڏھن وڏيري جي قتل لاءِ ماءُ ۽ ڇوڪريون سندس اوطاق پھچن ٿيون ته انھي وڏيري جي اوطاق تي صرف اڪيلو چوڪيدار ھوندو آهي. ماءُ کي ٻاھر ويھاري ٻيئي ڇوڪريون ڪمري ۾ اندر ويون، وڏيرو قتل ٿي ويو. پر ڪو ھل ھنگامو گوڙ شور ڪونه ٿيو ۽ ڇوڪريون ڪارروائي ڪري نڪري ويون ۽ چوڪيدار کي کُڻڪ ئي نه پئي. ماءُ سميت ڇوڪريون پنھنجي ڀاءُ سان اڳواٽ پروگرام مطابق مِليون ۽ ڳوٺ مان بس تي ھميشه لاءِ شھر ڏانھن نڪري ويون. واردات رات جو ٿي ڇوڪريون صبح جو بس تي نڪتيون. ھتي ٽائيم ۾ به مونجھارو آھي جيڪو حقيقت سان ميل نٿو کائي. ڪھاڻيءَ ۾ ٻيو جهول به آھي ته صبح ٿي ويو، وڏيرو دير تائين نه اٿيو ته در ڀڃي سندس لاش ھٿ ڪيو ويو، جيڪو ٻڌل ۽ ذبح ٿيل ھو، اھو در اندران مئل ماڻھوءَ ڪيئن بند ڪيو ھو.
شبير نظاماڻيءَ جي ڪھاڻيءَ جو سڀ کان مضبوط پاسو ڪھاڻيءَ جو موضوع آھي. جڏھن ته ٻيو سگهارو پاسو ڪھاڻيءَ ۾ موجود منظرڪشي آھي. منظرڪشيءَ کي پڙھندي سحر طاري ٿي وڃي ٿو ۽ مٿو ڦري ٿو ته ھن ڳالھه شروع خيال جي گهوڙي سان ڪئي. ان ۾ چمڙا، ٻِلا، وڇُون، ڪُڪِڙ، ڪُڪِڙ جا آنا، آنن ۾ ٻچا ڪيئن شامل ٿي وڃن ٿا. منظرڪشيءَ جو اھا ڪاريگري “آُٺ جي ڳولا”، “ويڳاڻو روح”، آخري ناچ”، “رانديڪا”، “اڪيلو ماڻھو”، “مُئل ٻلي”، ڊسٽ بن”، ڏاڏا بڙ بڙ”، “زخمي ھرڻيون” سميت ذري گهٽ ھر ڪھاڻيءَ ۾ جابجا ملي ٿو.
ڪھاڻين، افسانن ناولن ۾ جانورن کي تمثيل طور پيش ڪرڻ جي پراڻي ريت پيل آھي. ائين شبير نظاماڻيءَ جي ڪھاڻين ۾ به ماڻھوءَ کي جانور جي روپ ۾ اُٺ، ڪُئو، ڪُتو، ٻليءَ، ھرڻيءَ، بگهڙ ڪري پِيش ڪيو ويو آھي، جيڪي اصل ۾ انسان آھن. خبر ناھي جديد دور ۾ ڪھاڻيءَ ۾ ماڻھو کي جانور طور پيش ڪرڻ ڇو ضروري سمجھيو وڃي ٿو. ڪھاڻي “مُئل ٻلي” ۾ ٻليءَ جي مرڻ جي خبر تي ڪردار جي زال جي غير معمولي رڙ ۽ ردعمل مصنوعي ٿو لڳي. اھا ڪھاڻي شھري ماحول ۾ لکيل آھي. ان ۾ ٻليءَ لاءِ اھڙا احساس ڪھاڻيڪار جي اندر جو احساس ته ٿي سگهن ٿا پر حقيقت ناھن. ائين ئي ڪھاڻي”پارسا” جو ڪردار به ڪھاڻيڪار جي خيال ۾ ٺھيل وڌيڪ ۽ حقيقي گهٽ ٿو لڳي. ڪھاڻيءَ جي ھڪ ڊائيلاگ ۾ زال پاران “ڪڪڙ” جي ٻوڙ جو ذڪر به عجيب آھي. اھا ڪھاڻي به شھري پسمنظر ۾ لکيل آھي، جتي جي ماحول ۾ “ڪُڪڙ” بدران مرغيءَ جو لفظ استعمال ٿيندو آھي. انھي ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار پارسا جو صاحب کي زال حوالي ڪرڻ به خيالي ٿو لڳي. انھيءَ جو مقصد اھو ئي نڪري ٿو ته اڻ وڻندڙ ڪردار کي خوار ڪجي ۽ اھڙي ڪلائميڪس ڪھاڻيءَ جو ستياناس ڪري ڇڏيو آھي.
ڪھاڻي “لابارو” ۾ عورت جو وھيءَ ۽ جوڀن تي پھچڻ، لذت جي ٻاڙ ۾ تڙپي ائين چوڻ ته “فصل لاباري لاءِ تيار آھي ھو ڪھڙو ھاري آھي جنھن کي پنھنجي فصل جي خبر به ناھي ھو ڇو نٿو لابارو وجهي.” به زرعي سماج جي سوچ ته ٿي سگهي ٿي. ھن دور ۾ يونيورسٽيءَ جي ڇوڪريءَ جو اھڙو ڊائيلاگ صرف زبان جو چسڪو ئي ٿي سگهي ٿو.
شبير نظاماڻيءَ جي ڪھاڻين تي جيڪڏھن راءِ ڏجي ته ايترو چئي سگهجي ٿو ته ھن جي ڪھاڻين جا موضوع حقيقي، ڇرڪائيندڙ، من کي ڇھندڙ آھن. ڪھاڻين ۾ خيال ۽ احساس جي اڏام ڪمال جي آھي ۽ پڙھندڙ ڪھاڻي پڙھندي گم ٿي وڃي ٿو، جيڪو ڪھاڻيڪار جي ڪردار جي گهڙت جو ڪمال آھي. پر شبير نظاماڻيءَ جي ذري گهٽ ھر ڪھاڻيءَ جي ھر ڪردار ۾ بيوسي ۽ ويڳاڻپ جو ديرو آھي. ڪھاڻي “رانديڪا” ۾ بازار ۾ رانديڪن جو ھوڪي ڏيڻ دوران ھڪ پوڙھو جنھن جو پٽ دنيا ۾ نه رھيو آھي، جڏھن گهوراڙو وٽ اچي “پُٽ” جي رانديڪي جي گھر ڪري ٿو ته ان دوران جيڪو مڪالمو جنم وٺي ٿو تنھن ۾ پڙھندڙ جون اکيون پٿرائجي وڃن ٿيون. ائين ڪھاڻي “آخري ناچ” ۾ اھو جملو به مٿي مان ٺڪاءُ ڪڍي ٿو ڇڏي ته “مِٽيءَ کان وڌيڪ ڪابه شيءِ صاف ناھي.” اھوئي خيال لطيف سائين جي سر سھڻي ۾ موجود وائي “ڪھڙي منجھه حساب، ھُئڻ منھنجو ھوت ريءَ” جي سِٽ “سو نه ڪنھِين شيءِ ۾، جيڪي منجھه تُراب” ۾ به ڀاسجي ٿو، جنھن ۾ تُراب جو لفظ مٽيءَ جي ماڻھو لاءِ استعمال ٿيل آھي.
اھڙي نموني ڪھاڻي “ڏاڏو بڙ بڙ” ۾ لکاني جو ھڪ ڊائيلاگ سنڌ جي ھاري جي سموري زندگيءَ جي درد ڀري داستان جو پرتوو آھي. لکاني جي ڀلي فصل ٿيڻ جي ڳالهھ ڪندي جڏھن سندس سنگتي جمعو کيس چوي ٿو ته تنھنجو فصل ڀلو ٿيو آھي ته ڪمدار ۽ وڏيرو به ھڪوڻ جي ٻيڻ لکندا ھوندا، تڏھن لکانو چوي ٿو.”ڀلي پيو لکي، پاڻ سڄي زندگي چٽيون ئي ته ڀريون آھن اھا به ڀري وينداسيين.”
ائين ئي ڪتاب “آخري ناچ” ۾ شامل “رانديڪا” ،”اڪيلو ماڻھو” ، “اُٺ جي ڳولا”، “ڪُوئو”،” آخري ناچ”، “مئل ٻلي”، ڏاڏابڙبڙ”،”زخمي ھرڻيون” جي ڪردارن جي ڪھاڻي به آھي، جيڪي وڙھندي وڙھندي سسئي بڻجڻ جي ڪشٽ ۾ جڏھن کُھيءَ کڻن ٿا ته ڦِيري به ٿئي ٿي. ماڻھو اڪيلو به ٿي وڃي ٿو، روح ويڳاڻو بڻجي، اڪيلو ناچ به ڪري ٿو. اُٺ ڳوليندي پنھنجي ڳولا به شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ فطرت ۽ سماج جي ناانصافين کي سھندي سھندي ھڪ ڏينھن پاڳل بڻجي لکانو ٿي، ڏور اوڀر ۾ انڊلٺ کي ڪھاڙِيون ھڻجن ٿيون ۽ لکاني جي پيءُ جو کاتو لکانيءَ کانپوءِ سندس اولاد ڏي منتقل ٿي لکاني جي “لکِئي جو ليک” به ٿئي ٿو ۽ مڌ پيئندي يڪتاري جي تار تي آخري ناچ شروع ٿئي ٿو، جيڪو لکاني ھاري جو ھن ڪتاب جي ھر ڪردار جي بيوسي جو ۽ ويڳاڻپ جو ناچ آھي. جيڪو ماڻھپي جي تڪميل جي جُستجو ۾ جُڳن کان جاري آھي.