ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تاريخ جو تاريڪ ڏينھن

اردو ٻوليءَ جو مشھور جملو آھي “بڙي ميان تو بڙي ميان، ڇوٽي ميان سبحان اللھ” ھن ڀيري مسلم ليگ ن سان بلڪل اھو ئي ڪجھھ ٿيو آھي. وڏي ڀاءَ ميان نواز شريف کي ان ڳالھھ تي وڏو ناز ھو تھ ھن جي دور حڪومت ۾ پورو پاڪستان روشن ٿي ويو ۽ ھن ملڪ جي مٿان پيل تاريڪيون ختم ڪري ڇڏيون ھيون. جڏھن تھ ھن جي ننڍي ڀاءُ ميان شھباز شريف جي دور حڪومت ۾ پاڪستان ان حال کي رسيو جو پورو ملڪ پورن 24 ڪلاڪن جي لاءِ تاريڪيءَ ۾ گم ٿي ويو ۽ ملڪ جي اھڙي حشر ٿيڻ تي سوشل ميڊيا مٿان جيڪي تبصرا ٿي رھيا ھئا ۽ انھن کي پڙھي ۽ ٻڌي کل جي بدران شرم محسوس ٿي رھيو ھو. ڇو تھ ڪجھھ بھ ھجي پر اھو اسان جو پنھنجو ملڪ آھي. اسان جي ملڪ جو حال جڏھن ايترو بدحال ٿي وڃي تھ ان تي خوشي ڪيئن ٿي ڪري سگھجي؟ جڏھن ماڻھو پاڻ جنريٽر جي لاءِ پيٽرول وٺڻ واري قطار ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين بيٺل ھجي ۽ جڏھن ڪا معلومات نھ ملي ۽ ڪو پتو نھ پوي تھ ھن طويل بريڪ ڊائون جو اختتام ڪڏھن ٿيندو تھ اھڙي ڪيفيت ۾ جيڪو ڪجھھ بھ تڪليف جو سامان پيدا ٿئي ٿو اھو آخر اسان جي حصي ۾ اچي ٿو. ان ۾ تھ ڪو بھ شڪ نھ ھجڻ گھرجي تھ جيڪڏھن ملڪ ۾ سک آھي تھ اسان کي بھ سک حاصل ٿيندو ۽ جيڪڏھن ملڪ ۾ ڏک آھي تھ اسان بھ سکي ٿي نھ ٿا سگھون. جيڪڏھن ملڪ ۾ غربت آھي تھ اھا غربت اسان جي حصي ۾ بھ ايندي ۽ جيڪڏھن ملڪ ۾ سولائي ۽ سھانگائي آھي تھ اسان بھ ان مان فائدو حاصل ڪنداسين. اسان پاڻ کي ملڪ کان ڪڏھن بھ الڳ ڪري نھ ٿا سگھون ۽ اسان جو مقدر ملڪ جو مقدر ھڪ آھي.
پاڪستان پنھنجي فطري وسيلن جي حوالي سان دنيا جو ھڪ اھڙو ملڪ آھي، جنھن جي مٿان ڪيترائي ملڪ پنھنجي تقدير کي طعنا ڏئي سگھن ٿا. ڇو تھ ھن ملڪ ۾ ھر قسم جو آب ھوا ۽ ھن ملڪ ۾ ھر قسم جي فطري معدنيات جا ذخيرا بھ موجود آھن ۽ ھتان جي مٽي بھ زرخيز آھي پر اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ گھڻي وقت کان وٺي ھن ملڪ جي ھر فصل کي ڪرپشن جو ڪيڙو لڳل آھي، ان ڪري ھن ملڪ ۾ جيڪو ڪجھھ بھ پيدا ٿيڻ گھرجي، اھو پيدا نھ ٿو ٿئي ۽ فطرت جي حوالي سان ھڪ امير ۽ آسودو ملڪ ھجڻ جي باوجود بھ اسان جي حڪمرانن جي ھٿن ۾ قرض جو ڪشڪول آھي. اسان جڏھن بھ ٻاھرين دنيا جي ملڪن ۾ وڃون ٿا تھ اسان سان انھن ملڪن جي ايئرپورٽن تي جيڪو سلوڪ ٿئي ٿو، اھو اسان جي لاءِ قابل توھين آھي پر اسان ڇا ڪيون؟ اسان جي حڪمرانن اسان جي ملڪ جو حال اھڙو ڪري ڇڏيو آھي جو اسان پنھنجي ملڪ جي مٿان فخر ڪرڻ واري حق کان بھ محروم ٿي چڪا آھيون. اھا تمام بري صورتحال ھوندي آھي ۽ ان صورتحال جو تعلق دولت نھ ھوندو آھي. ڇو تھ ھڪ انسان يا ھڪ قوم غربت ۾ بھ پنھنجو فخر ۽ پنھنجو وقار محفوظ رکي سگھي ٿي. پر جڏھن پئسن جي ڪري اسان جو پورو وقار مٽيءَ ۾ ملي وڃي ۽ اسان جي حڪمرانن کي ايندو ڏسي ٻين ملڪن جا حڪمران اھو سمجھن تھ ضرور ڪجھھ گھرڻ جي لاءِ اچي رھيو آھي ۽ ھو پنھنجي جان ڇڏائڻ جي لاءِ بھانا ڪرڻ لڳن ۽ اسان جا حڪمران وري ملڪ ۾ واپس اچي اھا سموري صورتحال تمام گھڻي تفصيل سان پيش ڪن تھ ان حالت ۾ اسان جي ڪيفيت ڪھڙي ھجڻ گھرجي؟ اسان جا حڪمران تھ ان حال جا عادي ٿي ويا آھن ۽ انھن تھ ڪجھھ بھ محسوس ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي. ھڪ حوالي سان ھو شرم پروف بڻجي ويا آھن پر اسان جو سمورو عوام اھڙو ناھي ۽ خاص طور تي اسان جو نئون نسل تھ اھڙو بلڪل بھ ناھي. اسان جو نئون نسل ھن وقت بھ دنيا جي قومن ۾ فخر ۽ سربلنديءَ سان ھلڻ جو حق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي پر جڏھن ھو پنھنجن حڪمرانن جا حال ڏسي ٿو تھ ھن کي تمام گھڻي مايوسي ٿئي ٿي. ڇو تھ ھو پنھنجي ملڪ جي دنيا جي انھن ملڪن سان بھ تھ ڀيٽ ڪري ٿو جيڪي ملڪ وسيلن جي سلسلي ۾ پاڪستان کان تمام گھڻا پوئتي پيل آھن پر پوءِ بھ انھن ملڪن جون حڪومتون اھڙا اپاءَ وٺن ٿيون، جن سان انھن ملڪن جي مٽي سون بڻجي وڃي ٿي، جڏھن تھ اسان جو سون مٽيءَ جي ملھھ ۾ بھ قبول نھ ٿو ڪيو وڃي. اھي لفظ ڪي اجايا ناھن پر بلوچستان ۾ سون ۽ چانديءَ جي کاڻين مان جيڪا اپت ٿيندي آھي اھا اسان جي ملڪ تي استعمال نھ ٿيندي آھي پر اھا غيرملڪين پاران کنئي ويندي آھي ۽ اسان جا ماڻھو پوءِ بھ بنيادي حقن کان محروم رھن ٿا.
ھن دور ۾ بنيادي حقن کان محروميءَ جو مطلب تمام گھڻو تلخ آھي ۽ اسان کي ان جو احساس ھجڻ گھرجي. اسان کي اھا خبر بھ ھجڻ گھرجي تھ جيڪي بھ شيون انسانن جي بنيادي حقن ۾ شامل آھن، انھن جي دستيابي ھن دور ۾ بجليءَ ۽ تيل کان سواءِ ممڪن ناھي ۽ اسان جي دنيا کي سائنس جي ترقيءَ اھڙي موڙ تي بيھاريو آھي جو اسان تيل ۽ بجليءَ کان سواءِ زندگيءَ جو تصور بھ ڪري نھ ٿا سگھون ۽ اسان کي گذريل ڏينھن پنھنجي تاريخ جو ھڪ تاريڪ ترين ڏينھن ڏسڻو پيو ۽ ان ڏينھن جي سلسلي ۾ ھڪ تھ اسان جي ماڻھن جي اندر ۾ جيڪا پيڙا پڄري رھي ھئي ۽ ھو جنھن تڪليف مان گذري رھيا ھئا، اھا تھ الڳ آھي پر جيڪا بين الاقوامي رسوائي اسان جي حصي ۾ اچي رھي ھئي يا ان جو انھن حڪمرانن کي ڪو اندازو بھ آھي، جن حڪمرانن ملڪ کي تاريڪي ۾ ڌڪي وضاحت ڪرڻ بھ مناسب نھ سمجھي ۽ اھو بھ نھ ٻڌايو تھ ھي سڀ ڪجھھ ڇو ٿيو آھي ۽ سڀ ڪجھھ ڪڏھن ختم ٿيندو؟ صرف اسان جي توانائيءَ جو وزير خرم دستگير ميڊيا کان ڊڄندي صرف اھو چئي رھيو ھو تھ بجلي ايندڙ 12 ڪلاڪن جي اندر بحال ٿي ويندي ۽ انھن ٻارنھن ڪلاڪن کي 24 ڪلاڪ ٿي ويا ۽ ان وقت جي دوران پوري ملڪ جي صورتحال ساڳي ھئي.
پاڪستان جو گاديءَ وارو شھر اسلام آباد بھ تاريڪ ھو ۽ ڪراچيءَ جھڙو ملڪ جي معاشي انجڻ جھڙو شھر بھ بجليءَ کان مڪمل طور تي محروم ھو ۽ ساڳيو حال لاھور ۽ پشاور جو ھو. ڇا اھو سمجھھ ۾ اچڻ جھڙو واقعو آھي تھ ھڪ معمولي فالٽ سبب پورو ملڪ تاريڪ ٿي وڃي ۽ اھو 24 ڪلاڪن تائين تاريڪي رھي. اھڙي ملڪ جو اميج عالمي سطح تي ڪھڙو ھوندو ۽ اھڙي ملڪ کي عوام کي دنيا ۾ ڪھڙين اکين سان ڏٺو ويندو. جڏھن تھ ان ملڪ جا ماڻھو محنت بھ ڪندا ھجن ۽ ان ملڪ جي سرزمين بھ آسودي ھجي پر صرف ۽ صرف سياست جي ڪرپشن سبب اسان جي ملڪ جو حال اھڙو ٿي ويو آھي جو اھو بھتريءَ طرف قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تھ وڌيڪ بدتري ھن جي حصي ۾ اچي ٿي. جڏھن ھو سٺو سوچي ٿو تھ ھڪ بري صورتحال ھن کي وڪوڙي وڃي ٿي ۽ گذريل ڏينھن جي وارتا بھ ڪجھھ اھڙي ھئي.
پاڪستان کي پنھنجي قرضن تمام گھڻو پريشان ڪري رکيو آھي ۽ پاڪستان دنيا جو اھو ملڪ بڻجي ويو آھي جيڪو پريشانيءَ جو علاج پريشانيءَ سان ڪري رھيو آھي. ھن کي معلوم آھي ۽ ھن کي ڇا پر دنيا جي ھر ملڪ ۽ ان ملڪ جي ھر ماڻھوءَ کي معلوم آھي تھ قرض مرض آھي پر ان جي باوجود بھ پاڪستان پنھنجي مرض جو علاج ان مرض سان ڪري رھيو آھي. ان طريقي سان پاڪستان جي معاشي مسئلن جو حال ڪيئن نڪري سگھندو ۽ جيڪو ملڪ مسلسل گھرندو رھي ۽ ھن وٽ قرض واپس ڪرڻ جو ڪو پلان نھ ھجي، ان ملڪ کي آخر دنيا ڪيترو قرض ڏيندي ۽ ڪيئن ڏيندي؟ آخر دنيا بھ پنھنجي موڙي لٽائڻ نھ ويٺي آھي. ھن دنيا جو ھر ملڪ پنھنجي حصي ۾ ٻھ روپيا وڌيڪ ڪرڻ جي چڪر ۾ آھي. ان حد تائين جو جن ملڪ کي اسان پنھنجو يار ۽ ھر حال ۾ پنھنجو وفادار سمجھندا ھئاسين، ان ملڪ بھ اسان کي اھو چتاءُ ڏنو آھي تھ جيڪڏھن معاشي صورتحال کي نھ سڌاريو ويو تھ دوست ملڪن کي امداد نھ ڏني ويندي. اھو اشارو سعودي عرب پاڪستان کان سواءِ ٻيو ڪنھن جي طرف ڪري سگھي ٿو؟ پر اسان جي حڪمرانن اسان کي اھڙي حال تائين رسايو آھي جو اسان کي اھو سڀ ڪجھھ ٻڌڻو پوي ٿو. ڇو تھ مجبور ماڻھو ھجي يا ملڪ ھجي پر جيڪو بھ ھٿ ڦھلائيندو، ھن جا کلي تلخ ٻول تھ ٻڌڻا ئي پوندا. پاڪستان کي ان معاملي تي پنھنجي دل جلائڻ نھ گھرجي ۽ خاص طور تي پاڪستان جا اھي شھر جيڪي تمام گھڻي محنت ۽ مشقت ڪن ٿا ۽ ھو سربلنديءَ سان جيئڻ گھرن ٿا، انھن کي اھڙي شرمناڪ صورتحال ۾ ڌڪي ملڪ کي جنھن طرح سان ناقابل تلافي نقصان پھچايو وڃي ٿو ان کي سنئين ڪنڌيءَ تي ڪير ڪندو؟ ڪير ھن ملڪ کي ان ڏک جي ڏونگر کان ٽپائي پار ڪندو؟ ڪير ھن ملڪ جو ساڻي ۽ ساٿي ٿيندو؟ ڪير ھن ملڪ جو علاج ڪندو؟ ھي ملڪ جيڪو صرف بيمار ئي ناھي پر ھي ملڪ سياسي ويڄن ۽ انھن جي واٺن جي ڪري تمام گھڻو لاچار بھ بڻجي ويو آھي ۽ ھن جي لاچاريءَ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو ثبوت ٿي سگھي ٿو تھ ھي ملڪ ھڪ ڏينھن لاءِ تاريڪيءَ ۾ ٻڏي وڃي.
پاڪستان جي لاءِ صرف ھڪ حادثو يا ھڪ اتفاق نھ ٿو سمجھيو وڃي. پاڪستان جي لاءِ سوچيو ٿو وڃي تھ قرض تي ھلندڙ ملڪن سان اھو ئي ڪجھھ ٿيندو آھي. انھن جا ادارا اھڙا بڻجي ويندا آھن جو اھي ملڪ کي تاريخ جي تاريڪ ترين دور ۾ وٺي وڃن ۽ ان دور جو ھڪ ڏينھن ان حقيقت جو اعلان ھجي تھ ھن ملڪ کي ھن جي حڪمرانن ھٿ وٺي اونداھيءَ ۾ اڇلايو آھي. ان تاريڪيءَ مان ٻاھر نڪرڻ جو گس ڪھڙو آھي؟ ان سوال تي ھن ملڪ جي نئين نسل کي سوچڻو آھي. ڇو تھ ھن ملڪ ۾ حڪمران کي تھ پنڻ ۽ پنھنجا گھر ڀرڻ مان فرصت ئي ناھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button