پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ سينٽر کي باهه، 6 دڪان سامان سميت رک

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ باواني سينٽر کي باهھ لڳڻ سبب 6 دڪان سڙي رک ٿي ويا. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم جي ريشم گهٽي ۾ واقع باواني سينٽر ۾ رات دير سان بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باھه لڳي وئي، جنهن سبب سبحان الله ڪپڙي جو دڪان، ثنا بينگل اسٽور، انس گارمينٽس، مڪه جيولرز، ايم اي گارمينٽس ۽ ڊائمنڊ جيولرز دڪانن کي باھه لڳي وئي، دڪانن ۾ پيل سامان سڙي رک ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي فائربرگيڊ پهچي باھه تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ دڪان سڙڻ کان بچائي ورتا. متاثر دڪاندارن محمد انس، شايان شيخ، فاروق شيخ، ريحان غوري، ياسر چندريگر ۽ ريحان شيخ ٻڌايو ته سينٽر ۾ اسان جي دڪانن ۾ ڪپڙو، گارمينٽس جو سامان، فرنيچر، يو پي ايس، بجلي جا پکا ۽ فٽنگ سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، جنهن سبب لکين رپيا نقصان ٿيو آهي. هنن گهر ڪئي ته اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button