پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي پوليس حملي جا جوابدار گرفتار نه ڪيا، عورتن ۽ مردن جو احتجاج

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي پوليس صحافي جي ڀا تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو، متاثر صحافي گهرڀاتين سميت انصاف لا احتجاج ڪيو. رپورٽ موجب مسڻ وڏي جي سينيئر صحافي ۽ “سنڌ ايڪسپريس” جي رپورٽر محمد قاسم ملاح جي ننڍي ڀا غلام رسول ملاح ۽ سندس معصوم ڀائيٽي آمنه تي حملي جا جوابدار پوليس گرفتار نه ڪيا، جنهن خلاف سينيئر صحافي محمد قاسم ملاح بيماري جي حالت ۾ کٽ تي ويهي گهرڀاتين سان گڏ انصاف لا احتجاج ڪيو، احتجاج ۾ عورتون به شريڪ هيون. هن احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پلاٽ اسان جو آهي، ڪجھه برادري جا ماڻهو بااثرن جي چرچ تي اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، ان ڪري ڏوهاري ماڻهن مختلف وقتن تي موتمار ڌمڪيون ڏنيون. 2 ڏينهن اڳ عبدالڪريم عرف ڪوڏو ملاح، حاجي خان ملاح، احسان ملاح، علي حسن ملاح ۽ ٻين پلاٽ جي تڪرار تان لٺين ۽ سرن سان حملو ڪري منهنجي ننڍي ڀا ۽ معصوم ڀائيٽي کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪري. هنن سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ۽ ڊي ايس پي چمبڙ کان مطالبو ڪيو ته منھنجي ڀا ۽ ڀائيٽي تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button