گذريل هفتي سرائڪين جي ديس وڃڻ ٿيو، خيال اهي ئي هئا ته هي به اسان وانگيان پيپلز پارٽي طرفان مضبوط ڪيل وڏيرڪي نظام ۾ جڪڙيل هوندا، شھر ۽ ڳوٺ به ڏتڙيل هوندا پر ائين نظر ڪونه آيو. جڏهن مان سکر کان موٽر وي تي رحيم يار خان کان راجن پور روانو ٿيس ته مٺڻ ڪوٽ وٽ سنڌو درياءَ کي پار ڪيم، جتي چناب راوي ۽ ستلج سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. راجن پور کان ڊيري غازي خان تائين جن ڳوٺن ۽ شھرن کي ڪراس ڪرڻو پيو، ان ۾ ڄام پور ڪوٽ ڇٽا ۽ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا شھر هئا. هنن شھرن ۾ مون هڪڙي خاصيت ڏٺي ته فوٽ پاٿن يا روڊن تي قبضا ڪونه هئا، شھر ڪافي ويڪرا نظر آيا.
رات ڊيري غازي ۾ گذاري سين. ڪچهري سڻائي انهي ڪري لڳي جو اسان به سرائڪي هئاسين. اسان پنهنجي سنڌي لهجي واري سرائڪي پئي ڳالهائي ۽ اسان جي سرائڪي دوستن پنجابي لهجي واري سرائڪي پئي ڳالهائي. هونئن به لسانيات جي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌي ۽ سرائڪي جو تمام گھرو تعلق آهي. ڪي لسانيات جا ماهر ته جهڙوڪ ٽرومپ سرائڪيءَ کي سنڌي جو لهجو قرار ڏئي ٿو ته ڪي ان کي سنڌي ٻوليءَ جيترو ئي قديم ٻولي ڪري سمجهن ٿا، ته ڪي وري سرائڪي کي سنڌي جي شاخ قرار ڏين ٿا. “برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو” جيڪو جي اي گريسن جو لکيل هو، ان ۾ اها وضاحت ڏنل آهي ته “سرو مان سرائڪي ٺهيو لفظ” سرو”جي معنيٰ مٿيون وهڪرو يعني اهڙو علائقو جيڪو سنڌو جي مٿان هجي. ان ڪري ان ۾ اولھه پنجاب وارو لهندو علائقو به اچي ويو، مقصد اهو ٿيو ته مٿئين ملڪ واري ٻولي. جنھن کي گريسن “سنڌي سرائڪي” ڪوٺي ٿو. مون ڊاڪٽر غلام علي جي ڪتاب” سنڌيءَ ٻوليءَ جي ارتقا” مان بابا فريد ۽ قاضي قادن جا هي چونڊ شعر جيڪي سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي پراڻي تعلق جي نشاندهي ڪن ٿا، سي ڪنھن وقت ڪتاب پڙهندي ڊائري ۾ نوٽ ڪري ڇڏيا هئا، جنھن ۾ قاضي قادن خود بابا فريد گنج شڪر جي سرائڪيءَ کان ايڏو متاثر هو جو پاڻ به ان جي ڪاپي ڪندي شعر چيائين جن کي سنڌي ادب جا اوائلي شاعريءَ به قرار ڏنو وڃي ٿو. (قاضي قادن (1465_1515) اصل ۾ بکر جو هو، پوءِ ٺٽي ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. ان وقت حڪومت جو قاضي هو، باقي ڇا هو، ڇا ڪيائين اهو وري الڳ موضوع آهي).
فريدا ڏکان سيتي ڏينھن ڳيا سوالان
سيتي رات کڙا پڪاري پاتڻي ٻيڙا ڪپر وات
(بابا فريد)
ڏينھن لٿا سنجھا پئي اڳئون آئي
رات کڙا پڪاري پاتڻي ٻيڙا ڪپر وات
(قاضي قادن)
بابا فريد سرائڪيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ به شاعري ڪئي. سو چوڻ جو مقصد سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو پراڻو تعلق آهي. انهيءَ ڪري ته سچل به سرائڪيءَ ۾ پنهنجو ڪلام پيش ڪيو. بس هڪ ڳالهه ۾ مزو نه آيو ته هڪ هنڌ آڊيٽوريم کي گهمندي اهو پڙهيو ته شاهه ولي الله جي گذارش تي افغانستان جو حاڪم احمد شاهه ابدالي پنجاب تي چڙهائي ڪري آيو. اتي هندن ۽ مرهٽن کي ماري مسلمان ڪيائين ۽ اهو دور هو سترهين صديءَ جو، هن ظالم سنڌ تي به حملو سنڌ جي وسندين کي به تباهه ڪيو ۽ لکين سنڌين جو خون وهايائين. اچون ٿا پنهنجي اصل قصي تي، جڏهن مون ڊيري غازي خان جي سرائڪي دوستن کان پڇيو ته هي دريشڪ سردار، کوسا، لغاري، بوزدار انھن جو ڪيترو سياسي عمل دخل آهي. صفا سادو ۽ سڌو جواب ڏنائون ته اسين ووٽ پنهنجي مرضيءَ تي تي ڏيندا آهيو. هتي ۽ ڪوبه سردار انهيءَ ووٽ جي آزاديءَ کي پنهنجي عزت ۽ سرداري جو مسئلو ڪونه ٿو سمجهي ۽ نه ئي ڪو مخالف ۾ ووٽ ڪندڙ کي پريشان ڪيو ويندو آهي.
رات ڊيري غازي خان ۾ سرائڪي دوستن سان گذاري. صبح سوير ملتان اچي نڪتاسين، جتي ملتان بار جي سينيئر نائب صدر ملڪ نصير احمد خان سان ملاقات ٿي، جنھن ڪچھري دوران ٻڌايو ته ملتان بار دنيا جي ٽين نمبر وڏي بار آهي جنھن جا پنجاهه هزار کان مٿي وڪيل ميمبر آهن. ملتان جا ماڻھو شاهه محمود قريشيءَ جي سخت خلاف نظر آيا. هن کي ڪوڙو ۽ منافق قرار ڏئي رهيا هئا باقي گيلاني جي باري ۾ soft corner نظر آيو.
ملتان جي تاريخي جڳهن کي به گهمڻ جو به موقعو مليو. ملتان جون درگاهون ته پڪنڪ پوائنٽس آهن، جتي وڏا پارڪ شاندار وڻ وڻڪاري نظر آئي. شھر ۾ ميٽرو بس وارو شاندار روڊ به شاهي طرح سان هر طرف وڇايل نظر آيو. روڊ رستا شاندار کليل هر طرف گل گلزاري سبب پاڻ وارو حيدرآباد ته شرمنده پئي نظر آيو پر هي سرائڪي بيلٽ وارا وري لاهورين کي فراڊي قرار ڏين ٿا. هنن جي نظر هي لاهوري هنن جو حق کايو ويٺا آهن. شايد ان ڪري به هي سرائڪي نواز شريف جي حمايت ۾ ايترا سرگرم نظر نه آيا، جيترا عمران خان جي حمايت ۾ ۽ اهو به مڃين پيا ته هي ترقي به نواز شريف جي وقت ۾ ٿي.
سرائڪي سنڌين کي جاهل ۽ وڏيرڪي نظام ۾ جڪڙيل قوم قرار ڏين ٿا. واقعي به سرائڪي بيلٽ وارا سياسي سمجھه ٻوجهه ۾ ۽ روڊ رستن شهري رٿابندي ۽ ترقيءَ اسان سنڌين کان گهڻو اڳتي نظر آيا.