ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

انتهاپسندي بابت وڏي وزير جو بيان

Editorial

انتهاپسندي ڪهڙي به شڪل ۾ هجي، اها هر سماج لاءِ خطرناڪ هوندي آهي. جنهن ۾ اڻبرابري وارو عنصر وڌي ويندو آهي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ پيدا ٿيل متڀيد جي ڪري ڪئين معاملا خراب ٿي ويندا آهن. ماڻهن کي جتي مذهبي ۽ سماجي طور آزاد ناهي ڇڏيو ويندو، اتي اهڙا رويا جنم وٺندا آهن، جيڪي سماج جي ڀڃ ڊاهه جو سبب ٿيندا ۽ نتيجي ۾ اهو سماج پنهنجو پاڻ کي بچائي ڪونه سگهندو آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ انتهاپسنديءَ جي حوالي سان آواز اٿندا رهندا آهن. سڄي دنيا هن ملڪ تي آڱريون کڻندي رهندي آهي ۽ اهي مطالبا ڪندي رهندي آهي ته ملڪ ۾ انتهاپسنديءَ جي واقعن کي گهٽايو وڃي ته جيئن هتي موجود اقليتن لاءِ ماحول بهتر ٿي سگهي ۽ اهي پنهنجو پاڻ کي هتي محفوظ سمجهن. ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به انتهاپسندي بابت ڳالهايو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته راندين جون سرگرميون رواداري کي هٿي وٺرائين ٿيون ۽ ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻين ٿيون، ٻي صورت ۾ عدم برداشت اسان جي سماج کي ڳڙڪائي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊي جي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سيد نعمان احسن پاران اين اي ڊي يونيورسٽي گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ميچ جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اين اي ڊي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر سروش لوڌي، چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن طارق رفيع ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مهذب سماجن عدم برداشت جي جبلت کي ڇڏي ڏنو آهي ڇو ته اهي اهڙن روين کي پسند نه ٿا ڪن ۽ اهي منطق ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي هڪٻئي کي قائل ڪندا آهن پر بدقسمتيءَ سان اسان جي نوجوانن ڪتاب پڙهڻ، راندين ۽ صحتمند سرگرمين سميت تقريري مقابلن ۽ اسٽڊي سرڪلز جي عادت ڇڏي ڏني آهي. هن چيو ته هو ڪرڪيٽ ميچ ۾ نوجوانن کي راندين جي سرگرمين ۾ حصو وٺندي ڏسي خوش ٿيو آهي. وڏي وزير ملڪ جي نوجوانن تي زور ڀريو ته هو سوشل ميڊيا کي تعليم، صلاحيت وڌائڻ، روزگار ۽ دنيا جي ٻين ملڪن سان رابطي لاءِ ٽول طور استعمال ڪن. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جا نوجوان سوشل ميڊيا مان فائدو نه وٺي رهيا آهن. مراد علي شاهه سمورن تعليمي ادارن تي زور ڀريو ته هو شاگردن جي تربيت لاءِ راندين ۽ پريڊ ڪوچز کي مقرر ڪن ۽ اهي سرگرميون تعليمي سرگرمين سان گڏ ڪرايون وڃن. هن چيو ته آئون والدين کي به گذارش ڪندس ته هو پنهنجي ٻارن کي راندين، تقريرن ۽ ٻين اهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ همٿ افزائي ڪندا رهن. وڏي وزير چيو ته اسان جي مذهب اسان کي برداشت، گڏيل احترام ۽ سڀني مذهبن ۾ هم آهنگي جو درس ڏنو آهي. هن چيو ته سماج ۾ پکڙيل انتهاپسندي اسان کي پوري دنيا کان ۽ پاڻ کان به الڳ ڪري ڇڏيندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيئرمين هائير ايجوڪيشن پروفيسر طارق رفيع تقريب جي صدارت ڪرڻ تي وڏي وزير جا ٿورا مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته هو سمورين يونيورسٽين ۾ راندين کي هٿي وٺرائيندا. وڏي وزير کي اها ڄاڻ هجڻ گهرجي ته گهڻي ڀاڱي اسين دنيا ۾ اڪيلا ئي رهجي ويا آهيون. ڇاڪاڻ ته انتهاپسنديءَ جي وڌندڙ واقعن تي دنيا پريشان آهي، ان ڪري اسان کي گري لسٽ ۾ رکيو ويو. فيٽف اهي شرطون لاڳو ڪندو رهيو آهي ته انتهاپسندي جو ملڪ مان خاتمو ڪيو وڃي ته جيئن معاملا بهتري ڏانهن وڌي سگهن. پر صورتحال اڃا ايتري بهتر نظر ڪونه ٿي اچي. انتهاپسندي رڳو مذهبي نه هوندي آهي. هڪ وزير جڏهن پنهنجي قافلي سان سوين گاڏين سوڌو نڪري ٿو ۽ غريب غربي کي پري ڪرڻ جو چوي ٿو ته اها به انتهاپسندي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته انتهاپسندي هن سماج جي روين ۾ موجود آهي. اها وڏي طبقي جي ماڻهن توڙي وزيرن جي روين ۾ موجود آهي. تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سماج کي رواداري ڏانهن وٺي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button