پاڪستانپنجاب

چوڌري شجاعت حسين کان ق ليگ جي صدارت کسجي وئي، چوڌري وجاهت مقرر

مسلم ليگ (ق) جي رڌڻي ۾ رولو، چوڌري شجاعت حسين کي پارٽي جي صدارت تان هٽائي سندس ڀا چوڌري وجاهت حسين کي ذميواري ڏني وئي آهي. لاهور جي ڊيوس روڊ تي مسلم ليگ هائوس ۾ ق ليگ جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چوڌري شجاعت حسين کي پارٽي جي صدارت تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ متبادل طور سندس ڀا چوڌري وجاهت حسين کي ق ليگ جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ طارق بشير چيما کي هٽائي ڪامل علي آغا کي پارٽي جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل بڻايو ويو. ٻئي طرف عهدي تان هٽايل طارق بشير چيما چيو آهي ته پرويز الاهي غيرآئيني حرڪت ڪئي، مسلم ليگ (ق) جو صدر چوڌري شجاعت ئي آهي. پارٽي جي مشاورتي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي ردعمل ڏيندي طارق بشير چيما جو چوڻ هو ته چوڌري شجاعت پرويز الاهي جي رڪنيت معطل ڪري چڪو آهي، وقت اچڻ تي ظاهر ڪنداسين ته اهو ڊرامو ڇو ڪيو پيو وڃي، پارٽي جا سنجيده ماڻهو اڃا به چوڌري شجاعت حسين سان گڏ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button