پاڪستان

ڊالر جي وڏي اڏام، هڪ ئي ڏينهن ۾ 24 رپيا مهانگو، 255 رپين جو ٿي ويو

پاڪستاني رپئي جي بي قدري انتها تي پهچي وئي، آمريڪي ڊالر هڪ ئي ڏينهن اندر 24 رپيا مهانگو ٿيڻ ڪري 255 رپين تي پهچي ويو آهي، آ ايم ايف جي فرمائش تي حڪومت طرفان ڪيپنگ ختم ڪرڻ شرط آمريڪي ڊالر بي قابو ٿي ويو آهي، ڪرنسي جي ٻنهي مارڪيٽن ۾ رپئي جي بي قدري جو نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو، ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ 25 رپين تائين واڌ رڪارڊ، 255 رپيا 43 پئسن تائين پهچي ويو، اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر وڏي اڏام ڀري آهي، يڪدم 12 رپيا واڌ بعد 255 رپين جي سطح تي اچي ويو، جنهن بعد جولائي 2022ع جو سڀ کان وڏي اگهه وارو رڪارڊ به ٽٽي ويو آهي. آمريڪي ڊالر جي ريٽ تي لڳل اي ڪيپ ختم ٿيڻ بعد ڊالر بي قابو ٿي ويو آهي. ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن جي شروعات ۾ ئي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 230 رپيا 89 پئسن مان وڌي 255 رپيا 43 پئسن جي مٿانهين سطح تي پهچي ويو، اهو ملڪي تاريخ ۾ ڊالر جو سڀ کان وڏو ريٽ آهي. ان کان اڳ گذريل سال 28 جولا تي ڊالر جو اگهه 239 رپيا 94 پئسن تائين پهتو هو. مارڪيٽ جي ذريعن موجب ڊالر وڪرو ڪندڙ 240 کان 252 رپين تائين گهري رهيا آهن، بئنڪون جيڪو ريٽ ڏئي رهيون آهن، ان تي ڏيتي ليتي نه پئي ٿئي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جا 235 کان 240 رپين تائين سودا ٿيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڪسچينج ڪمپنين طرفان ڊالر کي آزاد ڪرڻ واري فيصلي سان پاڪستاني رپئي جو قدر رڪارڊ حد تائين گهٽجي ويو آهي، ڪرنسي جي ٻنهي مارڪيٽن ۾ آمريڪي ڊالر وڏي اڏام ڀري آهي، خاص طور تي اوپن مارڪيٽ ۾ وڏو جمپ لڳائي 12 رپيا وڌيو ۽ 255 رپين جي سطح تي اچي ويو آهي. مارڪيٽ ۾ ڊالر جي رسد نه ٿيڻ ڪري ان ڳالهه جو اڳواٽ امڪان موجود هو ته ڊالر جو اوپن ريٽ 250 رپين جي سطح کان مٿي هليو ويندو. ملڪ ۾ مٽاسٽا واري ناڻي جي بحران سبب جولا کان وٺي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپيو مستقل دٻا جو شڪار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button