پاڪستانپنجاب

عمران خان جو ويجهو ساٿي پهرين جهلجي ها ته سولائي ٿي وڃي ها:پرويز الاهي

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ (ق) جي صوبائي صدر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته عمران خان سان گڏ ويٺل 3- 4 ماڻهن مان هڪ همراهه جهلجي پيو آهي، جيڪڏهن پهرين پڪڙجي ها ته اسان جو ڪم سولو ٿي پوي ها، مان عمران خان کي چئي چئي ٿڪجي پيس ته پنجاب ۾ اڃا ڪم ڪرڻ ڏيو پر منهنجي ڳالهه ڪنهن به نه ٻڌي. لاهور ۾ ق ليگ جي ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي پرويز الاهي چيو ته مون تحريڪ انصاف وارن کي ڏاڍو سمجهايو ته في الحال ڪم ڪرڻو ڏيو، پنجاب اسيمبلي نه ٽوڙيو پر منهنجي هڪ نه ٻڌي وئي، اسان ساڍن پنجن مهينن ۾ پنجن سالن جيترو ڪم ڪيو، مان چئي چئي ٿڪجي پيس ته في الحال ڪم ڪرڻ ڏيو، هاڻي جڏهن پنجاب اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي آهي ته ڏسو، ڪهڙو حشر ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ سال وڌيڪ ڪم ڪريون ها ته پنجاب ۾ نواز ليگ کي خبر پئجي وڃي ها ۽ سندن ڪپڙا به نه لڀن ها، نواز ليگ وارا هاڻي چون ٿا ته شڪر آهي جو اسيمبلي ٽٽي وئي نه ته اسان جي سياست ئي ختم ٿي وڃي ها. اڳوڻي وزيراعليٰ چيو ته عمران خان جي ويجهو رهندڙ ماڻهن ئي پارٽي جي پاڙ پٽي آهي، 4- 5 ويجهن ماڻهن مان هڪ جهلجي پيو آهي، سڌي ڳالهه ڪندس، جيڪڏهن اهو همراهه پهرين گرفتار ٿئي ها ته اسان جو ڪم سولو ٿي وڃي ها، مون کي الله تعاليٰ جي ڪرم ۽ عمران خان جي اعتماد سان پنجاب ۾ وڏ وزارت ملي، عمران خان اڄ به پاڪستان جو سڀ کان مقبول سياسي ليڊر آهي، باقي شهباز شريف کي سوا هٿ ٽنگڻ جي ٻيو ڪجهه نه ايندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button