پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڊالر جي پٺيان سون جو اگهه به چوٽ چڙهي ويو، في تولو 4900 رپيا مهانگو

آمريڪي ڊالر چوٽ چڙهڻ بعد سون جو اگهه به آسمان تي پهچي ويو، في تولو 4 هزار 900 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد هڪ لک 95 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي. تفصيل موجب ملڪ ۾ سون جو اگهه به تاريخ جي سڀ کان مٿانهين سطح تي پهچي وئي آهي. ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن في تولو سون جي اگهه ۾ 4 هزار 900 رپيا واڌ ٿي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 4201 رپيا مهانگو ٿي ويو، 10 گرام سون هاڻي هڪ لک 67 هزار 610 رپين جي سطح تي اچي ويو آهي. هوڏانهن ڊالر جي قدر ۾ تاريخي واڌ سان گڏوگڏ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به وڏي تيزي ڏٺي وئي. جتي ڪاروبار جي حوالي سان مثبت ڏينهن رهيو، 100 انڊيڪس 1061 پوائنٽون اضافي سان 40846 تي پهچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button