پاڪستانپنجابرانديون

پنجاب جي نگران ڪابينا ۾ ڪرڪيٽر جي انٽري، وهاب رياض راندين جو صوبائي وزير نامزد

پنجاب جي نامزد 11 نگران وزيرن مان اٺن ڄڻن گورنر بليغ الرحمان کان عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر وهاب رياض به نگران ڪابينا ۾ شامل آهي. رات دير سان گورنر هائوس ۾ حلف کڻندڙ وزيرن ۾ ايس ايم تنوير، ڊاڪٽر جاويد اڪرم، ابراهيم مراد، بلال افضل، ڊاڪٽر جمال ناصر، منصور قادر، سيد اظفر علي ناصر ۽ عامر مير شامل آهن. ٻن نامزد ميمبرن ۾ تمڪنت ڪريم ۽ نسيم صادق نگران وزير طور قسم کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو سبب سامهون نه اچي سگهيو آهي. ذريعن موجب قومي ٽيم جو فاسٽ بالر وهاب رياض پرڏيهه ۾ هجڻ ڪري حلف نه کڻي سگهيو. وهاب رياض ميڊيا سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هو پاڪستان واپس اچي پنجاب ۾ راندين جي صوبائي وزير طور ذميواريون سنڀاليندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button