اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارعالمي

پاڪستان ۽ آئي ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون 31 جنوري تي ٿينديون

واشنگنٽن :پاڪستان ۽ آ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين لا شيڊيول طئي ٿي ويو، جنوري جي آخري هفتي ۾ 9 فيبروري تائين ڳالهيون جاري رهنديون. تفصيل موجب عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته نائين اقتصادي جائزي تي ڳالهه ٻولهه لاءِ جنوري جي آخر ۾ هڪ وفد پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٿر پيريز روئز ٻڌايو ته پاڪستان جي درخواست تي هڪ وفد ايڪسٽنڊڊ فنڊ فيسيلٽي (اي ايف ايف) تحت نائين جائزي بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ 31 جنوري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. هن چيو ته اِهو مشن مقامي پرڏيهي سطح تي معاشي استحڪام کي بحال ڪرڻ وارن پاليسين تي ڌيان ڏيندو، جنهن ۾ پائيدار ۽ اعلي معياري قدمن سان گڏ مالياتي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙن جي مدد ڪرڻ شامل آهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي پاليسي ۾ پاور سيڪٽر جي ڪارڪردگي کي بحال ڪرڻ، گردشي قرضن ۾ مسلسل واڌ کي روڪڻ ۽ ايف ايڪس مارڪيٽ جي ڪم جي بحالي شامل آهي. آءِ ايم ايف جي نمائندي جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاليسي جي سطح تي جاندار ڪوششون ۽ سڌارا موجودا غيريقيني واري صورتحال کي گهٽائڻ لاءِ اهم آهن ۽ انهن ئي بنيادن تي پاڪستان پنهنجن ڀائيوارن کان مالياتي سهڪار حاصل ڪري سگهندو جيڪو پاڪستان جي پائيدار ترقي لاءِ گهڻو ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button