اسلام آبادپاڪستان

شهباز شريف،زرداري ۽ فضل الرحمان ۾ ملاقات،سياسي صورتحال تي مشورا

اسلام آباد :اتحادي حڪومت شامل جماعتن پاڪستان مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءَ اسلام جي اعليٰ قيادت جي ملاقات ٿي جنهن ۾ عام چونڊن بابت نئين حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت چونڊون نئين ڊيجيٽل آدمشماري تحت ڪرائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين اتحادين سان ملاقات ۾ ان حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، ملاقات ۾ پنجاب ۾ چونڊن وارن معاملن تي به مشاورت ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت چونڊون نئين آدمشماري تحت ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ تي به غور ڪيو آهي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن پهريان ئي چڪي چڪو آهي ته نئين آدمشماري کانپوءِ نين تڪبندين ۾ ڇهه مهينا لڳي ويندا جڏهن ته پنجاب جا نوي ڏينهن 14 اپريل ۽ ڪي پي ڪي جا 18 اپريل تي پورا ٿي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button