اسلام آبادپاڪستان

نٿا چاهيون ته پاڪ-ڀارت سرحد تي لاش ڪرن:حنا رباني

اسلام آباد :مملڪتي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته اسان بلڪل به سرحدن تي ڇڪتاڻ جي حق نه آهيون ۽ نٿا چاهيون ٿا ته سرحدن تي ڇڪتاڻ سبب ٻنهي پاسي لاش ڪرن. سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران حنا رباني کر چيو ته اسان خطي ۾ رتوڇاڻ نٿا چاهيون ڇاڪاڻ ته اسان جي پاليسي واضح آهي ته اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، اسان کي سياست بدران رياستي پاليسي کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل مذهبي تحفظ حاصل آهي پر ڀارت ۾ اقليتن سان ڏاڍو برو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڀارت جي ناڪاري رويي باوجود پاڪستان امن جي رستي تي هلندو رهندو، ايل او سي تي پاڪستان ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽتائي آئي آهي. هن ڀارتي وزيراعظم کي تنقيد جو نشانوبڻائيندي چيو ته برطانوي خابرو اداري پاران ٺاهيل ڊاڪيومينٽري ۾ مودي جي اصل ڪردار کي وائکو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button