اسلام آبادپاڪستان

عمران کي گرفتار ڪيو ويو ته سخت عوامي ردعمل ايندو:صدر

اسلام آباد : صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ته ان تي سخت عوامي ردعمل ايندو. اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي صدر جو چوڻ هو ته عمران خان جي گرفتاري تي حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون ۽ ائين نه ٿيڻ گهرجي ڇو جو سخت عوامي ردعمل ايندو. هن چيو ته فواد چوڌري جي معاملي تي پارٽيءَ مون سان ڪو رابطو ناهي ڪيو، کيس جنهن نموني هٿڪڙيون لڳايون ويون اِهو عمل شرم جوڳو هو. صدر چيو ته سياسي ميدان ۾ حڪومت طرفان ڏيڍ مهيني دوران ڳالهين ۾ ڪائي اڳڀرائي ناهي ڪئي وئي. هن وقت ڪنهن به سطح تي ڳالهيون ناهن ٿي رهيون، عمران خان ڳالهين کان انڪاري ناهي، مان ان جو ذميوار حڪومت کي سمجهان ٿو. هن چيو ته منهنجو اسٽيبلشمينٽ سان ڪو رابطو نه آهي، منهنجو خيال هو ته ماڻهو ڳالهين جي ميز تي ايندا. فوج چئي چڪي آهي ته هو هاڻ نيوٽرل آهي، هن وقت مُلڪ کي ضرورت آهي ته ماڻهو ڳالهين جي ميز تي اچن. سياستدانن کي پاڻ ان خال کي ڀرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته اسحاق ڊار سان ڳالهين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي هئي، وزيراعظم سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته جيڪو فيصلو ڪري اُهو ذميواري سان ڪري. پاڪستان ۾ مائنس ون وارو فارمولو ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿيو، انشاءَ الله مُلڪ جو ڏيوالو نه نڪرندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button