رانديون

آسٽريليا ويمن ٻئي ٽي 20 ۾ بھ پاڪستان کي هارائي سيريز کٽي ورتي

آسٽريليا ويمن ٻئي ٽي 20 ۾ بھ پاڪستان کي هارائي سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق هوبارٽ ۾ ٽن ميچن واري ٽي 20 سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستاني بيٽرن 7 وڪيٽن تي 96 رنسون ڪيون، جنهن ۾ منيبا علي 33 ۽ ڪپتان بسما معروف 29 رنسن سان نمايان رهيون، عميما سهيل 10 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. جڏهن تھ 5 بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ رهيون. آسٽريلوي بالرن مان ايلانا ڪنگ 2، ڊراسي برائون، گريس هيريس، جيس جوناسن، انابيل سدرلينڊ ۽ ايشلي گارڊنر بھ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي آهي. آسٽريلوي بيٽرن مان بيٿ موني 46، ميگ ليننگ 31 ۽ ٽهليا مڪگراٿ 14 رنسن سان ٽيم کي 8 وڪيٽن تان ڪاميابي ڏياري ڇڏي. جڏهن تھ پاڪستاني بالر ندا ڊار 2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button