ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام

Editorial

ڳڻپ کاتي هفتيوار مهانگائي جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن ڳڻپ کاتي موجب هڪ هفتي ۾ 25 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، 6 شين جي اگهن ۾ لاٿ ۽ 20 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو. ڳڻپ کاتي ٻڌايو آهي ته في ڪلو بصر جي قيمت ۾ 13 رپين کان وڌيڪ ۽ ايل پي جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت ۾ 136 رپين تائين واڌ ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چانورن جي في ڪلو قيمت 5 رپين کان وڌيڪ، ٽماٽو في ڪلو 2 رپيا 18 پئسا مهانگو ٿيو آهي. ڳڻپ کاتي موجب 20 ڪلو اٽو 33 رپيا، ماش جي دال 3 رپيا ۽ مڱن جي دال 4 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي آهي. ٻئي طرف ڪراچي جي هول سيل واپارين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن بندرگاهه تي دالين کي فوري طور ڪليئرنس نه ملي ته سڄي ملڪ ۾ دالين جو بحران پيدا ٿي ويندو. ايڪسپريس نيوز موجب هول سيل مارڪيٽ ۾ دالين جو صرف 15 ڏينهن جو ذخيرو بچيو آهي، هول سيل ڊيلرز جو چوڻ آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ واڌ باوجود اسان جا ڪنٽينر نٿا ڇڏيا وڃن، جنهن سبب دالين جا هزارين ڪنٽينر بندرگاهه تي ڦاٿل آهن ۽ مارڪيٽ ۾ دال جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ڊيلرن موجب رمضان المبارڪ ويجهو اچڻ ڪري دالين جي طلب وڌي وئي آهي ۽ هاڻي رمضان المبارڪ ۾ شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، ڇو ته امپورٽ ٿيل شين جي ڪنٽينر تي دير وارو هرجاڻو معاف نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب شين جا اگهه 25 سيڪڙو وڌي ويا آهن، جيڪڏهن سامان بروقت ڪليئر ڪيو وڃي ته دالين جي اگهن ۾ 100 رپيا في ڪلو تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.
هوڏانهن ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي الله قائم ڪيو آهي ۽ اهو اڪيلو ملڪ آهي، جيڪو ڪلمي جي نالي تي ٺهيو، ان جي ترقي ۽ خوشحالي الله جي ذمي آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته جيڪو ڊرامو 5 سال اڳ شروع ٿيو، پاڪستان اڄ ان جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي. نواز شريف جي دور ۾ معيشت مضبوط ٿي رهي هئي، اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ڏکڻ ايشيا ۾ بهترين هئي ۽ دنيا ۾ پنجين نمبر تي هئي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي وڏا چئلينج مليا آهن، شهباز شريف جي ليڊرشپ ۾ سڄي ٽيم رات ڏينهن محنت ڪري رهي آهي. نيت ۽ محنت جي ضرورت آهي، پاڪستان ترقي ڪندو، ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ته حالتون بهتر ڪيون. ڪوشش ڪنداسين ته چونڊن کان اڳ بهتري آڻيون، توهان وٽ تاريخ موجود آهي ته معيشت جي بهتري لاءِ ڪنهن ڪم ڪيو. سندس چوڻ هو ته الله همت ڏيندو، منهنجو ايمان آهي ته پاڪستان ترقي ڪندو، الله پاڪستان کي قائم ڪيو ۽ هي اڪيلو ملڪ آهي، جيڪو ڪلمي جي نالي تي ٺهيو. سعودي عرب به ڪلمي جي نالي تي نه ٺهيو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي الله جي ذمي آهي. ٻئي طرف ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي معيشت جي معاملي تي لائيو مناظري جو چئلينج ڏئي ڇڏيو. پنهنجي وڊيو بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته عمران خان اچي مون سان مناظرو ڪري، عمران خان هر هر غلط بياني ۽ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. هن چيو ته موجوده ملڪي حالتن جو ذميوار عمران خان آهي، عمران خان اڄ وري معيشت جا غلط انگ اکر پيش ڪيا، اسان وٽ چوائس هئي ته سياست بچايون يا رياست. سندس موجب عمران خان جو هدف آهي ته جيڪڏهن ان جي حڪومت نه رهي ته رياست به نه رهي، مان عمران نيازي کي آئينو ڏيکاريندس، معاشي بدحالي جا ذميوار اسان نه عمران خان آهي.
عوام کي کائڻ لا ماني نه پئي ملي ۽ حڪمران سنجيده نظر نه پيا اچن، ناڻي وارو وزير آخر ڪيستائين اڳوڻي حڪومت تي ملبو ڪيرائي پنهنجي جند آجي ڪرائيندو رهندو؟ اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته مهانگائي تي جلد ضابطو آڻي عوام کي بک مرڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button