ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بلدياتي چونڊون ۽ ڪراچي جو سياسي منظرنامون

Editorial-Article- Hameed Soomro

15 جنوري تي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ٿي گذريو جنھن ۾ سنڌ جي ٻن ڊويزنن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي 16 ضلعن ۾ چونڊون ٿي گُذريون. ساڳئي سلسلي ۾ گذريل سال سنڌ جي چئن ڊويزنن لاڙڪاڻو، سکر، شھيد بينظيرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي 14 ضلعن ۾ چونڊون ٿيون ھيون جنھن ۾ حُڪمران پيپلزپارٽِي نه صرف ٻھراڙين بلڪه وڏن شھرن جتي اردو آبادي ڳالھائيندڙن جو جهجهو تعداد موجود آھي جهڙوڪ سکر، ميرپور خاص، نوابشاهھ ۽ ميرپورخاص ۾ به اڪثريتي ڌر ٿي اڀري ھئي ائين ئي تازو ٿيل مڪاني چونڊون جنھن جو ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪيو ھيو ان ۾ مٽياري ۽ ميھڙ جي ميونسپل ڪميٽين کان سواءِ حيدرآباد ڊويزن جي اڪثر بلدياتي ادارن ۾ به پيپلز پارٽي جا اميدوار چونڊ کٽي آيا آھن جن ۾ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن به شامل آھي. ائين ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ به پيپلز پارٽي سڀ کان وڏي پارٽي ٿي سامھون آئي آھي. جيڪو ئي خاص دلچسپي ۽ توجهه جو سبب سياسي بحث مباحثي جو موضوع بڻيل آھي.
ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ستن ضلعن تي مشتمل آھي جيڪي ٽائون ميونسپل ڪميٽيون به آھن. گُذريل آدمشماري ۽ نئين تڪبندي کانپوءِ ڪراچي کي 246 يونين ڪميٽِن ۾ ورھايو ويو آھي جنھن مطابق ڪراچي سينٽرل ۾ 45، ڪراچي اوڀر ۾ 43، ملير 30، ڪراچي اولهھ 33، ڪراچي ڏکڻ ۾ 26، ڪورنگي ۾ 37، ڪيماڙي ۾ 32 يونين ڪميٽيون آھن. جن ۾ ڪجهھ يونين ڪميٽيون گهٽ وڌ آبادي ھجڻ ڪري تڪراري آھن. جڏھن ته ڪراچي جون پسگردايون جيڪي اڳ ضلع ڪائونسل ڪراچي جي تشڪيل ڏينديون ھيون انھن کي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن اندر شامل ڪرڻ تي به ايم ڪيو ايم سميت ڪجھه سياسي حلقن کي اعتراض آھن. نسبتن پرامن ۽ گهٽ ووٽر ٽرن آئوٽ رکندي 15 جنوري تي 235 يونين ڪميٽين جي چونڊ ٿي گذري، 6 يونين ڪميٽين جا نتيجا رڪيل آھن جڏھن ته 229 يونين ڪميٽين جا سرڪاري نتيجا ظاھر ڪيا ويا آھن. جنھن مطابق پيپلز پارٽي 91 يونين ڪميٽيون کٽي پھرين، جماعت اسلامي 86 ۽ تحريڪ انصاف 42 سيٽن سان ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي آھن. جڏھن ته ضلع وار سينٽرل ۾ پيپلز پارٽي 4، جماعت اسلامي 37 جڏھن ته پي ٽي آءِ ھڪ سيٽ، ضلع اوڀر ۾ پيپلز پارٽي 14، جماعت اسلامي 19 جڏھن ته پي ٽي آءِ 9 يونينن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي.
ملير ۾ پيپلز پارٽي 20، جماعت اسلامي 3 ۽ تحريڪ انصاف 4 سيٽون، ضلع اولهھ ۾ پيپلز پارٽي 9، جماعت اسلامي 5، پي ٽِي آءِ 9، ضلع ڏکڻ ۾ پيپلز پارٽي 15، جماعت اسلامي ٻُڙِي، پي ٽي آءِ 9، ضلع ڪورنگي ۾ پ پ پ 3، جماعت اسلامي 21، پي ٽي آءِ 8، ضلع ڪياماڙي ۾ پيپلز پارٽي 26، جماعت اسلامي ٻُڙي، جڏھن ته پي ٽي آءِ 2 سيٽون حاصل ڪيون آھن. مسلم ليگ نواز 2 يونين ڪميٽيون ضلع ملير، 2 ضلع ڪورنگي جڏھن ته ٽي ضلع ڪياماڙي مان حاصل ڪيون آھن، جي يو آءِ ٻه يونين ڪميٽيون ضلع اولهھ ۾ جڏھن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان صرف ھڪ سيٽ ضلع سائوٿ مان کٽي آھي. پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف ھر ضلع مان نمائندگي حاصل ڪئي آھي جڏھن ته ڪراچي ميئر جي دعويدار جماعت اسلامي ضلع ڏکڻ ۽ ڪياماڙي مان ڪا به سيٽ نه کٽي آھي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان جيڪا گذريل عام چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي جي ھڪ سيٽ کٽڻ سان گڏ ڪراچي شھر جي ٽيون نمبر وڏي پارٽي ٿي بلاول ڀٽو جا ووٽ کارڻ ۽ کيس ِشڪست ڏيارڻ جو مک سبب ھئي اھا موجودہ بلدياتي ادارن جي چونڊ ۾ صرف ھڪ يونين ڪميٽي کٽي سگهي آھي. نواز ليگ گذريل عام چونڊن ۾ ڪراچي جي اھم ڌر ھئي انھي جي حصي ۾ صرف ست يونين ڪميٽيون آيون آھن،
تحريڪ انصاف جنھن ڪراچي مان 14 قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ويھه سنڌ اسيمبلي ميمبر چونڊرايا ھيا، اھا ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ باوجود لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي آھي. جماعت اسلامي جنھن جو گذريل عام چونڊن ۾ صرف ھڪ سنڌ اسيمبلي ميمبر ھيو اھا ھن ڀيري 86 سيٽون ڪڍي آئي آھي. 2015 جي بلدياتي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم وڌي چڙھي حصو ورتو ھيو ۽ ڪراچي جي انتظامي مشينري تي ان جي آھني پڪڙ ھُئي. انھي چونڊ ۾ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ 209 يونين ڪاميٽيون ھيون جن ۾ ايم ڪيو ايم 135، پيپلز پارٽي 24، مسلم ليگ نواز 19، تحريڪ انصاف ڏھه، جماعت اسلامي ست، جي يو آءِ ف، عوامي نيشنل پارٽي ھڪ ھڪ سيٽ حاصل ڪئي ھُئي. ايم ڪيو ايم ضلع سينٽرل مان ان وقت 51 مان 50،ضلع اوڀر مان 31 مان ويهھ، ڪورنگي جي 37 مان 33 سيٽون کٽي ويئي ھئي. جڏھن ته پيپلز پارٽي ملير مان صرف 4، ضلع ڏکڻ مان ڏهھ سيٽون کٽيون ھيون جڏھن ته نواز ليگ ضلع اولهھ جي 46 سيٽن مان ايم ڪيو ايم جي 21 سيٽن کان پوءِ 9 سيٽون کڻي ٻئي نمبر تي بيٺل ھئي. 2005 جي بلدياتي چونڊ ۾ حق پرست (ايم ڪيو ايم) 178 مان 105، الخدمت(جماعت اسلامي) 38 ۽ عوام دوست ( پ پ پ) 25 سيٽون کنيون ھيون.
پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي ڪراچي جي چونڊ سياست ۾ 1970 کان موجود آھن انھي چونڊ ۾ به پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي ستن قومي اسيمبلي جي تڪن مان ٻن ٻن ۾ ڪامياب ٿيون ھيون. ڪراچي سينٽرل، ڪراچي اوڀر ۽ ھاڻوڪي ڪورنگي جي ضلعن ۾ اردو آبادي ڳالھائيندڙن جي اڪثريت آھي جڏھن ته ضلع ملير، ضلع ڏکڻ ، ضلع اولهھ ۽ ضلعو ڪياماڙي سنڌي، پنجابي، پٺاڻ، بلوچي، سرائيڪي، ڪشميري، گلگتي سميت ٻين ٻولين ڳالھائيندڙ ماڻھن جا علائقا آھن جن چئن ضلعن ۾ صرف ضلعو ڏکڻ نسبتن خوشحال آھي جتي سياسي پارٽين جي چونڊ سگھه تبديل پئي ٿيندي رھي آھي. ضلع اولهھ مان 1988 ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار امير حيدر ڪاظمي چونڊ کٽي ھئي. آڪٽوبر 2007 ۾ جڏھن خودساخته جلاوطني کان پوءِ بينظير ڀٽو ملڪ واپس موٽي ته ھن ڪراچي لھڻ جو فيصلو ڪيو، انھي پاور شو ۾ موجود جمغفير جنھن تي ڪارساز وٽ خودڪش حملو ٿيو ۽ ذري گهٽ ٻه سئو ماڻھو مارجي ويا ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ جا ماڻھو ھيا جن ۾ اردو آبادي ڳالھائيندڙ خاندان به ٻارين ٻچين شريڪ ٿيڻ جون خبرون آيون ھيون.
ايم ڪيو ايم جي ٻولي جي بنياد تي سياست ۽ جماعت اسلامي جي مذھبي سياست ڪاسموپوليٽن رنگ ۾ رنڱيل ڪراچي لاءِ مناسب نه ھيو انڪري چئي سگهجي ٿو ته 2018 جي چونڊ ۾ ھٿرادو مينڊيٽ سميت عمران خان جي ڪجهھ ھوا به ڪراچي ۾ گهُلي ھئي جيڪو ايم ڪيو ايم لاءِ وڏو ڌچڪو ثابت ٿيو. انھن چونڊن ۾ پيپلز پارٽِي جي سعيد غني جو اختر ڪالوني تڪ مان سنڌ اسيمبلي جي سيٽ کٽڻ به نئين ڳالهھ ھئي. ائين پ پ پ جي ٽڪيٽ تان پٺاڻ ووٽ جي سگھه سان عبدالقادر مندوخيل جو ڪراچي اولھه مان شھباز شريف واري سيٽ تي مفتاح اسماعيل کي ھارائڻ به اھم ھيو. گذريل سال جڏھن عمران خان ھڪ ئي وقت ملڪ ۾ نون خالي تڪن تي چونڊ وڙھي ته ان ۾ ملير وارو قومي اسيمبلي جو تڪ به شامل ھيو جنھن مان پ پ پ اميدوار عبدالحڪيم بلوچ کان ڏھه ھزار ووٽن تان ھارائي ويو.
پيپلز پارٽي گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ حُڪومت ۾ آھي ۽ ڪراچي کي گذريل بلدياتي ادارن جي مدت ختم ٿيڻ کانپوءِ ايڊمنسٽريٽر ذريعي پ پ پ ھلايو آھي. پيپلز بس سروس، ڪجھه روڊ رستا انڊر پاس ٺھڻ، شھر جو گند ڪچرو کڻڻ، پبلڪ پارڪ ٺاھڻ کانسواءِ صحت جي ادارن جي سروس ۾ به نظر اچڻ جھڙي بھتري آئي آھي ائين پھرين فيبروري کان عورتن لاءِ ھر ويھن منٽن ۾ گلابي بس ھلائڻ جو اعلان توجھه ڇڪائيندڙ ۽ ٽرانسپورٽ جي اڻاٺ جي اذيت ڀوڳيندڙ عورت لاءِ ھيانُ تي ڇنڊي برابر آھي. ليڪن سنڌ ۾ جنھن گُر پيپلزپارٽي کي گُذريل ڪجھه چونڊن ۾ فائدو ڏنو آھي اھو ووٽ بينڪ رکندڙ ماڻھن کي پاڻ سان جوڙي رکڻ آھي جنھن حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نوابشاهھ شھرن ۾ به مختلف چونڊ نتيجا ڏنا آھن ائين شايد ڪراچي ۾ به ٿيو آھي. الطاف حسين جي سايه عاطفت مان ايم ڪيو ايم جي نڪرڻ به مخالف سياست سميت پ پ پ کي فائدو ڏنو آھي. ايم ڪيو ايم 2018 کانپوءِ ڪراچي ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ اميدوار نه ھجڻ باوجود پي ٽي آءِ کان ھارائيندي پئي رھي آھي. جنھن اھڃاڻ پئي ڏنا ته ڪراچي مختلف موڊ ۾ آھي. ايم ڪيو ايم جي موجوده بائيڪاٽ حيدرآباد ميونسپل ۾ شايد پيپلز پارٽي کي فائدو ڏنو ھجي ليڪن ان بائيڪاٽ جو ڪراچي ۾ فائدو پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي کي ٿيو آھي جيڪو ايم ڪيو ايم جي مضبوط ڳڙھن سينٽرل، ڪورنگي ۽ ايسٽ جي نتيجن مان ظاھر آھي. صرف ضلع اوڀر جي گڏيل آبادي وارن علائقن مان پيپلز پارٽي 14 يونينن ڪميٽيون ڪڍي سگهي آھي. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ناقص ڪارڪردگي سميت مخصوص لساني اقليت کي مڙھڻ جو ردعمل باقي سياسي، لساني گروھن ۽ ڌرين جي وڌندڙ سرگرمي ۾ به نظر اچي رھيو آھي. ضياءُ الحق جي دور کان پوءِ پيپلز پارٽي ڪراچي وچ شھر ۾ جلسو نه ڪري سگهندي ھئي ويجهڙ ۾ ان ايم ڪيو ايم جي ڳڙھه ڪراچي سينٽرل سميت نشتر پارڪ ۾ به وڏا جلسا پئي ڪيا آھن. ائين سنڌ جي باقي ڌرين جي سياسي ۽ مسلسل سگهارين ثقافتي سرگرمين به خاموش سمنڊ ۾ ڇوليون پيدا ڪيون آھن جڏھن ته بحريه ٽائون خلاف سرگرمي به غيرمعمولي اٿل پٿل جو ڪارڻ بڻي آھي. نئين حڪمت عملي ھيٺ پيپلز پارٽي مھاجر آبادي اندر به داخل ٿيڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي آھي ۽ جڏھن جلسا ۽ سرگرميون ٿين ٿيون ته پينافليڪس تي “پيپلز پارٽي حيدرآباد” “پيپلز پارٽي ڪراچي” لکي ۽ ڄاڻائي شھرن ۾ الڳ نموني سياسي سرگرمي ڪري مسئلا کنيا وڃن ٿا انڪري جيئي ڀٽو جيئي مھاجر جا انوکا نعرا به ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا.
ايم ڪيو ايم جي ڪمزوري جو خلا پيپلز پارٽي ڊگهِي عرصي کان حُڪومت ۾ ھجڻ جو فائدو، بھتر منصوبه بندي، اليڪشن مينيجمينٽ ذريعي پر ڪري رھي آھي. پيپلز پارٽي ھن وقت ملڪ جي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي سڀ کان ڀروسي وارو اتحادي آھي ۽ سنڌ ملڪ جو اھو صوبو آھي جنھن ۾ شانتي وارو ماحول آھي جيڪو بحران ۾ ڦاٿل اسٽيبلشمينٽ وٽ ڪيش ٿي رھيو آھي. انھي سموري وارتا جا اثرات ڪراچي جي آئينده جي سياست تي پئجي رھيا آھن جنھنجو اھڃاڻ جنوري 2023 جي بلدياتي چونڊ ۾ ڏسجي رھيو آھي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ چٽو ٿي سامھون ايندو. جيڪو ڪجھه ڪراچي ۾ ظاھر ٿيو آھي اھو فلم پٺاڻ جي گاني “ھمين تو لوٽ ليا ملڪي عشق والون ني” جي “پرومو” جيان آھي ليڪن جڏھن فلم رليز ٿي ته مسلمان پٺاڻ جي ڪردار وارو شاھه رخ خان ڪوئي مسلمان طور نه بلڪه را جي ايجنٽ جي روپ ۾ ھندوستاني محب وطن ٿي سامھون آيو ۽ پوءِ باڪس آفيس تي فلم پٺاڻ ھڪ سئو ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو رڪارڊ ڪاروبار ڪري ويئي. ڪراچي ھڪ اھم سياسي تبديلي ۽ تاريخ جي اھم موڙ تي دستڪ ڏئي پئي شال اھا ڪراچي، ڪراچي ميٽرو پوليٽن واسين سميت سنڌ واسين لاءِ ڪا نئين سال جي بھتر نويد ھجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button