ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مريم نواز جي واپسي ۽ کيس مليل ٽاسڪ

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ڪجهه ڏينهن اڳ نامزد چيف آرگنائيزر ۽ ملڪي عدالتن مان سزا کاڌل اڳوڻي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جي نياڻي مريم نواز لڳ ڀڳ ڇهه مهينا لنڊن ۾ پنهنجي والد سان گڏ رهڻ کان پوءِ پنهنجي والد جو ڪارڪنن لاءِ پيغام کڻي ڇنڇر ڏينهن منجهند جو وايا دبئي لاهور پهچي وئي، جتي هزارن جي انگ ۾ (ن) ليگي ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻن ايئرپورٽ تي پرجوش استقبال ڪيو آهي. کيس هڪ جلوس جي صورت ۾ جلسي گاهه آندو ويو، جتي هن ڪارڪنن کي خطاب ڪيو ۽ پنهنجي والد صاحب جو پيغام پهچايو. آجيان ڪندڙن ۾ جيڪي خاص چهرا نظر آيا تن ۾ خواجا آصف ۽ اعظم تارڙ شامل هئا.
دبئي ۾ مختصر قيام دوران هن اتان جي ڪارڪنن سان به ملي کين پنهنجي والد جو پيغام به ڏنو ۽ پرڏيهه ويهي (ن) ليگ لاءِ جاکوڙڻ کي ساراهيو. اهي به اطلاع آهن ته دبئي ۾ هن اتي موجود ڪجهه سياسي قيادت سان به ملاقاتون ڪيون آهن، جيڪي پاڪستان ورڻ ۽ (ن) ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي خواهشمند آهي. (ن) ليگ اهڙن سياسي اڳواڻن جا نالا ڳجها رکيا آهن پر سياسي حلقن موجب محترمه اتي موجود پاڪستان متحده قومي ممومينٽ جي ڪن ڪردارن سان به ملي آهي.
مريم نواز ڇهه مهينا اڳ پي ڊي ايم سرڪار ۽ پنهنجي چاچي جي پاليسين ۽ روين کان ڪاوڙجي لنڊن هلي وئي هئي پر بظاهر اهو تاثر ڏنو ويو هو ته هو پنهنجي والد جي خيريت پڇا ڪرڻ لاءِ لنڊن ويل آهي. مريم نواز جي لنڊن پهچڻ کان پوءِ وزيراعظم ميان شهباز شريف خواجا آصف ۽ ٻي قيادت به ترت طور لنڊن پهتي هئي، جتي (ن) ليگ جي سياسي ساک کي پهتل نقصان کان سواءِ (ن) ليگ کي پنجاب، خاص ڪري وفاق ۾ ضمني چونڊن ۾ مليل شڪست ۽ گهٽجندڙ مقبوليت بابت غور ويچار ٿيو هو. جنهن کان پوءِ ميان محمد نواز شريف حالتن کي نظر ۾ رکندي مريم نواز کي چيف آرگنائيزر جي اهم ذميواري سونپي کيس ترت واپس وطن ورڻ جو چيو ويو، جيڪا ڇنڇر تي واپس پهتي آهي.
اهي به اطلاع آهن ته وطن واپس ورڻ تي مريم نواز جي ڀرپور آجيان جو فيصلو ڪيو ويو هو پر (ن) ليگ جي هڪ ڌڙي وڏي پئماني تي آجيان ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي، جنهنڪري آجيان کي مختصر ڪيو ويو. سڀني ڏٺو ته آجيان ڪندڙن ۾ (ن) ليگي قيادت گهٽ ڏسڻ ۾ آئي ۽ جلسي گاهه ۾ به ڪارڪنن جو انگ گهٽ هو، جيڪو وڌيڪ هجڻ گهرجي ها. البت سندس حمايتي ڪارڪنن جو پوءِ به انگ وڌيڪ هو. جن ميان محمد نواز شريف سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو. مريم نواز ڪارڪنن کي پنهنجي خطاب ۾ پنهنجي والد جو ڪو خاص پيغام ٻڌائي نه سگهي، جيڪو بقول سندس ته پاڻ سان گڏ کڻي آئي آهي. البت هن ڪارڪنن کي خاطري ڪرائي ته سندس والد ۽ اوهان جو محبوب قائد جلد وطن واپس ورندو ۽ سندن وچ ۾ هوندو پر هوءَ ڪو به ٽائيم فريم ڏئي نه سگهي، جنهن مان لڳي ٿو ته ميان صاحب کي وطن ورڻ ۾ اڃا به ڪو وقت گهربل آهي. جڏهن ڪا کيس ڪلين چٽ ملي. هونئن به ميان صاحب عدالتن مان سزا ماڻي آهي ۽ هڪ قيدي جي حيثيت رکي ٿو ۽ جڏهن وري به عدالتون سندس ٻيهر ڪيس ٻڌن جنهن لاءِ کيس هڪ قيدي جيان وطن واپس ورڻو پوندس ۽ عدالتن ۾ پيش ٿي ڪيس وڙهڻو پوندس جو پاڻ عدالتي روپوش قرار ڏنل آهي. ميان صاحب هڪ قيدي جي صورت ۾ ورڻ جو ڪڏهن به فيصلو نه ڪندو سواءِ ڪنهن ڪلين چٽ ملڻ جي.
مريم نواز ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته جن ڪردارن سندس والد کي پنهنجي انتقامن جو نشانو بڻايو اهي آهستي آهستي وائکا ٿي رهيا آهن ۽ جڏهن به سندس والد کي سياسي طور سزائون ڏئي نا اهل ڪري ملڪ نيڪالي ڏني وئي آهي. هر ڀيري هن طاقت ماڻي آهي ۽ پوءِ به ملڪ کي ترقي وٺرائي خوشحال بڻايو ۽ هاڻ به ايئن ئي ٿيندو. هن والد جو اهو به پيغام ڏنو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ کان ڏک ۾ ورتل ۽ عوام لاءِ پريشان آهي. ملڪ کي مصيبتن مان ٻاهر ڪڍڻ جو سوچي رهيو آهي. هن معيشت تي به ڳالهايو ۽ چيو ته ان جي بحاليءَ ۾ ڪجهه دير لڳندي ۽ بيوسيءَ جو اظهار ڪيو، جنهن مان لڳي ٿو ته ملڪ اڃان به معاشي طور ڪمزور ٿيندو ۽ (ن) ليگ جي هٿن مان ڳالهه نڪري چڪي آهي جنهن کي سنڀالڻ مشڪل ئي لڳي ٿو. مريم نواز جي ڪارڪنن کي اها خاطري ته هاڻ عهدا ۽ ٽڪيٽون ميرٽ تي ملنديون ۽ اصل ڪارڪنن کي اڳيان آندو ويندو. اها خاطري به شڪي لڳي ٿي جو عام ڪارڪن وٽ چونڊون وڙهڻ جي سگهه ناهي نه وري اهي وڏيرن چوڌرين سردارن نوابن جو مقابلو ڪري سگهندا، سواءِ ان جي ته (ن) ليگ انهن جي ڪا پاڻ مدد ڪري.
مريم نواز کي جيڪو ٽاسڪ مليو آهي يا وري هو پروگرام کڻي آئي آهي، شايد ئي اڪيلي سر پورو ڪري سگهي جو پارٽيءَ ۾ هن وقت اندروني انتشار به آهي ۽ شايد ئي سندس چاچو وزيراعظم ميان شهباز شريف به هن سان ڪو سهڪار ڪري. ڇاڪاڻ ته ميان نواز شريف پنهنجي نياڻيءَ کي ئي ايندڙ وقت ۾ وزيراعظم جهڙي منصب تي ويهارڻ چاهي ٿو. پوءِ ڇو نه ان ۾ ٻيا پنج سال به لڳن. جيتوڻيڪ هن پنهنجي چاچي جو به شڪريو ادا ڪيو ۽ سندس رهنمائي وٺڻ جو به ذڪر ڪيو پر هو ذهني طور پنهنجي چاچي شهباز شريف کي هڪ ناڪام وزيراعظم طور ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿي، جنهن جا ڪجهه ڪارڻ به آهن. جن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان رعايت ۽ کيس گرفتار نه ڪرڻ به شامل آهي.
مريم نواز جي تقريرن ۽ لڳندڙ نعرن ۾ ته سندس والد جيان جوش ولولو ضرور آهي، پر مخالفن کي سياسي نشانو بنائڻ سان ٻيون سياسي پارٽيون فائدو وٺي سگهن ٿيون ۽ کيس مليل ٽاسڪ شايد ئي پورو ٿئي جنهن لاءِ (ن) ليگ کي معاشي توڙي سياسي طور مستحڪم ۽ انتقام کان پري رهڻو پوندو پر مريم نواز انتقام ۾ ڀري پئي آهي. اهي به اطلاع آهن ته جيڪو کيس وڏو ٽاسڪ مليل آهي، اهو عمران جي گرفتاري آهي جيڪو به شايد ئي پورو ٿئي جو طاقتور ادارا ۽ خود وزيراعظم ميان شهباز شريف ملڪ کي ڪنهن ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ نه چاهيندا، نه وري ميان صاحب کي ڪا ڪلين چٽ ڏيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button