ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي قيد جو چوٿون شھڪار

Editorial-Article- Ajaz Mangi

مرحوم رسول بخش پليجو سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ ھڪ مزيدار لطيفو ٻڌائيندو ھو تھ ”ھڪ وڏيري کي راڳ ڳائڻ جو شوق چڙھيو. سو ھڪ محفل گھرائي وٺي پلٽا ھڻڻ لڳو. ھن جي ڳائڻ تي خوشامدي واھه واھه ڪرڻ لڳا پر ھن جو ڪمدار سرائي بنھھ ماٺ ويٺو رھيو. سو چوڌريءَ کي لڳي ڪاوڙ تھ ھي سڀ تعريف ٿا ڪن پر سندس ڪمدار چپ ويٺو آھي سو ڪمدار کي چيائين تھ ”سرائي حرامخور ھي سڀ منھنجي تعريف ۾ ڪري ڪري ٿا پون پر تون چپ ڪري ويٺو آھين. ڇو؟“ سرائي ٻانھون ٻڌي چيس تھ ”سائين! جن ڪي امان پائون تو عرض ڪرون“ چيائينس ”ڪر“ سرائيءَ چيس تھ ”چوڌري! ڳائين تون ٿو ۽ منھن ڪارو اسان جو پيو ٿئي“
سو! حڪومت پي ڊي ايم ٿي ھلائي ۽ شرم انھن سياسي ۽ صحافتي حلقن کي ويڙھي ويو آھي، جيڪي سرڪاري پارٽين جي خوشامد جو ڪو نھ ڪو وجھھ ڪڍي وٺندا آھن. پر جيئن ڊالر روپئي جي ڀيٽ ۾ ڦھڪو ڪيو آھي ۽ جيئن پيٽرول جو اگھھ وڌيو آھي ۽ جيئن گورنمينٽ گذريل رات شيخ رشيد کي گرفتار ڪري مخالف ڌر جي ”سياسي قيد جي چوياري“ پوري ڪئي آھي ان تي تھ سرڪار دوست ڌرين جا بھ ڪنڌ شرم کان جھڪي ويا آھن.
ھن حڪومت جي باري ۾ اھا ھر ڪنھن کي خبر ھئي تھ عوام جي مٿان پيل مھانگائيءَ جو بار انھن کان نھ گھٽبو. ڇو تھ ھو ان جي تياري ئي نھ ڪري آيا ھئا. حڪومت ۾ اچڻ جي حوالي سان شھباز شريف ۽ آصف زرداريءَ جا ٽارگيٽ ئي ٻيا ھئا. انھن کي ھڪ تھ ھر ڏينھن ڪورٽن مان حاظريون ڀرائڻ کان بچڻو ھو ۽ ٻيو تھ انھن کي ڪيسن مان جند بھ آجي ڪرڻي ھئي ۽ ٽيون تھ انھن کي اقتدار جي ڪجھھ وقت جو مزو بھ ماڻڻو ھو. سو انھن اھو ڪجھھ ڪيو ۽ پھرين فرصت ۾ ڪيو. باقي رھي ماڻھن جي مٿان پيل مھانگائيءَ جي مصيبت، سو ان جو ڏوھھ پوئين حڪومت مٿان وجھڻ جي روايت پاڪستان ۾ پراڻي آھي. ان تي عمران خان اجايو فخر نھ ڪري. ڇو تھ جڏھن ھو اقتدار ۾ آيو ھو ۽ جڏھن ھن جي دور حڪومت ۾ مھانگائيءَ جو جن بي قابو ٿي ويو ھو، تڏھن ھو بھ مھانگائيءَ جو اصل سبب مسلم ليگ ن جي حڪومت کي قرار ڏيندو ھو. ان مھل ھو بھ چوندو ھو تھ پوئين حڪومتن ايترا قرض کنيا آھن جو انھن جي قسطن ۾ ئي بجيٽ ختم ٿي وڃي ٿي. سو! ھي حڪمران بھ اھو ڪجھھ ڪري رھيا آھن، جيڪي پويان حڪمران ڪري رھيا ھئا ۽ يقينن ايندڙ حڪمران بھ اھو ئي ڪجھھ ڪندا، جيڪو ڪجھھ موجوده حڪمران ڪن پيا. ان ڪري ان سلسلي ۾ ڪجھھ بھ چوڻ اجايو آھي.
ملڪ جو معاشي مرض پراڻو آھي. ان جو الزام ھر ڪوئي ٻئي تي ھڻڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ٿو ڇڏي ۽ ان سلسلي ۾ مزيدار ڳالھھ اھا آھي تھ ھو جيڪو ڪجھھ بھ چون ٿا، انھن وٽ ايترا دليل ۽ نھ صرف دليل پر ثبوت بھ آھن جو ملزم جو انڪار ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. پر ان صف ۾ ھر محمود ۽ ھر اياز بيٺل آھي. ڪا بھ حڪومت ان تي فخر نھ ٿي ڪري سگھي تھ ھن جي وزيرن ۽ مشيرن ڪرپشن جي گنگا ۾ سنان نھ ڪيو. ممڪن آھي تھ عمران خان جي حڪومت ڪجھھ گھٽ ڪرپشن ڪئي ھجي. ڇو تھ انھن کي تجربو بھ گھٽ ھو ۽ انھن کي وقت بھ گھڻو نھ مليو. باقي ھن ملڪ سان گھٽ ڪنھن نھ ڪئي آھي. جنھن جنھن کي موقعو مليو آھي، ان دل کولي ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو آھي. پر ھن وقت اسان جو اھم مک موضوع ملڪي ناڻي ۽ وسيلن جي ٿيل ڦرلٽ ناھي.
ڪرپشن پاڪستان جو سدا سائو موضوع آھي پر ھن وقت ھن حڪومت پاران مخالف ڌر کي ڊڄارڻ جي لاءِ جيڪو ٻڌڇوڙ جو سلسلو شروع ٿيو آھي، ان کي ڏسي تھ سياسي قيد جي بنيادي تصور جي مٿان بھ اسان کي بيحد شرم محسوس ٿي رھيو آھي. ڇو تھ اھا جمھوري حڪومت ھجي يا اھا آمريت واري سرڪار ھجي! ڪنھن بھ حڪومت ۾ عوام جي حقن لاءِ جيل جي ياترا ڪندڙ سياسي ڪردارن کي عزت ۽ فخر جي نظر سان ڏٺو ويندو آھي ۽ اھو اسان جو حق بھ آھي تھ اسان پنھنجي ملڪ جي سياسي قيدين تي ناز ڪيون ۽ انھن جو ذڪر ڪنڌ مٿي ڪري ڪيون پر ان سلسلي ۾ ھن حڪومت جيڪي سياسي ڪردار قيد ڪيا آھن ۽ جن جي مٿان جيڪي ڪيس داخل ڪيا آھن، انھن جا تفصيل تھ اسان لاءِ شرم جو ڪارڻ بڻجي ويا آھن. ڇا ھن حڪومت کي سياسي قيدي بڻائڻ جو تاج سر مٿان سجائڻ جي لاءِ ٻيا ھمراهھ نھ ھٿ آيا؟ انھن سياسي قيد جو خانو ڀرڻ بدران اھو خانو خراب ڪيو آھي.
حڪومت سياسي قيد جو پھريون سورمو شھباز گل جھڙي شخص کي بڻايو ۽ پوءِ انھن اھو اعزاز اعظم سواتيءَ کي بخشيو ۽ ان بعد انھن فواد چوڌريءَ کي گرفتار ڪيو. جڏھن تھ ھاڻي انھن رتبو راولپنڊيءَ جي رھواسي ۽ ملڪ جي مشھور سياسي ڪردار شيخ رشيد کي ڏنو آھي. انھن چئني سياسي قيدين جي مٿان حڪومت پاران اھڙا ڪيس داخل ڪيا ويا جو عدالتون انھن جون ضمانتون ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پيون. جڏھن نھ ڪيس داخل ڪرڻ اچن ۽ جڏھن نھ سياسي قيدي چونڊن جو عقل ھجي تھ پوءِ اھو ڪم ئي ڇو ڪجي؟
ھن ملڪ جو ھڪ وڏو الميو اھو بھ آھي تھ ھتي ھرڪوئي اھو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، جيڪو ھن کي نھ اچي. ھي ملڪ ان يتيم ٻار جو مٿو آھي، جنھن تي ھر حجام پنھنجي پريڪٽس جي شروعات ڪندو آھي. ان ڪري ھن حڪومت جي ان عمل تي نھ تھ حيران ٿيڻ جي ضرورت آھي ۽ نھ ڪنھن کي پريشان ٿيڻ جو حق حاصل ھجڻ گھرجي. ڇو تھ انھن مان اھڙا ئي ڪم ٿيندا. انھن سياسي قيدي بڻائڻ جا جيڪي تاريخي رڪارڊ قائم ڪيا آھن، اھي سياسي قيد جي بنيادي تصور جي توھين آھن.
حڪومت پھرين شھباز گل کي گرفتار ڪيو ۽ ھن جي گرفتاريءَ جو اھم سبب اھو ھو تھ ھو عمران خان کي اسٽاف جو انچارج ھو. ھن وٽان عمران خان جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻي نھ ھجي ھا تھ ھن کي گرفتار ڇو ڪيو وڃي ھا؟ شھباز گل کي صرف گرفتار ئي نھ ڪيو ويو پر گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ھن سان جيڪو ”سياسي سلوڪ“ اختيار ڪيو ويو ان جا تفصيل ھو اڄ بھ اسٽيج تي بيھي ٻڌائي رھيو آھي. ان کان پوءِ اعظم سواتيءَ کي ٻڌو ويو ۽ ھن سان بھ لڳ ڀڳ ساڳيو سلوڪ ڪيو ويو ۽ ھن بھ پاڻ سان ٿيل حسن سلوڪ جي سربستي ڪھاڻي بيان ڪئي. جڏھن تھ سياسي قيدي بڻائڻ جو ان کان بعد ۾ وارو آيو جناب فواد چوڌري صاحب جو! فواد چوڌريءَ جي مٿان ھڪ اھڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، جيڪو ڪيس ھر سياست ڪندڙ شخص مٿان داخل ٿي سگھي ٿو. ڇو تھ پاڪستان جي سياست ۾ توھين واري انداز ڀري تنقيد ڪرڻ جي روايت ايتري تھ پراڻي ۽ پختي آھي جو ڪوئي ان جو وار نھ ونگو ڪري نھ ٿو سگھي.
فواد چوڌري جيل مان آزاد ٿي گھر مس پھتو تھ پوليس جا اٽالا ”لال حويليءَ“ پھچيا ويا ۽ آخر اھو حڪومت اھو ڪارنامو سرانجام ڪري ڏيکاريو، جنھن جي انتظار گھڻي وقت کان وٺي ھو. شيخ رشيد جيڪو پاڻ کي ملڪ جو مايھ ناز مقرر سمجھندو آھي. جڏھن تھ ھن جي تنقيد شرم ۽ حيا جي ھر حد کي لتاڙيندي ويندي آھي. اھو شخص جيڪو صرف لفظن سان پر جسم جي حرڪتن سان بھ مخالفن جي مٿان توھين آميز تنقيد ڪري خلق کي کلائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، ان شخص کي ھڪ الزام جي بنياد تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو آھي. جڏھن تھ سڀ کان اڳ ۾ اھو الزام عمران خان ھنيو. شيخ رشيد تھ صرف اھو الزام ورجايو. پر حيرت جي ڳالھھ اھا آھي تھ الزام ھڻڻ واري کي الزام لڳڻ واري پاران صرف ھڪ عدد قانوني نوٽيس مليو آھي. جڏھن تھ اھو الزام ورجائڻ واري شخص مٿان نھ صرف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي پر ھن جي مخصوص لال حويليءَ ۾ داخل ٿي ھن کي گرفتار بھ ڪيو آھي. ڇا ھن جي گرفتاري ھن حڪومت جي مفاد ۾ آھي؟ ھن حڪومت شيخ رشيد کي ھڪ نام نھاد ڪيس ۾ گرفتار ڪري نھ صرف پاڻ تي ملامتن جو نئون محاذ کوليو آھي پر حڪومت جي ان عمل سبب فواد چوڌريءَ کان پوءِ شيخ رشيد کي نئين سر ھيرو ٿيڻ جو موقعو بھ ميسر ٿيو آھي. ڇو تھ گھڻي وقت کان وٺي شيخ رشيد کي گرفتار ٿيڻ جو موقعو نھ مليو ھو ۽ ھن کي حسرت ھئي تھ ڪنھن نالي ماتر ڪيس ۾ ھن کي گرفتار ڪيو وڃي تھ ھو پاڻ کي قيدخانن جو فاتح بڻائي پيش ڪري.
شھباز گل، اعظم سواتي، فواد چوڌري ۽ ھاڻي شيخ رشيد کي گرفتار ڪري کيس سياسي قيدي ھجڻ جو اعزاز بخشي ھن حڪومت انھن جي مٿان زيادتي گھٽ ۽ احسان وڌيڪ ڪيو آھي. ڇو تھ ڪمزور ڪيسن ۽ ڪجھھ ڏينھن جي قيد سان انھن جو ذڪر سياسي سورمن وانگر ٿي رھيو آھي ۽ اھو غلط ڪم بھ ھن حڪومت جي دفتر ۾ داخل ھجڻ گھرجي جو ھن کي اھا سمجھھ بھ ناھي تھ سياسي مخالف کي سزا ڏيڻ بدران ھوءَ کيس سورمو بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش رھي آھي. سياسي قيدي تھ ڪنھن بھ ملڪ جي فخر جو باعث ھوندا آھن. ملڪن جا ڪنڌ سندن سياسي قيدين سبب اوچا ھوندا آھن. ھو صرف پنھنجي دور ۾ نھ پر تاريخ ۾ بھ ان ڳالھھ تي فخر ڪندا آھن تھ انھن جي ڪھڙن ڪردارن انسانيت ۽ عوام جي لاءِ ڪيترو قيد قبول ڪيو. پر ھتي ھر چٻو ۽ ھر ڏنگو سياسي مخالفت جو نشانو بڻائي قيد ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪجھھ ڏينھن سيخن جي پويان رھي ۽ ميڊيا ۾ ھٿڪڙين جي نمائش ڪري ھو نيلسن منڊيلا جي روح مٿان تشدد ڪرڻ جو حق حاصل ڪري وٺي ٿو. ھن کي ھڪ ٻھ ھفتو قيد ڪاٽي پاڻ کي پاڪستان جو نيلسن منڊيلا سڏائي ٿو.
شھباز گل، اعظم سواتي ۽ فواد چوڌريءَ مان پوءِ سياسي قيد جي چوٿين فخريھ پيشڪش شيخ رشيد آھي.
ھيءَ حڪومت اھڙا ڪارناما ڇو ٿي ڪري، جنھن تي تنقيد ڪندي اسان کي لفظن کي لڄ ٿي ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button