ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پراجيڪٽ عمران کان پوءِ پراجيڪٽ پي ڊي ايم

پراجيڪٽ عمران خان جهڙي ريت ملڪ ۾ عملي طور آندو ويو ۽ ان کان پوءِ سڄي ملڪ جي سياست جا رنگ روپ ته تبديل ٿيا پر ملڪ جي معيشت به تبديل ٿي وئي. مهانگائيءَ جو هڪ اهڙُو طوفان آيو، جنهن عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو. عمران خان نيازيءَ کي هر قيمت تي اقتدار ۾ آڻيندڙ ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ نه رڳو عوام سان ظلم ڪيو پر ان سڄي سياسي عمل کي به تباهه ڪري ڇڏيو، جيڪو ڪنهن حد تائين ان پراجيڪٽ کان اڳ ۾ بهتر هو. ڇو ته نواز شريف کي جڏهن اقتدار مليو هو ته ان وقت نه رڳو ملڪي معيشت جي حالت بهتر هئي پر مهانگائي به ايتري قدر ڪونه هئي. پوءِ جڏهن عمران خان نيازي اقتدار ۾ آيو ته هن نه رڳو عوام مٿان معاشي بار وڌو پر ان جو دفاع به ڪندو رهيو. هاڻ ته خيرن سان پي ڊي ايم جي حڪومت آهي. اها به عوام دشمن فيصلا ڪري عمران خان نيازيءَ جون سڪون لاهي رهي آهي.
اسٽيبلشمينٽ کان اهو ته پڇي سگهجي ٿو ته ڇا عمران خان نيازيءَ کي وزير اعظم نه ڪيو وڃي ها ته ملڪ تباهه ٿي وڃي ها يا آسمان ڪري پوي ها. ڇا عمران خان نيازيءَ کي اقتدار نه ملي ها ته ملڪ جي سياسي تاريخ خطري ۾ پئجي وڃي يا ملڪ جو دفاعي نظام ڪنهن ڪم جو ڪونه رهي ها. ملڪي تاريخ ۾ ڪيل سياسي تجربن ۾ سدائين عوام وڌيڪ ڀوڳيو آهي. جڏهن ته 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان بنگلاديش ٿي ويو ته اهو پئي سمجهيو ويو ته فوج هاڻ هيتري وڏي سانحي مان پرايو هوندو ۽ اها هاڻ ڪڏهن به اقتدار ۾ اچڻ جو ڪونه سوچيندي پر 77ع ۾ ڀيرو وري فوج چونڊيل حڪومت تي راتاهو هڻي اقتدار ۾ اچي وئي ۽ ضياءُالحق ان وقت جيڪو ملڪ جو حشر ڪيو، ان جو نتيجو اهو آهي جو طالبان هاڻ پاڪستان ۾ جتي ڪٿي ڦاٽي رهيا آهن ۽ عمران خان نيازي انهن جو سڀني کان وڏو حمايتي ٿي بيٺو آهي، جيڪو انهن کي پشاور ۾ آفيس کولي ڏيڻ لاءِ به راضي آهي.
پراجيڪٽ عمران خان جنهن به شروع ڪيو، ان جي پڄاڻي سندس اقتدار وڃڻ سان ٿي آهي. پر هاڻ جيڪو پراجيڪٽ پي ڊي ايم شروع ڪيو ويو آهي. ان سان عوام کي ڪهڙُو لاڀ ملي رهيو آهي يا ان سان عوام جو ڪهڙو ڀلو ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين پي ڊي ايم عوامي سطح جو ڪوبه اهڙُو ڪم ناهي ڪيو، جنهن سان عوام کي ڪو فائدو پهتو هجي. عوام لاءِ مهانگائي گهٽي هجي يا عوام کي اهو احساس ٿيو هجي ته پي ڊي ايم جي اچڻ سان اهي تڪليفون گهٽ ۾ گهٽ ختم ٿي ويون آهن، جيڪي عمران خان نيازيءَ جي ڪري شروع ٿيون هيون. پر پي ڊي ايم به ايتري ئي بيوس نظر اچي رهي آهي، جيترو عمران خان نيازي حڪومت ۾ هوندي بيوس هو.
جيڪڏهن سياسي پارٽين کي سياسي پراجيڪٽ طور هلائڻو آهي ۽ انهن جي سياسي آزادي کسي رڳو اڳڙين جا گڏا ڪري پيش ڪرڻو آهي ته پوءِ ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته سڀاڻي پي ڊي ايم پراجيڪٽ پورو ٿيندو ته ان کان پوءِ وري پ پ پراجيڪٽ شروع ٿي وڃي ۽ ماڻهو ان جي پويان لڳل هجن. هن وقت نواز ليگ جي سڀني کان سرگرم اڳواڻ مريم نواز آهي پر هن وٽ به عوام کي آڇڻ لاءِ ڪجهه ناهي. هوءَ به جن ڳالهين جو اظهار ڪري رهي آهي، اهي سندس بيوسيءَ کي ظاهر ڪري رهيون آهن. نتيجي ۾ عوام لاءِ ڪابه خوشخبري ڪونهي. تازو ئي هن نواز شريف جي واپسي بابت ڳالهيون ڪيون آهن.
نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف وطن واپس اچڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، هو ايندڙ ڪجهه هفتن اندر موٽي ايندو. بهاولپور ۾ ميديا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته نواز شريف تمام جلد وطن واپس ايندو، هن تياري به شروع ڪري ڇڏي پر ٽڪيٽ جي پڪ ٿيڻ تائين حتمي تاريخ نٿي ٻڌائي سگهان. عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته عمران کي اقتدار تائين پهچڻ لاءِ بيساکين جي ضرورت هئي، چار سال اقتدار ۾ رهندي اسٽيبلشمينٽ جي ساراهه ڪندو رهيو، اقتدار وڃائڻ کان پوءِ هُن اسٽيبلشمينٽ کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو. اسان جو بيانيو حقيقتن تي ٻڌل آهي، اسان کي ڪنهن جي بيساکين جي ضرورت ناهي. هن چيو ته ملڪ جي معيشت تي فتني خان آپگهاتي حملو ڪري ويو، معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪيئي سال لڳي ويندا. آ ايم ايف اسان جا هٿ ٻڌي ڇڏيا آهن، تنهنڪري چاهيون تڏهن به عوام کي رليف نٿا ڏئي سگهون. عوام کي سڄي خبر آهي ته آ ايم ايف سان معاهدو ڪنهن ڪيو هو ۽ مهانگائي ڪنهن جي ڪري ٿي آهي، مراعتون حاصل ڪندڙ طبقي کي به عوام سان گڏ قرباني ۾ پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خيبر پختونخوا ۾ گهڙي چور جي 10 سالن تائين حڪومت رهي، سڀ کان وڌيڪ فنڊ ملڻ باوجود پختونخوا ۾ سهولتون نه آهن. صوبي جي پوليس بي يارو مددگار بڻيل آهي، اها ڳالهه واضح ڪري ٿي ته فنڊ ڪهڙن مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويا. مريم نواز عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ظلم ڪيو آهي ته ان کي سزا ضرور ملڻ گهرجي پر ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيڻ کپي، اسان بدلو وٺڻ تي يقين نٿا رکون، ڪنهن کي به سزا کان بچي نڪرڻ جو موقعو نه ملڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف سميت مسلم ليگ (ن) جي سموري ليڊرشپ کي گرفتار ڪيو ويو. راڻا ثناءُالله مٿان منشيات جو ڪيس داخل ڪيو ويو. هاڻي جيڪڏهن عمران خان کي توشا خاني تي سزا ملي ته ڇا ان کي انتقام چونداسين، جيڪڏهن ڪنهن ڪوڙ ڳالهايو آهي ته اهو ضرور سامهون ايندو ان کي انتقام نه پر احتساب چوندا آهن.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان نيازيءَ جي حڪومت احتساب جي نالي ۾ انتقام جي سياست ڪئي. هن نه رڳو پنهنجن سياسي مخالفن کي جيلن ۾ واڙيو پر انهن خلاف ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪيا. هو پنهنجي اقتداري دور ۾ عوام کي دلاسا ڏيندو بيوقوف بڻائيندو رهيو. ان ڪري هاڻ ماڻهو ان دور کي هڪ بدترين دور طور ياد ڪن ٿا. پر هاڻوڪي پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت ڇا ڪري رهي آهي. نواز ليگ ڇا ڪري رهي آهي. شهباز شريف عوام کي ڪهڙُو رليف ڏنو آهي جو ماڻهو هاڻوڪي حڪومت کي عمران خان نيازيءَ جي حڪومت کان بهتر سمجهن.
آءِ ايم ايف جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل هاڻوڪي حڪومت نه رڳو مالياتي اداري جون سڀئي شرطون مڃي رهي آهي ۽ عوام مٿان ان جي سهپ کان وڌيڪ معاشي بار پڻ وجهي رهي آهي. جنهنڪري معاشي ڌٻڻ ۾ ڦُاٿل پاڪستان جو في الحال نڪرڻ ڏکيو آهي. جيڪڏهن سياسي پارٽين اهو طئي ڪري ورتو آهي ته اهي پنهنجي سياسي آزاديءَ جي سگهه ڪونه آزمائينديون ۽ پي ٽي آءِ وانگر اسٽيبلشمينٽ جو هڪ آله ڪار طور استعمال ٿينديون ته پوءِ اهي عوام ۾ پنهنجي مقبوليت ضرور وڃائينديون. ڇاڪاڻ ته عوام کي به خبر آهي ته ڪنهن به چونڊيل حڪومت وٽ نالي ماتر اختيار هوندو آهي. جيڪڏهن اهو اختيار به عوام کي ڪم نه اچي يا ان جا مسئلا حل نه ڪري ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته عوام ان کي پنهنجي لاءِ ڇوٽڪاري جو ذريعو سمجهي. تنهنڪري پي ڊي ايم پراجيڪٽ به پراجيڪٽ عمران وانگر ناڪام ثابت ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button