ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڌاڙيلن خلاف ايڪشن بيوسي يا بهانا؟

سنڌ ۾ ڌاڙيلن جون ڪاروايون معمول جي ڏوهن کان وڌندي يعني ڦرن ۽ اغوائن جي وارداتن کان وڌي ڪري وحشت ۽ رهزنيءَ جون آخري حدون به اورانگهي چڪيون آهن جن ۾ عام راھگيرن جي اغوا مغوين تي تشدد ۽ انهن سان بداخلاق حرڪتون ڪندي ريپ ڪرڻ جون ويڊيو ريڪارڊ ڪري انهن کي وائرل ڪرڻ، وارثن، سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت کي ڌمڪيون ڏيندي سڌو سنئون رياست جي رٽ کي اهڙي انداز سان چيلينج ڪيو ٿو وڃي جو اهڙو چيلينج ۽ اهڙيون حرڪتون دهشتگردن وانا ۽ وزيرستان ۾ به نه ڪيون.
تشدد جو ڏهڪاءُ ڦهلائڻ جي لاءِ دهشتگردن مخالفن جو قتلِ عام ڪيو انهن جا لاش بجلي جي ٿنڀن ۾ ٽنگيا عورتن کي سرِ عام ڪوڙا هنيا پر ڪڏهن به پنهنجي بدترين دشمنن سان هنن ريپ نه ڪيو ۽ نه انهن جون اهڙيون غليظ ۽ گنديون ويڊيو ڀري انهن جي خاندان ۽ رياست جي ادارن کي للڪاريندي پنهنجي وحشت ۽ دهشت جو اهڙو عملي مظاهرو ڪندي جشن ڪيو، جيئن سنڌ جا ڌاڙيل ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ ڏوهارين جي جيتري به ڊگھي تاريخ آهي انهن جي لاءِ جيڪي به قصا ڪهاڻيون مشهور آهن پر ڪڏهن به سنڌ ۾ بداخلاقيت ۽ بيهودگي جو هڪڙو به مثال ماضي جي تاريخن ۾ نظر نه ايندو جيڪو هاڻي اچي رهيو آهي هي به سنڌ جو حيران ڪندڙ حڪومتي دور آهي جنهن ۾ پوليس جي اعليٰ عملدارن جا هي بيان
هاءِ ڪورٽ ۾ ريڪارڊ ٿيندا هجن جو ايس ايس پي گھوٽڪي صاف لفظن ۾ چوندو هجي ته “ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن هو رات جي وقت به حملو ڪري سگھن ٿا يا انهن جي مار جي رينج چئن ڪلو ميٽرن تائين آهي اسان پوليس وٽ وڏي کان وڏو هٿيار جي ٿري آهي جنهن جي رينج هڪ ڪلو ميٽر آهي …..”
ايس ايس پي گھوٽڪي جنهن کي پوليس جو دبنگ آفيسر سمجهيو وڃي ٿو، سکر هاءِ ڪورٽ ۾ رڳو ان هڪ هڪڙي جو بيان ناهي پر ڊي آئي جي سکر جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ، ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو، ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو، ايس ايس پي نوشهروفيروز عبدالقيوم پتافي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا ان موقعي تي ڊي آئي جي سکر جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پيز ٽن ضلعن ۾ ڏوهي وارداتن جي رپورٽ پيش ڪئي جيڪا سڄي تفصيلي رپورٽ اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اچي چڪي آهي، انهيءَ جو پاڻ هتي ورجاءُ نٿا ڪريون پر سڀني آفيسرن جو چوڻ اهوئي هو ته پوليس جي نفري به گھٽ آهي ۽ هٿيار به ڪمزور آهن تنهن ڪري هو ڌاڙيلن جي مقابلي جي سگھه نٿا رکن.
اهڙوئي بيان ڪجھه ڏينهن پهريان سنڌ جي وزير اعليٰ ڪمال حد جا ريڪارڊ ٽوڙيندي چيو هو ته “ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ڪٿان ٿا پهچن؟ سنڌ ۾ ته ڪٿي به هٿيارن ٺاهڻ جا ڪارخانا ناهن…” سندس چوڻ جو مطلب هيءُ هيو ته يا هو ان طرف اشارو ڪري رهيو هو جتي هٿيار ٺهن ٿا ۽ جيڪي پهچائڻ جي سگھه رکن ٿا سوشل ميڊيا تي ته گھڻو ئي بحث ۽ تنقيد ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آئي پر سنڌ حڪومت جي اندر شامل ڪنهن به فرد اهو سوال نه اٿاريو ته وزير اعليٰ هجڻ جي حيثيت ۾ هو اڻ ڄاڻائي ۽ بي خبري جو اعتراف ڪيئن پيو ڪري نه پ پ پ جي مرڪزي قيادت اهو سوال اٿاريو نه وري وفاقي سرڪار جيڪا پ پ پ جي اتحادي آهي ان ڪجھه چيو پر انهيءَ کان وڌيڪ اسان کي تعجب اچي ٿو ته قومي اسيمبلي کان سينٽ تائين حڪومت يا اپوزيشن کي اهو ڪجهھ نظر ئي نٿو اچي ته سنڌ ۾ ڇا پيو ٿئي.
عمران خان ۽ سندس پارٽي پنهنجي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۽ روايتي الزام تراشين يا پنهنجي خلاف ٿيندڙ گرفتارين تي ته واويلا ڪن پيا پر سنڌ جي عوام جو درد، عذاب ۽ ڏوهارين جي وڍ ڪٽ ڪنهن کي نظر ڪو نه ٿي اچي ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌ جو عوام ٽين ۽ چوٿين درجي جو شهري هجي ۽ عذاب هن جي مقدر جو حصو هجن پاڻي ڄاڻين پنهنجا ڪم باقي ڪنهن به سياسي پارٽي جو اهو نقطه نظر بڻجي نٿو سگھي ته هو سنڌ جي عوام جو مسئلو کڻن جنهن ڏينهن يعني 2 تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اندر مٿي ذڪر ڪيل پوليس آفيسر پنهنجا تاريخي بيان ريڪارڊ ڪرائي رهيا هئا انهيءَ ڏينهن رائنوتي جي ويجھو چئن سالن جي ٻارڙي سان گڏ پنج نينگر درگاھه جهان شريف جي ميلي تان موٽندي اغوا ٿي ويا آهن پرنٽ ميڊيا ۾ انهن معصومن جون تصويرون ۽ وارثن جي دردناڪ اظهاري دانهن به شايع ٿي آهي ته انهيءَ سان گڏوگڏ اسان جي ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پيز جو دبنگي بيان به شايع ٿيو آهي.
پاڻ انهيءَ اذيتناڪ بحث ۾ وڃڻ ۽ ورجاءُ ڪرڻ کان روڪندي سنڌ حڪومت ۽ پوليس آفيسرن کان رڳو هي سوال ٿا ڪريون ته طاقت جو بنياد ڪنهن به ٽڪراءَ ۽ جھيڙي ۾ رڳو هٿيار هجي ٿو؟ ڇا رياست جي طاقت هٿيار ناهي ۽ ان رياست جي طاقت سان گڏوگڏ حڪومت ۽ اداري جي طاقت يعني پوليس اداري جي طاقت، طاقت نٿي رکي ٻيو نمبر ته جھيڙي ۾ تعداد جي ڪيتري اهميت آهي ڊسيپلين جي ڪيتري اهميت آهي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ پنهنجي پروفيشن سان سچائي ان تي بيهي رهڻ جو سوال ڪيتري اهميت رکي ٿو پوليس سان گڏوگڏ بلڪه ان کان به وڌيڪ اهميت خود حڪومت جي آهي ته حڪومت پنهنجي سياسي مفادن ۽ قومي مفادن کي ڪهڙي تارازو ۾ رکي ٿي انهن جي آڏو اهميت عوام جي آهي يا انهن سياسي فردن جي جيڪي ڏوهاري ٽولن جي طاقت کي پنهنجي سياسي مفادن ۽ اليڪشن جي طاقت جي لاءِ استعمال ٿا ڪن، ڪنهن کان به ڪجھه ڳجھو ناهي اهو ممڪن ئي ناهي ته ٻه ٽي سو ڌاڙيل هڪ ٻن جديد هٿيارن سان سنڌ پوليس ۽ حڪومت کي مفلوج ڪري ڇڏين پوليس آفيسر هي مطالبو پيا ڪن ته ڌاڙيلن تي آپريشن جي لاءِ ڊرون ٽيڪنالجي جو استعمال ٿئي سڀاڻي جيڪڏهن اينٽي ڊرون ميزائل يا هٿيار ڌاڙيل وٽ پهچي وڃن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
پر سڀ کان وڌيڪ ۽ اهم سوال هي آهي ته پوليس جي پاران اهڙي بزدلانا ۽ غير ذميوارنا بيان اچڻ کان پوءِ ڇا هي نٿو سمجھي سگھجي ته انهيءَ سان ڌاڙيلن جي ڏهڪاءَ ۾ ڪيتري طاقت پيدا ٿي ويندي ۽ عام عوام جو ماڻهو ڪيترو ڊپريشن ۽ مايوسي ۾ اچي ويندو ڇا پوليس ۽ سنڌ حڪومت اهو ٿي چاهي ته سنڌ جو عوام ڌاڙيلن جي ڪاررواين کي پنهنجو مقدر سمجھي انهن کي اهو سڀ ڪجهھ ڀري ڏين جيڪو ڌاڙيل انهن کان گھرن ٿا اسان کي هي به سنڌ حڪومت ۽ پوليس آفيسرز ٻڌائن ته هي طاقتور ڌاڙيل اغوا جون وارداتون ۽ ڦرون غريب ۽ بي پهچ ماڻهن سان ئي ڇو پيا ڪن ڪيترا ڀوتار، سردار، پير ۽ مير ۽ انهن سان گڏوگڏ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز اغوا ٿي چڪا آهي يا هو ڦرجي چڪا آهن انهن جي پاڇي کان به هي طاقتور هٿياربند پري ٿا ڀڃن جن وٽ دولت آهي جيڪي گھڻو ڪجھه ڏئي سگھن ٿا انهن جي بجاءِ راھه گير ۽ مسڪين اغوا پيا ٿين ڪي ڊرائيور ڪي کير وڪڻندڙ، ڪي شاگرد ديرن تي چوڪيداري ڪندڙ يا مڇي جي تلاءُ تي چوڪيداري ڪندڙ پورهيت انهن جي اغوائن ۽ ڦرن جو شڪار ٿين ٿا ڇا سنڌ جو عوام ايترو بي سمجهھ ۽ سادو آهي جو هو ڌاڙيلن جي طاقت ۽ رياست جي طاقت کي نٿو سمجھي سگھي؟ سنڌ جو عوام ٺيڪ طرح سان سمجھي ٿو ته پوليس ۽ سنڌ حڪومت هي جيڪي بيان ۽ ڊرامي بازيون ڪن پيا انهن جو صاف ۽ چٽو مقصد ۽ نيت صرف ۽ صرف بهانا ڪرڻ يا لنوائڻ يا نه ڪرڻ آهي.
پوليس ڪيتري به هٿيارن ۾ ڪمزور هجي پر هو اداري جي سگھه ۽ قانون جي پشت پناهي جي ڪري ڪڏهن به ڪمزور ۽ بي وس نٿي بڻجي سگھي ها جيڪڏهن حڪومت ئي نه چاهيندي ته پوءِ هڪ هزار بهانا ۽ بي وسين جا دليل ٻڌڻا پوندا ۽ اهڙيون رپورٽون روزانا سامهون اينديون جن جي پڙهڻ کان پوءِ چڙ به ايندي ته شرم به.
ڇا سنڌ جو عوام اهڙي دور مان پيو گذري جيڪو پنهنجو تحفظ حڪومت کان گھرڻ جو حق ئي نه رکي هاڻي جڏهن صورتحال اهڙي ئي آهي ته پوءِ آخر عوام کي انهن رهزن ڪاررواين جي خلاف ڇا ڪرڻ گھرجي؟ ڇا عوام پنهنجي طور تي ڪجھه ڪري سگھي ٿو؟ جڏهن رياست ۽ ان جا ادارا ۽ حڪومت مافيائن جي اڳيان سرينڊر ڪري ڇڏين يا مافيائون انهن جون ڊارلنگ بڻجي وڃن ته پوءِ صرف ۽ صرف هڪ ئي رستو آهي ته عوام
پنهنجي امن جي حاصلات لاءِ پنهنجي سماجي سياسي ۽ معاشي حقن جي لاءِ منظم طريقي سان گڏ ٿي ڪري مزاحمت ڪري ۽ خاص ڪري وڌ کان وڌ امن جي لاءِ ڇو ته جيڪڏهن امن قائم نه ٿيندو ته سماجي استحڪام ۽ معاشي ترقي جو تصور به نٿو ڪري سگھجي سنڌ جا قوم پرست ۽ کاٻي ڌر يا مذهبي جماعتون پنهنجو سياسي فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي پابند سمجھندي اڳتي قدم وڌائن اهو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته امن جي لاءِ سياسي جماعتن جو گڏيل پليٽ فارم يا الڳ الڳ رخن کان تحريڪ انهن ڏوهن جو ۽ ڌاڙيلن جو مڪمل طور تي خاتمو آڻي سگھي ٿي. باقي موجوده سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت ۽ اشرافيا جي اپوزيشن جو ڪردار ته اسان جي اڳيان آهي ۽ انهن ترن مان تيل ڪيتري نڪرندو اهو سمجھڻ ڏکيو ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button