ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شيخ رشيد جي گرفتاري، اصل ٽارگيٽ عمران خان..!

فواد چوڌري جي آزادي کانپوءِ شيخ رشيد جي گرفتاري مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اصل ۾ حڪومت ريهرسل ڪري پئي، هنن گرفتارين جو ڇيهه عمران خان تائين ٿيندو. جيئن راڻا ثناءَ الله چيو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته عمران خان ۾ هٿ وڌا ويا ته ملڪ ۾ خون جون نديون وهنديون، ته پوءِ هڪ ڀيرو عمران خان کي سوگهو ڪري عوام جو ردعمل ڏسي وٺون ٿا..!هينئر تائين شهباز گِل، اعظم سواتي، فواد چوڌري کانپوءِ شيخ رشيد ۾ جنهن انداز سان هٿ وڌا ويا آهن، اهي سڀ گرفتاريون اصل ۾ هڪڙي ئي ڪهاڻي جا ڪردار آهن. فرق رڳو ايترو آهي ته شهباز گِل ۽ اعظم سواتي پاڻ موقعو فراهم ڪيو ۽ هنن طاقتور اداري جي خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئي، ان ۾ پڪڙيا ويا، فواد چوڌري کي اليڪشن ڪميشن، رياستي اداري کي ڌمڪين سبب ۽ شيخ رشيد کي اڳوڻي صدر آصف زرداري تي عمران خان جي الزامن کي اڳتي وڌائڻ تي گرفتار ڪيو ويو، ڪي چون ٿا ته اهو عمران خان ئي آهي، جنهن اڳوڻي صدر تي الزام مڙهيو ته اهو ملڪ جي ڪجهه ادارن سان گڏجي، دهشتگرد تنظيم جي ذريعي کيس قتل ڪرائڻ گهري ٿو، ان ڳالهه کي اڳتي شيخ رشيد ٻڌايو، انڪري گرفتاري مک جوابدار عمران خان جي ٿيڻ گهربي هئي، نڪي شيخ رشيد جي. پر فوجداري قانونن کان جيڪي ماڻهو واقف آهن، انهن کي خبر آهي ته ڪنهن شهري کي قتل ڪرڻ يا قتل لاءِ ڪنهن کي ڀڙڪائڻ يا ان جي لڳايل تهمت کي اڳتي وڌائڻ به ساڳي نوعيت جو سنگين ڏوهه هوندو آهي. ان لحاظ کان شيخ رشيد ايترو ئي دوشي آهي، جيترو عمران خان آهي.
اهڙي صورتحال ۾، جڏهن ملڪ ۾ دهشتگردي جي لهر ڏينهون ڏينهن تيز ٿي رهي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان وٺي پوليس ۽ عام حملن جي ناڪامي تي دهشتگرد پڪڙيا وڃن ٿا، عمران خان ۽ ان جي ساٿين تي الزام لڳي رهيا آهن ته انهن دهشتگردن کي آفيسون کولي ڏنيون ۽ ملڪ اچڻ جي اجازت ڏني ۽ ڪيترن کي جيلن مان آزاد ڪيو ويو، اهي دهشتگرد هينئر ملڪ جي مختلف حصن ۾ سرگرم نظر اچي رهيا آهن، اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن عمران خان جيڪو، اڳوڻو وزير اعظم آهي، ان وري اڳوڻي صدر آصف زرداري تي الزام هنيو ته اهو کيس دهشتگردن جي هٿان مارائڻ چاهي ٿو. هي الزام، ڪير به نٿو چئي ته ڪو معمولي نوعيت جو آهي، هي يقينن سنگين معاملو آهي. جيڪڏهن ڪو ويڙهاڪ گروپ، حب يا بغض ۾ ڪو قدم کڻي ٿو ۽ آصف زرداري کي نشانو بڻائي ٿو ته هي ڪو گهٽ حادثو نه هوندو. هڪڙو خاندان، جنهن سان واسطو رکندڙ اڳوڻي وزير اعظم محترما بينظير ڀٽو کي دهشتگردن حملو ڪري شهيد ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ ان جي والد ۽ پهرين وزير اعظم کي فوجي آمرن، عدالت سان ناني ويڙهو ٺاهي جوڊيشل مرڊر ڪرايو ۽ هي اعتراف سزا ٻڌائيندڙ جج نسيم حسن شاهه ڪري چڪو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ هن نوعيت جا الزام لڳائڻ، ڪنهن جي گود ۾ کيڏڻ جي برابر آهن. ڪنهن به سياسي اڳواڻ سان جيترا چاهيو اختلاف ڪري سگهجن ٿا، پر ان جي قتل جي ڪيئن حمايت ڪري سگهجي ٿي. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته شيخ رشيد جي ڊگهي زبان کيس مارايو، هن وٽ ڪي ثبوت نه هئا ته هن عمران خان جي پڇ لٽڪائو ٿيڻ جي ڪوشش ڪيئن ڪئي؟ ساڳي ريت، عمران خان، وٽ ڪي ثبوت هئا ته هو پنهنجي ئي صدر کي موڪلي ڏئي ها ته اهو ڪنهن جاچ ڪندڙ اداري يا ملڪ جي اعليٰ عدالت، سپريم ڪورٽ جي ذريعي پاڻمرادو نوٽيس وٺي، جاچ پڙتال ڪرائي ها ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي وڃن ها. عمران خان قانوني طريقو اختيار نه ڪيو، ساڳي انداز سان موجوده حڪومت به پنهنجي ئي اهم اتحادي جي جان کي خطري کي سنجيده نه ورتو، جيڪڏهن انهن جو رويو سنجيده هجي ها ته اهي ترت ٻنهي الزامن جي جاچ ڪرائين ٿا، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ کي چيو وڃي ها يا جنهن اهم ڳجهي اداري تي الزام لڳو، ان جي بهترين آفيسرن سان گڏ ڪا جَي آءِ ٽي قائم ڪن ها، جيڪا معاملي جي جاچ ڪري ها. شيخ رشيد جي گرفتاري کانپوءِ نوٽيس ڪنهن ٻي قوت ورتو. چون ٿا ته جيڪي ماضي ۾ عمران خان جي غلط ۽ صحيح فيصلن جي اکيون ٻوٽي حمايت ڪندا هئا، انهن ئي پنهنجو ڪرشمو ڏيکاريو آهي ۽ پهريان شيخ رشيد جو گيٽ نمبر چار بند ڪيو ويو ۽ هاڻ کيس جيل ياترا ڪرائي آهي.
هي ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي آهي ته شيخ رشيد، ڪهڙين قوتن جي وڪالت ڪندو هو؟ اهي قوتون، جن شيخ رشيد ۽ ان جي ڀائيٽي کي عام چونڊن ۾ کٽرايو، ان جي عيوض هو رات ڏينهن جن ڌرين جا ڳڻ ڳائيندو هو، انهن کيس عبرت جو نشانو بڻايو. شيخ رشيد، جيڪو هر ڀيري چوندو رهيو آهي ته هو وفاقي ڪابينا ۾ سترهن ڀيرا وزير رهيو آهي، هن جو نالو ته گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ شامل ڪرڻ گهربو هو، پر کيس اوچتو ئي اوچتو جيل جي هوا کارائي وئي. هن تي ٻين الزامن سان گڏ سنگين نوعيت جو بغاوت جو الزام به مڙهيو ويو آهي. جنهن تي حيرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي. شيخ رشيد کي حڪومتي ايوانن مان نيڪالي ته ڏني وئي ۽ هن کي عمران خان سان گڏ سياسي بهشت مان ڪڍيو ويو، ان جي باوجود کيس سمجهه نه آئي ته هو ڪنهن اهم اداري جي گملي جيتري حيثيت به نٿو رکي. هينئر به ڪيترائي ماڻهو حيران آهن ته شيخ رشيد گرفتار ڪيئن ٿيو؟ پر هي به چون ٿا ته جن جو شيخ رشيد جي مٿي تي هٿ هو، انهن ئي کيس عاق ڪري ڇڏيو، انڪري هاڻ سچن ڪوڙن الزامن هيٺ کيس سوگهو ڪيو پيو وڃي.
جنهن تيزي سان مخالفن جون گرفتاريون ٿي رهيون آهن، انهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻ ڪنهن جو وارو اچڻ وارو آهي؟ ان حوالي سان چيو پيو وڃي ته عمران خان اڳيان واضح ڪيو ويو آهي ته هو ننڍي هجي يا وڏي چونڊ ان ۾ حصو وٺي ئي نٿو سگهي. اليڪشن ڪميشن، فارين فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي خلاف جيڪو فيصلو ٻڌايو هو، ان کي پي ٽي آءِ پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ته ڪيو ويو، پر عدالت عمران خان جي موقف کي رد ڪندي ڪميشن جي فيصلي کي درست قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ هاڻ عمران خان، جنهن کي سمورين ننڍين چونڊن وڙهڻ جو شوق هو، اهو اهڙو لنگڙو گهوڙو ٿي ويو آهي، جنهن تي ڪو به شرط رکڻ لاءِ تيار ناهي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته عمران خان تي شرط رکي، ڪو به جوکم کڻي نٿو سگهجي. ان مان هي اشارو به ملي ٿو ته مائنس عمران خان، واريون جيڪي ڳالهيون اڳتي وڌن پيون، ان ٽڪساٽ تي عمل شروع ٿي ويو آهي. هاڻ ته عمران خان باضابطا طور تي ڪنهن به تڪ تي ننڍي چونڊ وڙهڻ جي حامي نه ڀري آهي ۽ اڳوڻا ميمبر جن استعيفائون ڏنيون هيون، انهن کي نامزدگي جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي.
موجوده حالتن ۾ اتحادي حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته جيترو جلد ٿي سگهي، اها عمران خان کي قتل ڪرڻ وارن الزامن ۽ اڳوڻي صدر تي تهمت جي جاچ ڪرائي، هينئر احتياط ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته ڪٿي ڪو حادثو پيش نه اچي، نه صرف آصف زرداري، پر عمران خان جي جان جي به حفاظت ڪرڻ لازمي آهي. سياسي مخالفت جو مطلب ڪنهن جي جان پٺيان هٿ ڌوئي نڪرڻ نه هجڻ گهرجي. ملڪ ۾ اهڙن ادارن ۽آفيسرن جي ڪابه کوٽ ناهي، جيڪي ايمانداري سان جاچ پڙتال ڪري سگهن ٿا. ان حوالي سان ضروري هجي ته سپريم ڪورٽ کي به مداخلت ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اڳوڻي صدر تي لڳايل الزام ڪوڙا آهن ته عمران خان کي سزا کان ڪوبه بچائي نه سگهندو. هي معمولي ڳالهه ناهي. هينئر دهشتگردي جي لهر،جيڪا ڏينهون ڏينهن تيز ٿي رهي آهي، ان کي روڪڻ لاءِ به سمورا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن شيخ رشيد کي گرفتار ڪرائي عاق ڪيو ويو آهي ته ان کي به سمجهڻ گهرجي ته هن کي جيڪو چوڻو ۽ ڪرڻو هو، ڪري ڇڏيو، انڪري هو پاسيرو ٿي وڃي.
هينئر دهشتگردي جي لهر کي سامهون رکندي، اڳڪٿي ڪرڻ آسان آهي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان سان ايندڙ چونڊن جو عمل رڪجي ويندو. دهشتگردي جا واقعا، صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيندا. جيڪڏهن سويلين حڪمراني ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي ته ان جي قيمت رڳو مخالف ڌر کي نه پر سموري نظام کي ادا ڪرڻي پوندي. اتحادي حڪومت جيڪڏهن ايندڙ چونڊون نٿي ڪرائي ته ان جو نالو ڪارن اکرن ۾ لکيو ويندو. انڪري حڪومت کي هي ڪارو ٽڪو، پنهنجي نرڙ تي لڳائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن کي پنهنجا آئيني فرض پورا ڪرڻ گهرجن ته جيئن سويلين حڪمراني جي تسلسل کي برقرار رکي سگهجي. اهي قوتون، جيڪي ملڪ ۾ لولي لنگڙي حڪومت به برداشت ڪري نٿيون سگهن، انهن جا هٿ مضبوط ڪرڻ بدران انهن قوتن کي اڳتي آندو وڃي، جيڪي سويلين حڪمراني چاهين ٿيو. جيستائين گرفتارين واري Dirty game آهي، ان جي شروعات ته عمران خان ڪئي هئي، پر موجوده حڪومت، ان کي جاري رکي ٿي، ته ان سان ملڪ ۽ جمهوريت جي ڪابه خدمت نه ٿيندي، موجوده حڪمرانن کي هڪ ساهي سوچي، پوءِ پنهنجو سفر جاري رکڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button