اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

آءِ ايم ايف کي 300 ارب جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جي خاطري

اسلام آباد (رپورٽ:ارشاد انصاري) پاڪستان آءِ ايم ايف کي 300 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جو يقين ڏياريو آهي. ذريعن موجب حڪومت آءِ ايم ايف کي روينيو وڌائڻ، گردشي قرضن ۾ گهٽتائي سان گڏ توانائي جي بچاءَ ۽ مالياتي سادگي سان گڏ اقتصادي ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي به خاطري ڪرائي آهي. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) آءِ ايم ايف کي ٽيڪس لاز ترميمي آرڊيننس 2023 ذريعي تقريبن 300 ارب رپين جي نئين ٽيڪس قدمن جي تجويزن کان به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، آ ايم ايف ٻوڏ جي نقصانن، گردشي قرضن جي نقصان جي نتيجي ۾ اضافي روينيو ۽ نان ٽيڪس روينيو قدمن ۾ پنج کان ساڍا پنج سئو ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن. پاڪستان جي اقتصادي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نائين معاشي جائزي تي ڳالهيون جاري آهن ۽ پاليسي سطح تي ڳالهيون ايندڙ هفتي مڪمل ٿيڻ تي آءِ ايم ايف سان معاهدي جا روشن امڪان آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف معاشي سڌارن ۾ دير، قرضن ۾ واڌ، مهانگائي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي کي پاڪستان جي معيشت لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف سڌارن لاءِ وسيع تر سياسي اتفاق راءِ جي ضرورت تي به زور ڏنو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف کي ايندڙ هفتي روينيو وڌائڻ لاءِ قدمن جو يقين ڏياريو آهي، جنهن ۾ سگريٽ، مشروبات ۽ هوائي ٽڪيٽن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 50 پئسا في اسٽڪ تائين وڌائڻ، انرجي ڊرنڪس تي ٽيڪس وڌائڻ ۽ بينڪن جي آمدني تي ليوي وڌائڻ جي تجويز شامل آهي. جڏهن ته مجموعي طور تي تقريبن 300 ارب رپين جا اضافي روينيو قدم تجويز ڪيا ويا آهن ۽ روينيو قدمن ۾ اتفاق راءِ مطابق اضافو ڪيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ ايف بي آر پاران پيش ڪيل مني بجيٽ جي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاور سيڪٽر جي گردشي قرضن ۾ گهٽتائي، بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته نظرثاني ٿيل گردشي قرضن جي انتظام جو پلان به تيار ڪيو ويو آهي جيڪو منظوري لاءِ اي سي سي ڏانهن موڪليو ويو آهي. آءِ ايم ايف کي اهو به ٻڌايو ويو ته پاور هولڊنگ ڪمپني کي 285 ارب رپين جي گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ۽ واپسي لاءِ مارڪ اپ جي ادائيگي لاءِ ري فنانسنگ جي سمري به آءِ سي سي کي موڪلي وئي آهي. جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 گريڊ جي ملازمن جي اثاثن جي اعلان بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته بجلي تي سبسڊيز ۽ خسارو گهٽايو وڃي. جڏهن ته بجلي جي اگهن ۾ ساڍا 7 کان 10 رپيا في يونٽ واڌ جي تجويز جو به جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ مرحليوار واڌ جي به خاطري ڪرائي وئي. ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب مارچ تائين بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيا 30 پئسا في يونٽ واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته مئي تائين وڌيڪ 70 پئسا مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، بجلي جي قيمت ۾ 6 رپيا في يونٽ واڌ ٿي سگهي ٿي. فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ کان علاوه آگسٽ 2023 تائين مرحليوار ايم ايف بجلي تي سبسڊي گهٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته حڪومت 100 بدران 300 يونٽن تائين سبسڊي ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي. اختيارين موجب هلندڙ مالي سال دوران گردشي قرضن ۾ 952 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي ويندي، 675 ارب رپين جي سبسڊي ختم ڪرڻ جو به منصوبو آهي، ٽيرف ۾ واڌ ڪري صارفين کان 200 ارب رپيا ورتا ويندا. آءِ ايم ايف جي نظرثاني مشن کي ٻڌايو ويو آهي ته آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل شرطن تي عملدرآمد جاري آهي، جنهن تحت سرڪاري آفيسرن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ بابت ضابطن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 3 لک رپين بدران 5 لک لڳ ڀڳ نوان ماڻهو به ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ان سان گڏ جنوري لاءِ مقرر ڪيل ٽيڪس وصولي جو هدف به حاصل ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button