آمريت ۽ جمهوري نظام ۾ فرق هي هوندو آهي ته وقت جا آمر عوام کان وٺي سياسي پارٽين تائين سڀني کي دٻائي، انهن جي بولتي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر جمهوريت يا سويلين حڪومت ۾ اظهار جي آزادي هجڻ سبب هر ڪنهن کي گوڙ گهمسان ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي. جمهوري راڄ جي ڏينهن ۾ سياسي سرگرمين سميت هر نوعيت جي آزادي لاءِ Rule سيٽ ٿيل آهن، ته جيئن ان نظام کي نقصان نه ٿئي. گذريل ڪجهه سالن کان جيئن هائبرڊ نظام متعارف ڪرايو ويو، سڀني ڏٺو ته سافٽ مارشل لا ۽ سويلين حڪومت ۾ فرق نه هجڻ جي برابر رهجي ويو. سويلين دور ۾ سڀ کان اهم ڳالهه سياسي سرگرمين جي اجازت هوندي آهي، جيڪڏهن حڪومت مخالف ڌر کي آزادي سان سرگرمين جي اجازت ڏئي ها ته هي جمهوري نظام کي سگهارو ڪري ها. پر بدقسمتي سان ائين نه ٿيو. هاڻ وري جيڪا سويلين حڪومت آئي، ان جي ته پراڻي ٽريننگ آهي ته جيڪڏهن مخالفن کي چيڀاٽڻو آهي ته ان ۾ ڪابه ڪسر ڇڏڻي ناهي. نوي جو ڏهاڪو ان جو ڪلاسيڪي مثال آهي. پر ٻئي وڏيون پارٽيون، جيڪي اتحادي حڪومت جو حصو آهن، انهن هڪٻئي جي خلاف جيڪو ڪجهه ڪيو، انهن گناهن تي مٽي وجهڻ لاءِ ميثاق جمهوريت ڪرڻو پيو، جيڪا ڳالهه انهن قوتن کي سٺي نه لڳي، جن ماضي ۾ سياستدانن کي ڪڪڙن جيان ويڙهايو پئي. انڪري انهن کي پي ٽي آءِ جي صورت ۾ ٽين قوت پيدا ڪرڻي پئي. ان جيڪا مار ڌاڙ ڪئي يا انهن کي ٽشو پيپر جيان استعمال ڪري ڦٽو ڪيو ويو، ان روايت کي اتحادي حڪومت اڳتي وڌايو آهي. هي روش، پوءِ عمران خان ان تي عمل ڪيو يا موجوده حڪمران ڪري رهيا آهن، ان جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت ڪري نٿي سگهجي، ان جا سويلين حڪمراني تي انتهائي اگرا اثر پوندا،جنهن جي قيمت مجموعي طور تي سموري ڌرين کي ادا ڪرڻي پوندي.
عمران خان جي حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ منظور ٿيڻ کانپوءِ جيڪا حڪومت قائم ٿي آهي، ان کي مخالف امپورٽيڊ حڪومت سڏين ٿا، ان کان اڳ واري کي اتحادي حڪومت ۾ شامل ڌريون وري سليڪٽيڊ سڏينديون هيون. حقيقت هي آهي ته پهريان عمران خان سليڪٽيڊ هو، هاڻ اتحادي حڪومت وارا سليڪٽيڊ آهن، عمران خان جنهن مينڊيٽ جي بنياد تي اڳيان آندو ويو اهو نقلي هو، اها اصل ۾ واڳ ڌڻين جي جوڙ توڙ هئي،جنهن ملڪ کي سياسي، جمهوري ۽ معاشي لحاظ کان تمام گهڻو نقصان پهچايو. هاڻ ان نقصان جو ازالو ڪرڻ بدران، ساڳين پاليسين کي جاري رکيو ويو آهي. هي ڳالهه سمجهڻ جهڙي آهي ته هي امپورٽيڊ حڪومت ناهي. پي ٽي آءِ جيڪي ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته عالمي سازش تحت کين اقتدار جي ايوانن مان نيڪالي ڏني وئي، اهو بيانيو ڪوڙو ثابت ٿي چڪو آهي. هينئر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان سان ملڪي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي. اهڙيون ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته عمران خان ۽ ان جي ساٿين ته سموريون حدون پار ڪندي ملڪي عوامي مفادن جو خيال نه ڪيو ۽ انهن عالمي سطح تي جيڪا لابنگ ڪئي، ان معيشت کي گهڻو نقصان پهچايو. جلد چونڊن ڪرائڻ واري تڪڙ، صورتحال کي گهڻو ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. هي تاثر به سامهون آيو ته اتحادي حڪومت جي مخالفن ته بغل وڄايا ته پاڪستان اجهو ٿو ڊيفالٽ ڪري، هاڻ سوال آهي ته جيڪڏهن ملڪ جو ڏيوالو نڪري ها، يا نڪرڻ جا امڪان موجود آهن ته پوءِ عام ماڻهوءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ سياسي وسيع نظري جي کوٽ جي ڪري مخالفت جون سموريون حدون پار ڪيون ويون آهن.
ان ڳالهه تي ڪي به ٻه رايا ناهن ته اتحادي حڪومت مخالفن جي خلاف جيڪو ڪريڪ ڊائون ڪري پئي، ان سان جمهوري نظام جي ڪابه خدمت نه ٿيندي. هڪٻئي پٺيان، جيڪي گرفتاريون ٿيون آهن ۽ مستقبل قريب ۾ وڏي گرفتاري عمران خان ۽ ان جي غار يارن جي هوندي،جنهن سان رهيل ڪسر پوري ٿي ويندي. عمران خان کي يقينن اها معلومات ڪنهن نه ڪنهن ذريعي کان ملي هوندي، انڪري هو گرفتارين کان بچڻ لاءِ گرمي پد کي بوائلنگ پوائنٽ تي وٺي وڃڻ گهري ٿو. هينئر سياستدان اهڙي ته چور گپ ۾ ڦاٿل آهن، جو انهن جو نڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪنهن به نقطي تي اتفاق ناهي، انڪري حڪومت جيڪي قدم کڻندي، ان کي مخالف قبول نه ڪندا، ساڳي طرح پي ٽي آءِ وارا جيڪو ڪجهه ڪندا،ان کي حڪومت Own نه ڪندي. جنهن جو فائدو، ان قوت کي ٿيندو،جيڪا، چاهي ٿي ته سياسي ڌرين جو هڪٻئي جي ڳچي ۾ هٿ هجي ته جيئن انهن جا مفاد پورا ٿيندا رهن. ملڪ جي مجموعي تاريخ ۾ هي ساڳيو تماشو ڪندا رهيا آهن. عمران خان، پنهنجن ڪارڪنن کي ڪال ڏني آهي ته اهي روڊن ۽ رستن تي اچي احتجاج ڪرڻ بدران جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪن. پي ٽي آءِ روڊن ۽ رستن تي احتجاج ڪري يا جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري ڳالهه ساڳي هوندي، ٻنهي صورتن ۾ زندگي جو وهنوار متاثر ٿيندو. اصل جيل ڀريو تحريڪ جو رواج فوجي آمريت جي ڏينهن ۾ پيو، صحافت کي سنگهرن ۾ سوگهو ڪرڻ لاءِ ان نوعيت جي تحريڪ شروع ڪئي وئي هئي، ان کانپوءِ فوجي راڄ وارن ڏينهن ۾ سياسي پارٽين سول نافرماني جو سڏ ڏنو هو. ان جا فوجي آمرن تي ته وڏا اثر پيا ۽ عام ماڻهوءَ ۾ به آمريت جي خلاف ايڏي نفرت پيدا ٿي، جو ٻن، ٽن نسلن تائين ، ڪنهن به آمراڻي نظام خلاف جذبو رهيو. انهن ڏينهن ۾ پرويز مشرف جهڙي سافٽ مارشل لا لاڳو نه هئي، ايوب خان به وڏي پيماني تي صحافين ۽ سياسي ڪارڪن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ته جنرل ضياءَ ان کان به ٻه قدم اڳتي هو. ان ته سياسي ڪارڪنن کي ڦاهيون ڏنيون، ان جي باوجود ڪنٽرول نه ٿيو ته وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون ڪري ڪيترن ئي سالن تائين سياسي ڪارڪنن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي معاف نه ڪيو ويو. اهي سمورا قدم فوجي آمرن لاءِ بيڪ فائر ثابت ٿيا ۽ آخرڪار کين ٽپڙ ويڙهي گهر ڀيڙو ٿيڻو پيو.
فوجي آمرن خلاف وڙهڻ وارا سياسي ڪارڪن هئا، نڪي ممي، ڊيڊي ٻار هئا، جن ڪڏهن گرمي ۽ سردي به برداشت نه ڪئي آهي. جيڪڏهن عمران خان جي سياسي ڪارڪنن کي گريس مارڪون ڏئي پاس ڪجي ته هو جيل ڀريو تحريڪ ڪيستائين هلائي سگهن ٿا؟ يقينن عمران خان جو ٽارگيٽ عام چونڊون هونديون، هي تحريڪ جيڪڏهن ٻه مهينا هلي وڃي تڏهن به غنيمت هوندي. ان سان زندگي جي وهنوار جا سمورا ڪم ٺپ ٿيڻ جو انديشو آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو ته ملڪي معيشت سان گڏ سياسي عمل کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. معاشي حالتن جي جيتري خبر عمران خان ۽ ان جي جوڙيوالن کي هوندي، شايد ٻيا ايترا واقف نه هوندا. معاشي صورتحال جي خرابي ڪا ٻه چار مهينن جو ڪم ناهي، پر ملڪي تاريخ ۾ ايترا ته لاها چاڙها آيا، جو ڪڏهن عام ماڻهو کي ٻن ويلن جي ماني ڳڀو به نه مليو ته ڪڏهن وري پريشانين ۾ وڌيڪ واڌ سبب ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿيا. موجوده صورتحال به جلد بهتر ٿيڻ واري ناهي، ماضي ۾ ملڪ ۾ تاريخي ناڻيواڌ جي رفتار ايتري نه رهي آهي، جيتري هينئر آهي، ان ماڻهن جي وات مان ڳڀو به کسي ورتو آهي.
جيڪڏهن ملڪي سياسي صورتحال جيئن جو تيئن گرم رهي ته ان سان حڪومت هلي يا نه، پر عام ماڻهوءَ ۾ جيڪڏهن ڪاوڙ وارو رجحان پيدا ٿيو ته وڏي تباهي ٿي سگهي ٿي. هينئر ته عام ماڻهوءَ کان دانهن به نٿي ڪري، اهي احتجاج ڪيئن ڪندا؟ ان لاءِ سياسي قيادت پوءِ اها حڪومت ۾ هجي يا ان کان ٻاهر کي سوچڻو پوندو. ملڪ جي وسيع مفادن کي سامهون رکڻو پوندو. هينئر جيڪڏهن وڌيڪ معاملا خراب ٿيا ته ريفري به وچ ۾ ايندا ۽ ڪجهه اهڙيون قوتون آهن، جيڪي مداخلت به ڪري سگهن ٿيون. انهن جي اشاري تي صورتحال کي سنڀاليو ويو ته مستقبل قريب ۾ عام چونڊون به ٿي وينديون، پر جيڪڏهن ڪجهه حلقن اتحادي حڪومت توڙي عمران خان کي هشي ڏني، چور کي چيو ته “چوري ڪر، ۽ ڀاڳئي کي چيو ته گهر ٿو ڦرجئي” !، ته ان سان رهيل ڪسرون پوريون ٿي وينديون. جيڪڏهن ٻنهي ڌرين ۾ ٿوري به سوجهه ٻوجهه آهي ۽ اهي نٿيون چاهين ته سويلين نظام ڊي ريل نه ٿئي ته پوءِ ٻنهي ڌرين کي سوچي وٺڻ گهرجي،انهن کي پنهنجن پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.ان حوالي سان حڪومت وٽ طاقت آهي،انڪري اها ان جو ناجائز استعمال نه ڪري.انهن قوتن خلاف طاقت جو استعمال ضروري آهي،جيڪي دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث آهن.مخالفن سان بهتر سلوڪ ڪري، گرفتار سمورن اڳواڻن کي نه رڳو آزاد ڪرڻ گهرجي، پر انهن جي ڪيسن کي ختم ڪرڻ تي به غور ڪرڻ گهرجي، ان سان گڏ عمران خان کي انتها پسندي ۽ مهم جوئي ڇڏي، خاص ڪري دهشتگرديءَ جي لهر تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سافٽ ڪارنر ڏيکارڻ جي ضرورت آهي. ان سان سلامتي وارين قوتن جو اعتماد وڌندو ۽ اهي دهشتگردي جهڙي لعنت کي پاڙان پٽي سگهنديون.ان سان گڏ عام چونڊن لاءِ سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي ته جيئن پرامن طريقي سان اقتدار جي منتقلي ٿئي.ائين نه ٿئي ته عام چونڊون به ٿي وڃن،پر ان جي نتيجن کي ڌريون قبول نه ڪن.عمران خان ۽ ان جي حامين ۾ هي رجحان وڌيڪ آهي ته جيڪڏهن اهي هارائيندا ته اتحادي حڪومت تي الزام هڻندا ۽ وري احتجاج جون ڌمڪيون ڏيندا.اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ته اها شفاف چونڊون ڪرائي،جنهن لاءِ سخت ضابطا اخلاق تي عمل ڪرائڻو پوندو….