سنڌ

مارچ کان ڪڻڪ خريداري جو فيصلو،نون پوليس اهلڪارن جا ڊوميسائيل چيڪ ٿيندا

سنڌ ڪابينا پنجن ڪلاڪن کان وڌيڪ ٿيندڙ اجلاس ۾ 15 مارچ کان 4000 رپيا في مڻ (40 ڪلو) ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، امدادي ڪمن لاءِ 58 ڏهائي 7 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي ۽ مڇريل ماڻهن تي جلد ڪنٽرول بابت ريپڊ ريسپانس فورس جو دائرو وڌائيندي ڪرائوڊ مئنيجمينٽ يونٽ قائم ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير جي قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي فيصلن بابت بريفنگ ڏني. اجلاس جي شروعات ۾ ڪابينا پشاور ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي جنهن ۾ 82 کان وڌيڪ بيگناهه جانيون ضايع ٿيون ۽ ان سان گڏ ئي دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي سندن صفن مان ختم ڪرڻ جي عزم ڪيو ۽ ترڪي سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو ويو، جتي ترڪي جي ڏکڻ وارا علائقا خطرناڪ زلزلي سبب گهڻا متاثر ٿيا آهن. ڪابينا، وڏي وزير مراد علي شاهه جي پشاور دوري کي ساراهيو، جتي هن ڌماڪي واري هنڌ ۽ اسپتال جو دورو ڪيو ۽ زخمين جي عيادت ڪئي. ڪابينا، وڏي وزير پاران ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن لاءِ 10 لک رپيا ۽ زخمين لاءِ 5 لک رپيا معاوضو ڏيڻ واري اعلان جي پڻ منظوري ڏني، ڪابينا، ترڪي جي زلزلي متاثرن لاءِ هڪ لک خيما موڪلڻ جي منظوري پڻ ڏني. جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته ٻوڏ ۽ سخت برساتن دوران 58 ڏهائي 7 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، جن ۾ رليف ۽ بحالي لاءِ 27648 ڏهائي 452 ملين رپيا ۽ ربيع جي فصل 23-2022 ۾ هارين کي رعايت جي مد ۾ 8390 ملين رپيا شامل آهن. چوپائي مال جي گاهه لاءِ 1000 ملين رپيا، آبپاشي جي ڪمن لاءِ 14150 ڏهائي 3 ملين رپيا، سروي يا ڊيمز ۽ لاڳاپيل ڪمن لاءِ 3628 ڏهائي 63 ملين رپيا، ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز لاءِ 3925 ڏهائي 952 ملين رپيا، بسن جي رستن ۽ ٻين ڪمن سميت دوائن جي خريداري لاءِ 985 ڏهائي 405 ملين رپيا شامل آهن. وڏي وزير زراعت بابت صلاحڪار کي هدايت ڪئي ته هو وفاق سان رابطو ڪري، جنهن ربيع جي فصلن تي هارين کي رعايت لاءِ 8 ڏهائي 39 ارب رپيا ڏنا آهن ته جيئن ان کي بي آءِ ايس پي پروگرام ذريعي وقت تي ورهائي سگهجي، ڪابينا رليف ۽ بحالي لاءِ 25 ڏهائي 36 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا پوليس کاتي ۾ تازين ڀرتين بابت جعلي ڊوميسائل جو معاملو اٿاريو، جنهن خلاف ڪجهه شڪايتون مليون. وڏي وزير چيو ته ڀرتيون خاص ميرٽ تي مقامي ماڻهن لاءِ ڪيون ويون آهن، وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيل سمورن نون ڀرتين جي ڊوميسائل جي تصديق ڪئي وڃي ته جيئن حقيقي ۽ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪري سگهجي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ريپڊ ريسپانس فورس (آر آر ايف) جي واڌ ۽ ڪرائوڊ مئنيجمينٽ يونٽ (سي ايم يو) جي قيام لاءِ سمري موڪلي آهي. ريپڊ ريسپانس فورس (RRF) هڪ دهشتگرد ٽوڙ ۽ چورن خلاف فورس آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جيڪا 2009 ۾ قائم ڪئي وئي. آر آر ايف پنهنجي بنيادي ذميوارين کان علاوه خاص هنڌن جهڙوڪ آئل ريفائنريز، سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ، وزيراعليٰ هائوس، سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، وي وي آءِ پيز ۽ ڪرڪيٽ ٽيمن جي سيڪيورٽي، ڪراچي ۾ اهم مذهبي جاين، سياسي يا سماجي گڏجاڻين جي حفاظت لاءِ مامور هوندي. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سڄي صوبي ۾ آر آر ايف جي واڌ ضلعي پوليس يا ٻين ايل اي ايز کي ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ جلد ڪارروائي ڪندي. سي ايم يو: سي ايم يو کي هڙتال/مڇريل ماڻهن خلاف جلد ڪارروائي ڪرڻي هوندي آهي ته جيئن جاني ۽ مالي نقصان تي وقت تي ضابطو آڻي سگهجي ته جيئن غيرقانوني هجوم تي ڪنٽرول ڪري امن برقرار رکي سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته سنڌ ريزرو پوليس (ايس آر پي) جون پوسٽون ٻيهر مختص ڪري نيون پوسٽون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن آر آر ايف جي واڌو مالي خرچ کان بچي سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير فيصلو ڪيو ته ايس آر پي رڳو ايس ايس يو جي الڳ انتظامي ڪنٽرول تحت سنڌ هائوس اسلام آباد کي جنرل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تائين محدود هوندي ۽ هن ريپڊ رسپانس فورس (آر آر ايف) کي سڄي سنڌ ۾ وڌائڻ جي پڻ منظوري ڏني. تفصيلي غور ويچار کانپوءِ ڪابينا ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ ورڇ تي رٿابندي ۽ ان تي عملدرآمد جي ذميواري شامل آهي. KWSBجي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت يا CBO/NGOيا خود مختيار اداري ذريعي هر هڪ خودمختيار ۽ آئيني اداري يا فرد کي فراهم ڪرڻ لاءِ پاڻي جي ماپ جو تعين ڪرڻ ۽ سڀني معيارن تي عمل ڪندي پاڻي ۽ نيڪال جي سروس بابت لائسنس جاري ڪرڻ. ڪارپوريشن جو هڪ بورڊ هوندو ۽ بورڊ جو چيئرپرسن KMC جو ميئر هوندو ۽ ان جي غير موجودگي ۾ ايڊمنسٽريٽر KMC جو چيئرمين هوندو، جنهن ۾ ست اڳوڻا آفيسر ۽ نو غير سرڪاري ميمبر (تعليمي ماهر، سول سوسائٽي، پاڻي ۽ نيڪال جا ماهر، قانوني ۽ مالياتي ماهر) ۽ سنڌ اسيمبلي جا ٻه ميمبر شامل هوندا. ڪارپوريشن بورڊ پاڻي فراهمي لاءِ اسٽريٽجڪ منصوبا جوڙيندو ۽ ان جي بجيٽ منظور ڪندو. ڪارپوريشن کي چئن سالن جي مدت لاءِ KWSC بورڊ پاران مقرر ڪيل چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) پاران مقرر ڪيو ويندو، جنهن ۾ چيف آپريٽنگ آفيسر، چيف فنانشل آفيسر، چيف انٽرنل آڊٽ آفيسر ۽ چيف آءِ ٽي آفيسر به هوندا، ڪابينا بل اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد پريس ڪلب کي ڳوٺ گنجو ٽڪر، تعلقي لطيف آباد ۾ 75 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي. ڪابينا ڪاغذي عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪلب کي 1497120 رپيا گرانٽ جي منظوري ڏني. صوبائي ڪابينا رڳو الڳ آئسوليٽڊ/ غير ترقي پوسٽن لاءِ ٽائيم اسڪيل جي بنياد تي گريڊ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 5، 12، 19، 27 سال سروس ڪرڻ کانپوءِ ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو ويندو، جيڪو موجوده پگهار اسڪيل کان هڪ درجو مٿي هوندو. گريڊ هڪ جا ملازم گريڊ 2 ۾ ترقي وٺندا، 12 سال سروس ڪندڙ کي گريڊ 3، 19 سالن واري کي گريڊ 4 ۽ 27 سالن واري کي گريڊ 5 ۾ ترقي ڏني ويندي. گريڊ 1 کان 15 تائين جي ملازمن کي ان صورت ۾ ٽائيم اسڪيل ڏنو ويندو. صحت کاتي نجي شعبي جي ڪاليجن لاءِ بي ايس نرسنگ (جنرڪ-04 سال) ڊگري پروگرام ۾ داخلا لاءِ چونڊ معيار جي پاليسي متعارف ڪرائي آهي. پاليسيءَ تحت ڪابينا جي منظوري موجب صوبي جي رهواسين کي ترجيحي بنيادن تي داخلائون ڏنيون وينديون ۽ خالي سيٽون ٻين صوبن (سواءِ سنڌ) مان اوپن ميرٽ ذريعي ڀرتيون ڪيون وينديون. بي ايس نرسنگ ۾ خانگي ادارن/ ڪاليجن لاءِ چونڊ معيار ۽ ڪوٽا 15 سيڪڙو عورتن لاءِ ۽ 5-5سيڪڙو هر هڪ اقليتن ۽ معذورن لاءِ هوندو. تعليمي قابليت FSC (پري ميڊيڪل) ۽ پاڪستان نرسنگ ڪائونسل پاران منظور ڪيل اهليت 50 سيڪڙو جي شرط مطابق هوندي. ڪابينا فيصلو ڪيو ته نئين فصل لاءِ ڪڻڪ جي خريداري 15 فيبروري کان 4000 رپيا في 40 ڪلو جي حساب سان شروع ٿيندي. خريداري جو هدف ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ طئي ڪيو ويندو. صوبائي ڪابينا اڳوڻي چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ ۽ رٽائرڊ پي سي ايس آفيسر رحيم سومرو کي صوبائي لوڪل گورنمينٽ ڪميشن جو ميمبر (ٽيڪنيڪل) مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button