سڀ کان پهرين اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڊفالٽ يا ڏيوالپڻو ڇا آهي. ڪو به ملڪ جڏهن ٻاهرين ملڪن جا يا وري مالياتي ادارن، جهڙوڪ؛ بين الاقوامي مالياتي فنڊ IMF)، (عالمي بئنڪ World Bank) ائين ئي ٻيا به ڪيترائي ادارا آهن، جيڪڏھن اُنھن کان ورتل قرض طئي ٿيل شرطن موجب واپس ڪرڻ واري صلاحيت وڃائي ويهي ٿو ته ان ملڪ کي بين الاقوامي طور تي ڊفالٽ يا ڏيوالپڻي جو شڪار قرار ڏنو ويندو آهي يا وري ايئن به ٿيندو آهي ته حڪومت پاڻ اعلان ڪندي آهي ته اسان وٽ هن وقت ايترا پئسا ناهن جو قرض واپس ڪري سگھون.
هر ملڪ جي مٿان ٻن قسمن جا قرض ٿيندا آهن.
1) اندروني قرض
2) بيروني قرض
1) اندروني قرضَ ته پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڪيئن به ڪري واپس ڪري سگهجن ٿا، پر جيڪي بيروني قرض ٿين ٿا، اُهي ڪرنسي ڇاپي ڪري واپس نٿا ڪري سگهجن ڇو ته اھو قرض ڊالر جي صورت ۾ ورتل هوندو آهي ۽ واپس به ڊالر جي صورت ۾ ڪرڻو هوندو آهي.
هاڻي هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڪوئي ملڪ ڊفالٽ ڪيئن ڪندو آهي؟
ملڪ تڏهن ڊفالٽ جو شڪار ٿيندو آهي جڏهن ان جا فارين رزروس ختم ٿي ويندا آهن. فارين رزروس ڪنھن به ملڪ جا قومي خزانا ٿيندا آهن، ۽ قومي خزانو ڊالر جي صورت ۾ هوندو آھي.
جنهن به ملڪ جا فارين رزروس جيترا هوندا آهن اھو ملڪ معاشي طور تي اوترو ئي مضبوط هوندو آهي.
هاڻي هتي وري ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو ته فارين رزروس ختم ڪيئن ٿيندا آھن؟ فارين رزروس تڏهن ختم ٿيندا آهن، جڏهن ملڪ جي امپورٽ، ايڪسپورٽ جي مقابلي ۾ وڌي ويندي آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڊالر اچي گهٽ ۽ وڃي گهڻو ٿو، ۽ ان ڪري ملڪ ۾ ڊالر جي کوٽ پيدا ٿيندي آهي ۽ ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن کان قرض وٺڻا پوندا آهن.
ڪنهن به ملڪ کي هلائڻ لاءِ پئسن جي ضرورت پوندي آهي، ۽ اهي پئسا ڊالر جي صورت ۾ ھوندا آھن، ڊالر اسان وٽ تڏهن ايندو آهي جڏھن اسان شيون ايڪسپورٽ ڪندا آهيون مطلب ته ٻاهر موڪليندا آهيون، ٻيو وري اسان جا ماڻهو جيڪي ٻاهر ڪمائيندا آھن اُھي جڏھن اسان وٽ پئسا موڪليندا آھن تڏھن به ڊالر ايندو آهي، پر جڏهن اسان جي اڃان به امپورٽ وڌيڪ آهي ته اسان کي قرض وٺڻو پوندو آهي.
جڏهن ڊالر جي کوٽ ٿيندي آهي ته ملڪ جي لوڪل ڪرنسي جو ويليو ڊالر جي مقابلي ۾ ڪرڻ شروع ٿي ويندو آهي، مثال طور هن وقت هڪ آمريڪن ڊالر پاڪستاني 277.81 رپين، هندستاني 82.23 ۽ بنگالي 108.35 ٽڪن جو ٿي چڪو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته پاڪستان جا فارين رزروس تمام گهٽ آهن.
جيڪڏهن ڪوئي ملڪ ڊفالٽ ڪندو آهي ته ان ملڪ کي ٻاهريان ادارا/ملڪ قرض ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ جيڪي اثاثا هوندا آهن انهن کي بين الاقوامي طور تي ضبط ڪيو ويندو آهي. ڇو ته ڪوئي به ملڪ جڏهن قرض وٺندو آهي ته پنهنجا اثاثا گروي رکي ڪري قرض وٺندو آهي ۽ پوءِ ٻاهريان ملڪ يا ادارا پنهنجي قرضن جي قيمت پوري ڪرڻ لاءِ اُن ملڪ جي اثاثن تي قبضو ڪري وٺندا آهن، اثاثا ڪهڙي به قسم جا ٿي سگهن ٿا. ڪوئي به ملڪ اُن ڊفالٽ ملڪ تي يقين ناهي ڪندو ۽ آئنده لاءِ اُن ملڪ کي قرض ڏيڻ کان ڪيٻائيندا آهن.
هاڻي اچون ٿا پنهنجي موضوعَ طرف ته ڇا پاڪستان واقعي ڊفالٽ ڪرڻ وارو آھي.
پهرين ڳالھه اها ته ڪنھن به ملڪ لاءِ ڊفالٽ ڪرڻ ايترو آسان ناهي هوندو، ۽ پاڪستان ڪوئي پهريون ملڪ نه هوندو جيڪو ڊفالٽ ڪندو، ان کان پھريان به ڪيترائي ملڪ ڊفالٽ ڪري چڪا آھن، تقريبن اڄ کان 22 سال اڳ جڏهن ارجنٽينا ۽ ڪيليفورنيا ڊفالٽ ڪيو هو ته ان وقت IMF اھو فيصلو ڪيو هو ته ٻيهر پنهنجي ڪنهن به ميمبر ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ نه ڏِبو، پاڪستان به IMF جو ميمبر آهي. پر جيڪڏهن ڪوئي ملڪ ڊفالٽ ڪري وڃي ٿو ته اُن جا اثر تمام خراب ٿيندا آهن سريلنڪا جو مثال اسان جي سامهون آهي.
پاڪستان جون حالتون به ڪجھه اهڙيون ئي آهن جهڙيون سريلنڪا جون هيون، پر سريلنڪا جي حالت پاڪستان جي مقابلي ۾ تمام خراب هئي.
پاڪستان اڃا قرض واپس ڪرڻ واري صلاحيت ناهي وڃائي، ۽ نه ئي وري حڪومت ايئن چيو آهي ته اسان قرض نه ڏئي سگهنداسين، اصل ۾ جيڪي ٻيا قرض ورتل هوندا آھن ڪنھن به ملڪ کان يا ڪنھن به اداري کان، اُنھن سان ڳالهين جي ذريعي قرض واپس ڪرڻ جي تاريخ پوئتي ڪري سگهجي ٿي، پر جيڪو طئي ٿيل قرض هوندو آهي اهو بانڊ جي صورت ۾ هوندو آھي، ۽ هينئر ئي گذريل سال پاڪستان 5 ڊسمبر 2022 ۾ هڪ ارب ڊالر جو اسلامڪ بانڊ واپس ڪيو آهي، ۽ ٻيهر جيڪو واپس ڪرڻو آهي اهو يورو بانڊ آهي جيڪو 15 اپريل 2024 ۾ واپس ڪرڻو آهي تيستائين حڪومت ڪوئي نه ڪوئي جڳاڙ ڪري وٺندي. هيل تائين پاڪستان جڏهن به قرض وٺندو آهي ته اھو واپس به ڪندو آهي.
ان جو مطلب اهو ﭤﺌﻲ ٿو ته پاڪستان في الحال سال ڏيڍ ۾ ڊفالٽ ڪرڻ وارو ناهي.
پر ها پاڪستان کي ڪرنسي ڪرائيسز ٿي سگهن ٿا ڇو ته هن وقت اسان جي امپورٽ گهڻي آهي ۽ ايڪسپورٽ اُن جي مقابلي ۾ تمام گھٽ آهي، ۽ اُن ڪري ئي اسان وٽ ڊالر جي کوٽ پيدا ٿي آهي، هن وقت پاڪستان وٽ صرف 3.09 ارب ڊالر تائين رزروس بچيا آهن، شايد اهي به ڪجھه وقت ۾ ختم ٿي وڃن. پاڪستان جي اها حالت ان ڪري ٿي آهي جو مثال طور پاڪستان جي آمدني 100 ڊالر آهي ته پاڪستان جا خرچا 220 ڊالر آھن، پوءِ اهو جيڪو 120 ڊالر جو خسارو آهي اهو پورو ڪرڻ لاءِ قرض وٺڻو پوندو آهي. پر پاڪستان جا اهي رزروس ختم نه ٿيندا ڇو ته پاڪستان کي اڃان قرض ملڻا آھن جيئن هاڻي ڪجھه ڏينهن پهرين IMF کان هڪ ارب ڊالر جي پهرين قسط ملي آهي ايئن ئي ٻيون به ملنديون، ۽ ٿي سگهي ته سعودي ۽ چائنا کان به ملي يا وري ٻئي ڪنھن ملڪ کان به قرض ملي سگهي ٿو. پاڪستان تي جيڪو هن وقت ٻاهريون قرض آهي اهو ٽوٽل 130 ارب ڊالر کان به وڌيڪ آهي، اھو قرض پاڪستان جي ٽن سالن جي بجيٽ جيترو آهي.
جيڪڏهن پاڪستان کي ڪرنسي ڪرائسيز کي منهن ڏيڻو پيو ته ملڪ جي امپورٽ بند ٿي ويندي ۽ پاڪستان کي گهڻن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو ڇو ته جڏھن امپورٽ نه ٿيندي ته اسان وٽ کاڌي پيتي جو سامان به نه ملندو ۽ نه ئي وري پيٽرول ملي سگهندو. جڏهن اهي سڀ شيون نه ملنديون ته مهانگائي چوٽ چڙهي ويندي ۽ ان جو گهڻي ۾ گهڻو اثر غريب طبقي تي پوندو
هاڻي ڏسون ته حڪومت انهن سڀني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻي ٿي.