ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊجيٽل آدمشماري 2023ع ۽ سگا

Editorial-Article-Ali Hassan Brohi

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن طرفان ملڪ ۾ ٿيندڙ پهرين ڊجيٽل آدمشماري 2023ع کي شفاف بنائڻ ۽ سنڌ جي تاريخي، قومي حيثيت جي مڃتا ۽ ملڪ جي وفاق جي وحدت طور حقن جي حفاظت لا سنڌ جي سول سوسائٽي جي ادارن کي يڪجا ڪرڻ لا سنڌ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي. هن ڪائونسل ۾ هن وقت سنڌ جي سول سوسائٽي جا 6 ادارا سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن، سنڌ ويزن، سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم، سروينٽس آف سنڌ سوسائٽي، سنڌ سوشل سائنٽسٽس فورم ۽ دي انٽيلڪچوئل فورم تي مشتمل ڪائونسل جوڙي وئي آهي. سول سوسائٽي جي ادارن جي صلاحيتن ۽ سرگرمين کي يڪجا ڪري ڊجيٽل آدمشماري کي شفاف بنائڻ ۽ سنڌ جي حقن جي حفاظت لا گڏجي ڪاوشون ڪرڻ ۽ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل طرفان 4 فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي موضوع تي تمام اهم سيمينار ڪوٺايو ويو جنهن ۾ملڪ جي اهم محققن پروفيسر ڊاڪٽر سيد جعفر احمد، پروفيسر مشتاق ميراڻي، ڊاڪٽر محبوب شيخ، عبدالرحيم سومرو، پروفيسر اعجاز قريشي، ناميارن صحافين جي اين مغل، اسحاق سومرو تحقيقي مقالا پڙهيا ۽ سول سوسائٽي جي اهم شخصيتن ۽ ساڃهه وندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪيترا ئي ٺهرا پڻ منظور ڪيا ويا جيڪي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کان علاوه ملڪ ۽ عالمي ادارن کي پڻ موڪليا ويندا.

وفاقي حڪومت طرفان ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون نئين ڊيجيٽل آدمشماري ۽ نئين تڪ بندين تحت ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ملڪ ۾ ڊجيٽل آدمشماري پهرين مارچ کان شروع ڪري مهيني اندر ئي مڪمل ڪئي ويندي ۽ ان بعد انهي آدمشماري جا نتيجا 30 اپريل 2023ع تي جاري ڪيا ويندا. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پڌرائي موجب، ملڪ ۾ ٿيندڙ نئين آدمشماري کانپوءِ انهن جي بنياد تي صوبن ۾ نيون تڪ بنديون پڻ ڇهه مهينن اندر مڪمل ڪيون وينديون. ملڪ ۾ ٿيندڙ پهرين ڊجيٽل آدمشماري 2023ع جي حوالي سان سنڌ جي سول سوسائٽي جي ادارن ۽ سنڌ جي ساڃهه وندن طرفان جوڙيل سنڌ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي پليٽ فارم تان ٿيندڙ هي سيمينار پنهنجي نوعيت جي حوالي سان تمام اهم آهي. اميد آهي ته سنڌ جي ساڃهه وندن طرفان پيش ڪيل نقطن ۽ رٿن ۽ ٺهرائن تي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار طرفان غور ڪيو ويندو ۽ هن ڊجيٽل آدمشماري تي پيدا ٿيل انديشن جو حل ڪڍيو ويندو ۽ درست رخ تي قدم کنيا ويندا.

اسان ان ڏس ۾ پڻ آگاهه آهيون ته، هن کان اڳ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي 2017ع ۾ملڪ ۾ ٿيل آدمشماري ۾ پڻ سنڌ جي عوام جي تعداد هڪ ڪروڙ گهٽ سوا پنج ڪروڙ جي لڳ ڀڳ شمار ڪئي وئي، جڏهن ته، سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پڻ اڻپوري ڳڻپ ڪئي وئي، اهڙا ثبوت ريڪارڊ تي پڻ اچي چڪا آهن ته، سنڌ صوبي جي پنجاب جي سرحدي ضلعن جي 70 لک سرائيڪي آبادي کي پنجاب ۾ ڳڻيو ويو. اها پڻ حقيقت آهي ته، سنڌ حڪومت طرفان ان صورتحال تي سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ اهو معاملو، پارليمان ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پڻ پيش ڪيو ويو هو. تنهن وقت جي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي رهائشگاهه تي پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جي ٿيل انهي گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته، 2017ع واري تڪراري آدمشماري کي درست ڪرڻ لا، 5 سيڪڙو ڳڻپ بلاڪن جي ڪمپيوٽر ڪڻن ذريعي چونڊ ڪري ڳڻپ ڪرائي ويندي ۽ انهي آدمشماري کي درست ڪيو ويندو پر اهو مسئلو اڄ ڏينهن تائين حل ٿي نه سگهيو آهي ۽ سنڌ صوبي کي انهي اڻپوري ڳڻپ موجب ئي وفاق مان پنهنجا آئيني حق ۽ قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ موجب فنڊز ملن ٿا جيڪي سنڌ جي اصل حق ۽ آدمشماري کان گهڻو گهٽ آهن.
وفاقي شماريات کاتي پاران ملڪ ۾ ٿيندڙ پهرين ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ حساس معاملو سنڌ صوبي سان لاڳاپيل آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جي لکن جي تعداد ۾ منتقلي ۽ آبادڪاري ڪري سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي والار وڌي آهي ۽ سنڌي قوم جون وڏي پيماني تي حق تلفيون ٿي رهيون آهن. خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لکين افغانين بهارين، بنگالين جي وڏي تعداد کي سنڌ ۾ ڪمپيوٽرائزڊ قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ سنڌ جي حق ملڪيت جو مالڪ بنائڻ وارا معاملا تمام گهڻي ڳڻتي واري صورتحال اختيار ڪري ويا آهن. هاڻوڪي 2023ع ۾ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري ۾ پرڏيهين کي ملڪ جي شهري ۽ سنڌ جي آدمشماري ۾ شمار ڪرڻ جي انديشن تي سنڌ گريجويٽس ائسوسئيشن کي پڻ تمام گهڻي ڳڻتي آهي.
ڊجيٽل آدم شماري جي غير واضح طريقيڪار سان ڌارين کي سنڌ جي ملڪيتن ۽ مالڪي ۾ حصيدار شمار ڪرڻ غير آئيني قدم ۽ انهي عمل سان سنڌين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آهي. انهن سمورن قومي جياپي ۽ سنڌ جي ورثي ۽ وراثت جي تاريخي حقن جي طئي ٿيل معاملن ۾ آئين ۽ قانون جي نالي ۾ ڦير ڦار ڪرڻ يا سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ڪنهن به قسم جي ويساهه گهاتي کي قبول نه ڪيو ويندو. نئين ڊجيٽل آدمشماري موجب اڳتي هلي صوبن جون نيون تڪ بنديون پڻ ٿينديون ۽ صوبن جا وفاق، پارليمان ۽ وفاقي ادارن ۾حق طئي ٿيندا ۽ قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ موجب فنڊز جي ورهاست پڻ طئي ڪئي ويندي.
اهي خبرون پڻ منظر عام تي آيون ته اڳوڻي حڪومت طرفان افغانين لا نرم پاليسي اختيار ڪئي وئي ۽ سنڌ ۾ موجود افغانين ۽ ٻين پرڏيهين کي ڪمپيوٽرائزڊ قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن. اسان کي اهو معلوم ڪرڻ گهرجي ته ڪيترن افغانين ۽ ٻين پرڏيهن کي سنڌ مان ڪمپيوٽرائزڊ قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن. اسان جو انهي حوالي سان اهو مطالبو آهي ته پرڏيهين جو جيڪو به تعداد هجي انهن کي سنڌ صوبي جي مستقل آبادي طور نه ڳڻيو وڃي ۽ انهن کي جاري ڪيل سمورا ڪمپيوٽرائزڊ قومي شناختي ڪارڊ رد ڪيا وڃن ۽ نئين ڊجيٽل آدمشماري ۾ انهن کي شمار نه ڪيو وڃي. اسان جي سنڌ حڪومت کان اها گهر آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان سوسائٽي ۽ سماجي ادارن ۽ ساڃهه وندن ۽ سمورين واسطيدار ڌرين سان وڌ ۾ وڌ گڏجاڻيون ڪيون وڃن ۽ سنڌ جي قومي جياپي جي حساس معاملن تي اتفاق حاصل ڪيو وڃي يا وڌ ۾ وڌ اتفاق حاصل ڪري قدم کڻڻ گهرجن ۽ منظور ٿيندڙ رٿون سنڌ صوبي جي ڪيس يا مقدمي جي صورت ۾ وفاقي سرڪار وٽ پيش ڪرڻ گهرجن ته جيئن نئين ڊجيٽل آدمشماري بابت سنڌ جي عوام، سول سوسائٽي ۽ ساڃهه وندن ۾ موجود ڳڻتي جو ازالو ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button