ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

معيشت جو ٻڏندڙ ٻيڙو

Editorial

برطانيا جي مشهور رسالي فنانشل ٽائيمز بند گهٽي ۾ ڦاٿل پاڪستان کي معيشت جي خراب صورتحال، ڪرنسي جو بي ملهه ٿيڻ ۽ دهشتگردي جي خطري کان خبردار ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي رسالي پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته پاڪستان تباهي جي ڪنڌي تي پهچي ويو، مُلڪ جي ڪرنسي انتهائي خراب نموني متاثر ٿي آهي، ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ ۽ ان کي قرض ڏيندڙ ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهيا آهن. فنانشل ٽائيمز مطابق گذريل مهيني جي آخر ۾ پاڪستان جا مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا گهٽجي رڳو 3 ڏهائي 7 بلين ڊالر وڃي بچيا هئا، چين، آءِ ايم ايف ۽ پيرس ڪلب پاڪستان کي قرض ڏيڻ واري عمل ۾ تيزي آڻين، اها ئي وقت جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان کي ويجهڙائي ۾ بجلي بريڪ ڊائون، موسمياتي تباهين، ٻوڏ ۽ دهشتگردي جي واقعن کي به منهن ڏيڻو پيو آهي.
آءِ ايم ايف جو حڪومت تي ترقياتي بجيٽ گهٽائڻ لاءِ به دٻاءُ آهي ذريعن موجب آءِ ايم ايف ڪجهه شرط نرم ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي. توانائي شعبي ۾ ڪسان پيڪيج تي، بلوچستان جي ٽيوب ويلز تي ۽ آزاد ڄمون ڪشمير لاءِ سبسڊي برقرار رکڻ تي راضي ٿي ويو آهي جڏهن ته ايڪسپورٽرز کي توانائي جي سبسڊي ختم ٿيندي، ٽيڪس اوڳاڙين ۾ شارٽ فال تي اختلاف برقرار آهي، ذريعن مطابق آءِ ايم ايف سمجهي ٿو ته اوڳاڙين جو شارٽ فال 840 ارب رپيا آهي، پاڪستاني اختيارين مطابق شارٽ فال 400 کان 450 ارب رپيا هوندو، ناڻي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اوڳاڙين جي شارٽ فال لاءِ قدم به تجويز ڪيا ويا آهن، پي ايس ڊي پي سميت ٻين خرچن ۾ڪٽوتي جو امڪان آهي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان مامرا 9 مئي تائين طئي ڪيا ويندا، آءِ ايم ايف سان 7 فيبروري کان ميڊيم ٽرم بجيٽري فريم ورڪ تي ڳالهه ٻولهه شروع ٿيندي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) پاڪستان جي هر اداري ۽ شعبي جا کاتا کولي هڪ هڪ پائي جي ڏنل سبسڊي جو جائزو وٺي رهيو آهي، ملڪ سخت معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان ڏکي صورتحال مان نڪرڻ لا اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
حڪمران اڃا تائين اها حقيقت تسليم ڪرڻ لا يار ناهن ته هاڻي پي ٽي آ جي حڪومت نه پر پي ڊي ايم جي حڪومت آهي، تقريبن سال ٿيڻ وارو اهي پر حڪمرانن اڃا تائين عوام جي ڀلي لا ناهي سسوچيو رڳو اڳوڻي حڪومت تي الزام هني پيا وڃن. جيئن ٻه ڏينهن اڳ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو بيان آيو جنهن ۾ هن چيو ته 2022 ۾ دنيا جي وڏين معيشتن مان 47 نمبر تي ايندڙ پاڪستاني معيشت جي تباهي عمران جي بيڊ گورننس، نا اهلي ۽ بي مثال قرضن جو ثبوت آهي. هن چيو ته ذخيره اندوزي، بد انتظامي ۽ ڪرپشن جي حڪمراني پاڪستاني عوام کي شديد ڏکيائين جو شڪار ڪيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ عمران خان جو مقابلو آسان آهي.
هوڏانهن لاهور ها ڪورٽ زرعي ۽ گهريلو واهپيدارن جي بجلي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ ۽ ٻين سرچارجز جي وصولي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت بجلي جي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ وصول ڪرڻ خلاف داخل درخواستون پڻ منظور ڪري ورتيون آهن. جسٽس علي باقر نجفي مختلف نوعيت جي 3 هزار 659 درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته زرعي ۽ گهريلو واهپيدارن جي بجلي جي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ قانون جي ابتڙ آهي. عدالت فيول ايڊجسٽمينٽ وصولي کي ڪالعدم قرار ڏيندي شمسي توانائي ۽ نيوڪليئر سميت ٻين ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت نيپرا کي اوور چارجنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.
موجوده حڪومت جون معاشي پاليسيون ڪنهن به ريت ملڪ جي غريب طبقي لاءِ مددگار ثابت نٿي رهيون آهن، حڪمرانن جي اهڙين پاليسين جي ڪري غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، اسان جو وفاقي حڪومت کان مطالبو آهي ته هو پنهنجين غريب مخالف معاشي پاليسين تي نظرثاني ڪري اهڙيون معاشي پاليسيون آڻي جن سان غريب عوام لاءِ زندگي گذارڻ آسان ٿئي. آ ايم ايف هڪ عوام دشمن عالمي مالياتي ادارو آهي. هتان جا حڪمران وري ويٺا ئي آ ايم ايف جي آسري ۾ آهن، ان مان اهو ئي واضح ٿئي ٿو ته حڪمرانن وٽ پنهنجي ڪابه معاشي پاليسي ڪانهي. اسان سمجهون ٿا ته اها مڪمل طور عوام مخالف ايجنڊا آهي. ملڪ جي عوام کي پوري طرح آ ايم ايف جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته هو فوري طور آ ايم ايف جي عوام مخالف ايجنڊا تي عمل ڪرڻ بند ڪري عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪن. معيشت جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button