پاڪستانعالمي

ترڪيا ۽ شام ۾ 7 ڏهائي 9 جو شديد زلزلو، عمارتون ڍير ٿي ويون، 2600 کان وڌيڪ ماڻهو فوت،هزارين زخمي

ترڪيا، شام، لبنان ۽ ڀرپاسي جي ملڪن ۾ 7 ڏهائي 9 جي شديد زلزلي قيامت صغريٰ برپا ڪري ڇڏي، ڌرتي ڌڏڻ جي انتهائي خوفناڪ واقعي ۾ 2600 کان وڌيڪ انسان موت جو کاڄ بڻجي ويا، جڏهن ته سوين عمارتون واري جي ڍير جيان پٽ پوڻ ڪري هزارين ماڻهن زخمي ٿيا ۽ اڃا انيڪ شهري ملبي هيٺان دٻيل آهن، تنهن ڪري جاني نقصان ۾ اضافي جو خدشو آهي، تاريخ جي شديد زلزلي سبب ترڪيا ۽ ٻين متاثر ملڪن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون، سڄي دنيا مان امدادي ٽيمون پڻ متاثرن جي مدد لا پهچي ويون آهن. تفصيل موجب ترڪيا ۽ شام ۾ خوفناڪ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي آهي، 7 ڏهائي 9 جي شدت سان لوڏا اچڻ ڪري سوين عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي فوتگين جو انگ 23 سئو کان ٽپي ويو آهي، جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ۽ لاپتا آهن، ٻنهي ملڪن جي اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري دٻجي ويل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪاررواين جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. ترڪيا جي سئو سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي زلزلي سبب هر پاسي تباهي ۽ قيامت صغريٰ برپا ٿيڻ جا منظر آهن، خوفناڪ زلزلي سبب عمارتن کي تمام گهڻو نقصان پهتو ۽ خوف سبب ماڻهو ٻارين ٻچين گهرن ۽ عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا، سوين گاڏيون پڻ ملبي هيٺان دٻجي ويون، آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلو مقامي وقت موجب صبح جو چار لڳي 17 منٽن تي آيو، زلزلي جي شدت 7 ڏهائي 9 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز ترڪيا جي ڏکڻ ۾ غازينتپ صوبي جي علائقي نرادگي ۾ هو، جڏهن ته زمين اندر اونهائي 17 ڏهائي 9 ڪلوميٽر هئي، اِهو صوبو شام جي ويجهو آهي جنهن سبب شام ۾ به وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. پرڏيهي خابرو ادارن مطابق زلزلي جا لوڏا قبرص، يونان، شام، اردن، لبنان ۽ فلسطين ۾ به محسوس ڪيا ويا. ترڪيا ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ لڳ ڀڳ 1700 ٿي ويو آهي، جڏهن هزارين ماڻهو زخمي آهن، جڏهن ته شام ۾ 900 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. ترڪ صدر رجب طيب اردگان جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب فوتين جي انگ بابت اندازو لڳائڻ وقت کان اڳ هوندو، دنيا جا 45 ملڪ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ مدد جي آڇ ڪري چڪا آهن، تازو زلزلو 1939ع کان وٺي هنيئر تائين جي سڀ کان وڏي تباهي آهي. ترڪ صدر رجب طيب اردگان مُلڪ ۾ خوفناڪ زلزلي کانپوءِ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون ۽ سڄي ملڪ ۾ 13 فيبروري تائين اسڪول به بند ڪيا ويا آهن. ترڪ ڊيزاسٽر مئنيجمنٽ ايجنسي جو چوڻ آهي ته زلزلي کانپوءِ هنيئر تائين 78 آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا آهن، زلزلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ست سئو ڏهه عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن. هوڏانهن پاڪستان به ترڪي جي زلزلي متاثرن کي امدادي سامان موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ته پاڪستاني ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل عملي ۽ ريسڪيو اهلڪارن تي ٻڌل خصوصي ٽيمون ترڪيا ۾ هلندڙ ريسڪيو ۽ مدد وارن ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ لا موڪليون پيون وڃن، تمام جلد هڪ هوائي جهاز به عام واهپي جي شين ۽ دوائن سميت ترڪيا روانو ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button