پاڪستانخيبرپختونخوا

پشاور ڌماڪو،موٽر سائيڪل جو مالڪ گرفتار، سهولتڪار بابت ڄاڻ ڏيڻ تي هڪ ڪروڙ رپيا انعام مقرر

خيبر پختونخوا جي ڪائونٽر ٽيررازم (سي ڊي ٽي ڊي) پشاور پوليس لائينز مسجد اندر ٿيل ڌماڪي جي آپگهاتي بمبار جي سهولتڪار جي ڄاڻ ڏيڻ تي هڪ ڪروڙ رپيا انعام مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سي ڊي ٽي ڊي طرفان هڪ اشتهار شايع ڪري مبينا بمبار جي تصوير به جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حملو ڪندڙ جي سهولتڪار بابت جيڪو به ڄاڻ ڏيندو ان جو نالو راز ۾ رکيو ويندو ۽ ان کي معلومات فراهم ڪرڻ تي هڪ ڪروڙ رپيا انعام پڻ ڏنو ويندو. ٻئي طرف پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي، آپگهاتي بمبار جنهن موٽر سائيڪل تي چڙهي پوليس لائينز پهتو هو ان موٽر سائيڪل جي مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جاچ ٽيم گرفتار ڪيل شخص بابت انڪشاف ڪيو ته جوابدار پيشي جي لحاظ کان مزدور آهي ۽ ڪجهه عرصو اڳ پوليس لائينز واري مسجد جي تعميراتي ڪم ۾ پورهيو ڪري چڪو آهي، جنهن بعد هن پاسپورٽ لا به درخواست جمع ڪرائي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button