پاڪستانپنجاب

عمران خان “جيل ڀريو تحريڪ” کي پنجاب ۽ پختونخوا جي چونڊن سان مشروط ڪري ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جيل ڀريو تحريڪ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن سان مشروط ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن کان امپورٽيڊ سرڪار آئي آهي ۽ قانون جو ڌڄيون اُڏايون پيون وڃن، حالتون اتي اچي پهتيون آهن جو پوليس ۽ رياست عدالتن جا حڪم به نٿيون ٻڌن، وفاقي سرڪار اسلام آباد جي مڪاني چونڊن کان ڀڄي رهي آهي. هن چيو ته آئين اسان جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪري ٿو، پر هتي هڪ ٽوئيٽ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ماڻهن کي کنڀيو ويندو آهي، مٿن تشدد ڪيو ويندو آهي. عمران خان چيو ته عدالت شيخ رشيد کي ضمانت ڏني ان باوجود کيس کنڀيو ويو، عدالت حڪم ڏنو ته فواد چوڌري کي پيش ڪيو پر هو کيس اسلام آباد کڻي ويا. هن چيو ته 25 هين مئي تي اسان جي پرامن احتجاج تي ظلم ڪيو ويو، قوم آئين ۽ قانون تان اعتماد ختم ٿيندو پيو وڃي. هن چيو ته اسان اسيمبليون ان ڪري ٽوڙيون ڇو ته مُلڪ عدم استحڪام جو شڪار آهي، 25 ڏينهن ٿي ويا آهن اڃا تائين چونڊن لاءِ ڪا تاريخ ناهي ڏني وئي، چونڊن جي تاريخ نه ڏيڻ سڌي سنئين آئين جي ڀڃڪڙي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي جون چونڊون 90 ڏينهن کان اڳتي ويون ته جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪنداسين، ٻنهي صوبن جون چونڊون مقرر وقت ته نه ٿيڻ آئين جي ڀڃڪڙي هوندي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف آرٽيڪل 6 لڳندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button