پاڪستانعالمي

آمريڪا ۽ روس سميت ڪيترن ئي ملڪن امدادي ٽيمون ترڪيا ۽ شام ڏانهن موڪلي ڇڏيون

ترڪيا ۽ شام ۾ تباهي مچائيندڙ زلزلي بعد عالمي برادري پاران ٻنهي مُلڪن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ امدادي ٽيمن جي آڇ ڪئي آهي، جڏهن ته ڪيئي ملڪن امدادي سرگرمين ۾ شرڪت لاءِ ريسڪيو ٽيمون روانيون ڪري ڇڏيون آهن. ترڪيه ۽ شام ۾ شديد زلزلو آيو آهي ۽ ست ڏهائي 9 جي شدت سان آيل زلزلي سبب ڪيئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن. ترڪيه ۾ تباهي مچائيندڙ زلزلي کانپوءِ عالمي برادري يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ آمريڪا پاران ترڪيه ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي. ان کانسواءِ فرانس، يوڪرين ۽ اسرائيل به امدادي سرگرمين ۾ مدد جي آڇ ڪئي آهي، آذربائيجان، نيڌرلينڊز ۽ رومانيا مان ريسڪيون ٽيمون ترڪيه ۽ شام جي متاثر علائقن ۾ پهچي رهيون آهن جيڪي فوري طور تي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺنديون. يورپين ڪميشن موجب ترڪيه ۾ زلزلي بعد بلغاريا، ڪروشيا، فرانس، يونان، هنگري، پولينڊ سميت ڪيئي ملڪن اربن سرچ اينڊر ريسڪيو ٽيمن کي فوري تياري جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٽيمون جلد متاثر علائقن ۾ امداد ڪاررواين ۾ شريڪ ٿينديون. يورپين پارليامينٽ جي صدر جو چوڻ آهي ته يورپ ڏکئي وقت ۾ ترڪيا ۽ شام سان گڏ بيٺو آهي. ٻئي پاسي ترڪيا ۾ شهري به زلزلي متاثرن علائقن ۾ امدادي ڪمن ۾ رضاڪاراڻي طور تي حصو وٺڻ لاءِ مختلف شهرن کان پهچي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button