پاڪستان

ريلوي وزارت مسافرن جي سهولت خاطر رابطا ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته مسافرن جي سهولت لاءِ پاڪستان ريلوي چين جي ڪمپني “ايزي وي” جي سهڪار سان رابطا ايپ متعارف ڪرائي آهي، جنهن سان ريلوي جي ڪمائي ۾ 5 کان 7 سيڪڙو تائين اضافو ٿيندو. ايم ايل ون اسان جي ترجيحات ۾ شامل آهي، جنهن جي اپ گريڊيشن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. ريلوي ملازمن جي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ناڻي وزارت سان سهڪار لاءِ رابطي ۾ آهيون، اسان کي يقين آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو. اهڙو اظهار هن ريلوي هيڊڪوارٽرز لاهور ۾ چين جي ڪمپنيءَ سان معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. خواجه سعد رفيق چيو ته پاڪستان ريلوي پنهنجن مسافرن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اڄ چين جي ڪمپني “ايزي وي” سان معاهدو به ان جي ڪڙي آهي. اسان پاڪستان ريلوي ۾ آٽوميٽڊ بُڪنگ ۽ ٽريولنگ اسسٽنس ايپ “رابطا” متعارف ڪرائي رهيا آهن، ان ايپس ذريعي مسافر ريل گاڏيءَ ۾ دستياب ٽڪيٽن جي معلومات ۽ بُڪنگ کان علاوه ٽرانسپورٽيشن، قيام ۽ طعام لاءِ آن لائن سهولتون حاصل ڪري سگهندا. ان کان علاوه ٽرين آپريشن مئنجمينٽ سسٽم جي رسائي به مسافرن کي دستياب هوندي. ان ايپ سان صارفين پنهنجي پارسل جي بُڪنگ ۽ پنهنجي شڪايت به داخل ڪرائي سگهندا. هن چيو ته ان ايپ جا سمورا خرچ چين جي ڪمپني برداشت ڪندي، جڏهن ته ان جي آمدنيءَ جو 13 کان 30 سيڪڙو پاڪستان ريلوي کي ملندو پر ان لاءِ هڪ شرط رکيو ويو آهي، جڏهن ته ان ايپ استعمال ڪندڙن جو انگ 3 ڪروڙ 50 لک کان وڌي ويندو، پاڪستان ريلوي جي روينيو ۾ پڻ اضافو ٿيڻ شروع ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button