
لاهور ها ڪورٽ زرعي ۽ گهريلو واهپيدارن جي بجلي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ ۽ ٻين سرچارجز جي وصولي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت بجلي جي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ وصول ڪرڻ خلاف داخل درخواستون پڻ منظور ڪري ورتيون آهن. جسٽس علي باقر نجفي مختلف نوعيت جي 3 هزار 659 درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته زرعي ۽ گهريلو واهپيدارن جي بجلي جي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ قانون جي ابتڙ آهي. عدالت فيول ايڊجسٽمينٽ وصولي کي ڪالعدم قرار ڏيندي شمسي توانائي ۽ نيوڪليئر سميت ٻين ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت نيپرا کي اوور چارجنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.