پاڪستانپنجاب

پرويز مشرف دنيا ڇڏي هليو ويو،هاڻ سندس معاملو الله جي حوالي آهي:مريم نواز

نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته پرويز مشرف دنيا ڇڏي ويو، هاڻي سندس معاملو الله جي حوالي آهي، هڪ چونڊيل وزيراعظَم سان جيڪي ڪجهه ٿيو، ان مان قوم ڪهڙو سبق سکيو اها سڀني کي خبر آهي، عوام ڄاڻي ورتو ته ڊڪٽيٽرشپ سان ڪهڙو نقصان ٿيو. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته مهانگائي گهٽائڻ ۽ اگهن تي ضابطو آڻڻ صوبن جو ڪم آهي، پنجاب سان گڏوگڏ خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير به تحريڪ انصاف وٽ رهيا، هي سڄو ڍير ۽ ذميواري شهباز شريف تي وجهي هليا ويا، پشاور سانحي کانپو وزيراعظم شهباز شريف صوبائي حڪومت کان سوال پڇيا ته ڪاوڙجي پيا، صوبي ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪيو ويو، خطرناڪ دهشتگردن کي به هنن ڇڏي ڏنو، تنهن ڪري اڄ اهڙي صورتحال آهي. مريم چيو ته ملڪ کي ٻاهران ڪو به خطرو ناهي، جيستائين استحڪام نه ايندا ملڪ ۾ ترقي نه ٿيندي، هن وقت سڀئي پارٽيون هڪ ئي صفحي تي آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي نوجوان نسل وٽ ڪو رخ ناهي، انهن کي اسڪالرشپ ڏيڻي پوندي، حڪومتن طرفان نوجوانن کي هنر سيکارڻ گهرجي، آسان شرطن تي قرض ۽ مالي وسيلا ڏيڻ کپن، سڄي دنيا انفارميشن ٽيڪنالاجي ڏانهن وک وڌائي چڪي آهي، اسان جي نوجوانن کي به آ ٽي ڏانهن آڻڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button