ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

توانائي بحران

Editorial

ملڪ ۾ توانائي بحران جي حل لاءِ سدائين وقت جي حڪومت ڪي نه ڪي رٿائون جوڙيندي رهندي آهي پر هيستائين نه ته توانائي بحران حل ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ان بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي سنجيدا ڪوششون ورتيون ويون آهن. نتيجي ۾ اهو بحران گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جنهن سان ملڪي معيشت ۽ ماڻهن جي روزگار تي اثر پئجي رهيا آهن. جڏهن ته دنيا ۾ هن وقت متبادل توانائيءَ جا ايترا ته ذريعا پيدا ٿي پيا آهن، جو انهن جو استعمال ڪندي خرچ گهٽائي سگهجي ٿو ۽ ان کان سواءِ اهي ذريعا وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچي سگهن ٿا. پر اسان وٽ اڃا تائين ساڳي ڪهاڙي ساڳيو ڳن واري ڪار لڳي پئي آهي، جنهن ڪري نه توانائي وڌيڪ پيدا ٿي رهي آهي ۽ نه ئي ان مسئلي جو ڪو حل نظر اچي رهيو آهي. ٻه ڏينهن اڳ به وزير اعظم شهباز شريف توانائي بحران تي بريفنگ ورتي آهي. جنهن ۾ هن نيڪا جي بحاليءَ جو حڪم ڏنو آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (نيڪا) جي نئين سر بحالي، سڌارن ۽ ان جي صلاحيت ۾ اضافي جو وڏو فيصلو ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي سربراهي ۾ بين الوزارتي اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ڪالهه سومر ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ توانائيءَ جي بچت لاءِ اپائن تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم نيڪا جي ڪارڪردگي ۽ ان ۾ موجود خامين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جو تمام گهڻو زيان ٿي رهيو آهي ۽ ادارا بند پيا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيڪا کي فوري طور فعال بڻائڻ لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي قدم کڻي ۽ نيڪا جي افرادي قوت ۾ اضافو ڪندي شفافيت جي رخ کي مٿانهون رکيو وڃي. وزيراعظم نيڪا جي ماهرن جي تعميراتي، صنعتي، مواصلات، پاور ۽ زراعت جي شعبي ۾ توانائي جي ڀرپور بچت لاءِ وزارتن کي حڪمت عملي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (نيڪا) جي موجوده صلاحيت ۽ ان جي مينڊيٽ جي حوالي سان تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيڪا جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڪي خاطرخواهه قدم نه کنيا ويا. اجلاس کي نيڪا جي بجيٽ جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته قومي نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن پاليسيءَ جو مسودو تمام جلد ڪابينا اجلاس ۾ منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم نيڪا جي سڌارن جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي ڪري ضروري اپائن جو وقت مقرر ڪرڻ ۽ انهن قدمن کي مقرر مدي ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ملڪ ۾ اسين جن طريقن سان بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون، اهي بنهه پراڻا ٿي چڪا آهن. جڏهن اها بجلي عوام تائين پهچي ٿي ته بنهه مهانگي هوندي آهي. پر ان پاسي ڌيان ئي ڪونه ٿو ڏنو وڃي ته پئسو بچائي وڌ کان وڌ بجلي توڙي توانائي پيدا ڪري سگهجي ٿي. تنهنڪري نيڪا جي بحاليءَ سان توانائي واري بحران جو مسئلو حل نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هي معاملو ايترو ته سنجيدا آهي جو ان کي حل ڪرڻ لاءِ هر قسم جون ڪوششُون ڪرڻ گهرجن.
اسين سمجهون ٿا ته پاڪستان ۾ متبادل توانائيءَ لاءِ بهترين ماحول موجود آهي، جتي سج ۽ هوا وسيلي توانائي پيدا ڪرڻ ايترو ڏکيو ڪم ڪونهي. پر ملڪ کي ڪاراڻ ۾ ٻوڙي اهو جواز ڏنو ويندو آهي ته اسان وٽ وسيلا ڪين آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيترو جلدي ٿي سگهي اوترو توانائيءَ جا متبادل وسيلا ڪتب آندا وڃن ته جيئن توانائي بحران ختم ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button