ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ جو متعارف ڪرايل سياسي ڪلچر

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

گذريل پنجن سالن کان جيڪي ڪجهه ملڪي سياست ۾ ٿي رهيو آهي، ان جي ذميوار هڪ ته اسٽيبلشمينٽ آهي ۽ ٻي ذميوار پي ٽي آءِ آهي. پي ٽي آءِ نه رڳو ملڪ جي سياسي ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀايو آهي پر ان اسٽيبلشمينٽ جي اشارن تي سياستدانن کي خوار پڻ ڪيو. عمران خان نيازي پنهنجن تقريرن ۾ چوندو رهندو هو ته آئون هنن (پ پ ۽ نواز ليگ) کي روئاريندس. اهڙي ريت عمران خان نيازي پنهنجي دور ۾ هڪ جمهوري اڳواڻ بدران ڪنهن آمر جون سڪون پئي لاٿيون. ان زماني ۾ اپوزيشن پارٽيون پي ٽي آءِ جي ان تماشي بابت چونديون هيون ته پي ٽي آءِ جو وارو به ايندو. اهو ٿي ئي نٿو سگهي ته ملڪ ۾ ڪا سياسي پارٽي سياسي عذاب جو شڪار نه ٿئي. ان وقت پي ٽي آءِ چٿرون ڪندي هئي. عمران خان نيازي سمجهي ورتو هو ته ملڪ ۾ جيڪڏهن هاڻ ڪو ليڊر بچيو آهي ته فقط هو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ هن کان سواءِ ڪنهن ٻئي سياستدان يا سياسي پارٽيءَ کي وارو نه ڏيندي. پر سڀڪجهه سندس سوچ جي ابتڙ ٿيو. هو نه رڳو اقتداري ايوانن مان تڙجي ويو پر هن جي مٿي تان في الحال اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد جو هٿ به ناهي رهيو.
ڪجهه ڏينهن کان پي ٽي آءِ جي سياسي اڳواڻن جي روئيندڙ چهرن جون تصويرون ۽ وڊيوز ظاهر ٿي رهيون آهن. ڪنهن مهل شيخ رشيد جي وڊيو پئي ظاهر ٿئي، ڪنهن مهل فواد چوڌري روئي رهيو آهي ته ڪنهن مهل ڪو ٻيو اڳواڻ رڙي رهيو آهي. سياست ۾ جڏهن يوٿيا ڪلچر متعارف ڪرايو ويو ته ان کي اهو لڳو ته انقلاب انهن جي گهرن جي چانئٺ تي بيٺل آهي رڳو در کولڻ جي دير آهي، ان ڪري اهو نسل جيل جي سختين ۽ ڪنهن به سياسي پلاند کان بي خبر هو. جڏهن اهو وقت آيو، رياست پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڪيس داخل ٿيا، عدالتن ۾ حاضريون ٿيون ۽ ٿاڻن تي پيشيون ٿيون ته يوٿين کي خبر پئجي وئي ته گهڻين ويهين سو آهي. تنهنڪري سياست رڳو ڪنهن جلسي ۾ بيهي عطاءُالله عيسيٰ خيلويءَ جي نالي تي نچڻ جو نالو ڪونهي. پر اها هڪ مڪمل ذميواري آهي، اها هڪ اهڙي همت جو نالو آهي، جنهن ۾ جيل وڃڻ کان ڪو ڊپ نه ٿيندو هجي ۽ نه ئي وري ڪڏهن سياستدان ان ڳالهه جي پرواهه ڪندو هجي ته جيڪڏهن هو سياست ڪندي ڪندي مارجي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو.
عمران خان نيازي جنهن سياسي ڪلچر کي ملڪ ۾ متعارف ڪرايو، ان سان نه رڳو سياستدانن جا پٽڪا لاٿا ويا پر انهن کي غدارن جا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا. قومي اسيمبليءَ ۾ نواز ليگ اڳواڻ سعد رفيق جي اها تقرير سڀني کي ياد هوندي جنهن ۾ هن چيو هو ته سياستدانن کي پاڻ ۾ وڙهڻ نه گهرجي ۽ جيڪو ماڻهو چوي ته ڪنهن سان به نه ڳالهائيندس اهو سياستدان ٿي ئي نٿو سگهي. هن سڀني جو وار اچڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، هن اهو پڻ چيو هو ته خدا نه ڪري جو ائين ٿئي پي ٽي آءِ وارن تي اهو وقت اچي، جيڪو هن وقت اسان تي آيل آهي. پر هن جي ڳالهه سچي ثابت ٿي. اڄ نه رڳو پي ٽي آءِ اڳواڻ پر پي ٽي آءِ جا حمايتي به گرفتار ٿي رهيا آهن. جڏهن رياستي ادارا پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪندا آهن ته پوءِ اهو نه ڏٺو ويندو آهي ته سياسي پارٽيءَ جو ماضي ڇا رهيو آهي ۽ ان جي سربراهه جو ڪهڙو ڪردار آهي.
فوجي اسٽيبلشمينٽ جو سڀ کان وڏو سڄڻ ذوالفقار علي ڀٽو رهيو آهي پر پوءِ هن سان ڪهڙو حشر ڪيو ويو. هن جي ڪهڙي ڪارنامي کي ياد رکيو ويو. سندس ڪهڙين خدمتن کي ياد ڪيو ويو يا ضياءُالحق جيڪو ذوالفقار علي ڀٽي جي ٿورن هيٺ دٻيل هو، ڇا هن کي ڪا ڀٽي تي ڪهل آئي هئي. تنهنڪري اڄ جيڪڏهن عمران خان نيازيءَ جا حامي يا سندس پارٽي اڳواڻ اهو چئي رهيا آهن ته هو هڪ برانڊ آهي ۽ هن خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي سڄي ملڪ جو عوام اٿلي پوندو ته اها سندن ڀل آهي، ڇاڪاڻ ته هي عوام به آزمايل آهي ۽ هي ماڻهو جيڪي هن وقت پي ٽِي آءِ کي ملڪ جي سڀ کان وڏي انقلابي پارٽي سمجهي رهيا آهن، انهن کي به ياد رکڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ پنهنجو پاڻ ڪجهه به ناهي، ان جو پنهنجو ڪو وجود ڪونهي. جيڪڏهن ان مان آزاد اميدوار ڪڍي ڇڏجن، پ پ، نواز ليگ ۽ (ق) ليگ جا اڳواڻا اڳواڻ ڪڍي ڇڏجن ته پي ٽي آءِ جا اصلوڪا اڳواڻ ڪيترا هوندا؟
عمران خان نيازي پنهنجي حڪومتي دور ۾ جيڪي سياسي وار پنهنجن مخالفن تي ڪندو هو، اهي ساڳيا سياسي وار هاڻ عمران خان نيازي ۽ سندس پارٽي خلاف ٿي رهيا آهن. پر اها سندس خوشقسمتي آهي جو هن خلاف ڪا اهڙي سخت ڪارروائي اڃا تائين ڪونه ٿي آهي. جنهن مان خبر پوي ته واقعي به هن سان به اهڙو ئي حشر ٿي رهيو آهي، جهڙو حشر هو ٻين سياستدانن سان ڪري رهيو هو. هن پنهنجو پاڻ کي عوام جو مقبول اڳواڻ ثابت ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي پر ملڪي سياست سندس مرضيءَ سان ان ڪري به نٿي هلي سگهي، ڇاڪاڻ ته هتي سياستدانن کي پنهنجي مرضيءَ سان سياست ڪرڻ جي موڪل ناهي مليل. تنهنڪري عمران خان نيازي جنهن سياسي ڪلچر جو حامي آهي، جيڪو اصل ۾ فاشزم ڏانهن وٺي ٿو وڃي، اهو ڪنهن به ريت بهتر ڪونهي ۽ نه ئي ان جي ملڪي سياست ۾ ڪا گنجائش موجود آهي.
اڄ هن جي نشاني تي اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آهي پر عمران خان سندس اکين جو تارو رهيو آهي. هو ئي سندس وڏو سهولتڪار هو، جنهن کيس اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي ملڪ کي تباهي ڪنڌي پهچائي ڇڏيو. عمران خان نيازي پنهنجي سڄي دور ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پنهنجن سياسي مخالفن خلاف ڪيئن ڪارروايون ڪري. عالمي فورمن تي به هن جي تنقيد جو نشانو نواز شريف هوندو هو. جنهن ڪري هو ڪٿي به اهو ثابت نه ڪري سگهيو ته هو سٺو سياستدان آهي ۽ ماڻهو هن جي ڳالهه تي غور ڪن ٿا.
پي ٽي آءِ ڪيتري وقت تائين سياسي سختين کي برداشت ڪري سگهي ٿي، ان جي خبر به جلدي پئجي ويندي. تنهنڪري جيڪي ڪالهه نشانو وٺي رهيا هئا، اهي اڄ نشاني تي آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button