هڪ انسان جو قتل هن ڪائنات جو وڏو انيا آهي. ڪوبه شرط شروط ان جي گنڀيرتا ۽ ڪٺورتا کي گهٽ نه ٿو ڪري. پر قتل جي پويان محرڪ ۽ مقصد، ان جي چوڌاري حالتون ۽ ان لا اختيار ڪيل طور طريقا ان کي وڌيڪ وحشياڻو، دردناڪ ۽ هنيان ڏاريندڙ بنائين ٿا. نوجوان ناظم جوکيي جو قتل ان درجي جو قتل هو، جنهن سڄي سنڌ جي حساس ماڻهن جي دلين کي ڌوڏي ۽ دماغن کي لوڏي ڇڏيو آهي.
ساڳئي ڏينهن تي هڪ ٻيو به ظالماڻو ۽ وحشياڻو قتل ٿيو، اها نوجوان ناري فهميده سيال هئي. اهو قتل البته ميڊيا ۾ اوتري جڳهه ۽ اهميت حاصل ڪري نه سگهيو آهي، جنهن تي ڪجهه دوستن کي شڪايت به آهي ۽ اها شڪايت جائز به آهي. پر ان فرق جو هڪڙو سبب مٿي ذڪر ڪيل حالتون ۽ طور طريقا آهن، ٻيو صدين کان جاگيرداري قدرن ۾ وڪوڙيل اسان جو سماج اڃا عورت کي برابر انسان جو درجو ڏيڻ واري ڳالهه قبول ڪرڻ لا ذهني طور تيار ناهي. اهڙي رويي جو شڪار چڱا ڀلا ڏسڻا وائسڻا سياسي ليڊر ۽ اديب دانشور به آهن. افسوس.
بهرحال مواصلات جي انقلاب جي ذريعي ناظم جوکيي جي قتل جاگيرداري جي بدشڪل چهري ۽ بدبودار بدن تان سمورا پردا لاهي ان کي ننگو ڪري بيهاريو آهي. ۽ ان جي خلاف، سنڌي سماج جو مجموعي طرح ۽ اڀرندڙ مڊل ڪلاس جو خاص طرح ردعمل به بي مثال آهي. ان جي پويان ميڊيا جي طاقت سان گڏ سنڌي سماج جي فطري ترقي به آهي، جنهن جي رفتار پاڪستاني رياست طرفان وڌل رڪاوٽن جي ڪري سست رهي آهي.
اڄوڪو جديد قوم جو تصور يورپ کان اڀريو ۽ اهو جاگيرداري (۽ مذهبي بنياد پرستي) خلاف ڊگهي، خطرناڪ ۽ خوني ويڙهه ۾ مڊل ڪلاس جي ڪاميابي جي صورت ۾ وجود ۾ آيو. يورپ جي جاگيرداري اڄوڪي سنڌ جي ڀيٽ ۾ گهڻي خطرناڪ ۽ تباهه ڪن هئي. ان جي حوالي سان ئي يورپ جي تاريخ جا هزار سال (5 کان 14 صدي) اونداهون دور سڏجن ٿا. انگريز جڏهن سنڌ ۽ هند تي قبضو ڪيو ته انهن هتي جاگيرداري کي مضبوط، منظم ۽ مستحڪم ڪندي هڪ اداري جي شڪل ڏني، جڏهن ته پنهنجي ملڪ ۾ اهي ان بدبودار نظام کي گهڻو اڳ ۾ ختم ڪري چڪا هئا. اها سندن سامراجي مفادن جي گهرج هئي.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ وجود وٺندڙ پاڪستان جي رياست پنهنجي بناوٽ ۽ ڪردار ۾ نئين ۽ مختلف نه پر بيٺڪي رياست جو تسلسل هئي، جنهن تي پنجاب جي مڪمل بالادستي هئي/آهي. ان به ساڳيون پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جاري رکيون. ٻين قومن جي استحصال سان پنجاب ۾ صنعت ۽ واپار کي ترقي وٺرائي ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ بورزوا/مڊل ڪلاس پيدا ٿيو، جڏهن ته ٻين قومن خاص ڪري سنڌ ۾ جاگيرداري کي معاشي، سماجي ۽ سياسي طور مضبوط ڪيو. ٻئي طرف رياست جي آشيرواد ۽ مدد سان سنڌ جي شهرن تي قبضو ڪندڙ ڌارين ماڻهن پاڻ کي سنڌي سماج کان الڳ رکيو. ان ڪري سنڌي ماڻهن جي شهرن ڏانهن اچڻ ۽ مڊل ڪلاس ٺهڻ وارو عمل نهايت سست رهيو، جڏهن ته اسان جو بالغ مڊل ڪلاس 1947ع ۾ اسان کان ڌار ٿي چڪو هو.
1960ع جي ڏهاڪي دوران سماجي طور نئين سر وچولو طبقو ٺهڻ جو عمل شروع ٿيو ته سياسي ميدان ۾ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ مڊل ڪلاس جي ڪردار کي نمايان ڪيو، ڇاڪاڻ ته وڏيرڪو ڪلاس پنهنجي فطري خاصيتن ڪري ون يونٽ ذريعي سنڌ جي شناخت کي ختم ڪندڙ حڪمرانن جي پيرن ۾ ويٺو هو. اهڙي طرح لڪير چٽي ٿي بيٺي. هڪ طرف سنڌ دشمن حڪمران ۽ انهن جا دلال جاگيردار، پير، مير ۽ وڏيرا هئا ته ٻئي پاسي جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي جي قيادت ۾ پورهيت ۽ اڀرندڙ وچولو طبقو سينو ساهيو بيٺو هئو. جن ۾ سياسي ڪارڪن، هاري پورهيت، استاد، شاگرد، وڪيل، فنڪار ۽ اديب ليکڪ شاعر شامل هئا. ان دور جي شاعري اها هئي ته، “اڄ لال لهو جي سرگم تي، ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري، منهن هيڊ ٿيا غدارن جا، بي شرم وڏيرن پيرن جا”.
1990ع واري ڏهاڪي ۾ صورتحال تبديل ٿيڻ لڳي. پهرين سوويت يونين جي ڊهڻ سان اهو ماحول پيدا ٿيو يا ڪيو ويو ته اصولن، آدرشن، انقلاب ۽ برابري جو وقت گذري ويو. هاڻي “ڏاڍو سو گابو” وارو وهنوار هلندو. هاڻي اهو ڪجهه ٿيندو، جيڪو بدمعاش، بالادست ۽ سامراجي قوتون چاهينديون. ان کانپو سنڌ ۾ جديد قومپرستي جو باني سائين جي ايم سيد گذاري ويو. جنهن جي ذري گهٽ هر تحرير، تقرير ۽ ڪچهري ۾ اهو پيغام هوندو هو ته پير مير وڏيرو سنڌ دشمن آهي، ان مان چڱائي جي اميد نه رکڻ گهرجي ۽ جيڪو بقول محترم رسول بخش پليجو “سنڌ دشمنن جي پٺي تي چهبڪ جيان وسندو هو”. ٻئي طرف پيپلز پارٽي (جنهن ۾ اڳ ۾ ئي جاگيردارن وڏيرن جي بالادستي هئي) اقتدار جو روايتي ۽ آسان طريقو اختيار ڪندي “چونڊجي سگهندڙن (Electables) جي سياست شروع ڪئي.
پو ته بس سڀني کي ڇوٽ ملي ويئي. يا جيئن چيو ويندو آهي “رسي نڪتي” هڪ طرف سنڌ دشمن، سماج دشمن سردار جاگيردار ۽ پير مير ننگا ٿي نروار ٿيا جيڪي سماج دشمن ڪڌا ڪم اڳ ۾ اهي اوٽ وٺي لڪ چوري ۾ ڪندا هئا، سي هاڻي سيني تي هٿ هڻي ڪرڻ لڳا. اونداهي دور جي نشاني (۽ سنڌ جي تاريخي ڪلچر جي منافي) جرڳا سسٽم کي ريگيولرائيز ڪندي هڪ اداري جي شڪل ڏني ويئي، جيڪو رياستي قانون کان به مٿانهون هو. سرڪاري سرپرستي ۾ ٿيندڙ جرڳا، جتي ملڪيتن سان گڏ غريب مسڪين ماڻهن جي عزتن جا به فيصلا ٿيندا هئا، اتي اهي سردار ۽ وڏيرا سنمک ٿيا ويٺا هوندا هئا، جيڪي ووٽ وٺڻ وقت عوام آڏو هڪ ٻئي جا حريف يا سولي سنڌي ۾ “چانڊيا مگسي” بڻجي ايندا هئا.
ٻئي پاسي سماج جي سڌاري ۽ قوم جي نجات جي ذميوار ۽ ڪالهه تائين جاگيردارن کي چئلينج ڪندڙ قومي ڪارڪنن ۽ اديبن دانشورن به انهن سان سمجهوتا ڪرڻ شروع ڪيا. سماج جي سڀ کان وڏي بيماري مان علاج جي اميد ڪئي ويئي بلڪه انهن کي سنڌ جا واسطا ڏيئي اپيلون ڪيون ويون. جاگيرداري جي مصيبتن تي گفتگو لا ڪرايل سيمينارن ۾ سڀ ناليوارا جاگيردار ۽ سردار ڪٺا ڪيا ويا، جن پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن جو دفاع ڪيو ۽ ميڊيا انهن جي موقف جي تشهير ڪئي. ٻئي طرف قومي ڪارڪن ۽ اڳواڻ انهن جرڳن ۾ ويهڻ پنهنجي لا فخر لائق سمجهڻ لڳا، جتي غريبن جي ڌيئرن ڀينرن جي زندگي جا فيصلا ڪيا ويندا هئا. انهن سماج دشمن ۽ سنڌ دشمن بدبودار وڏيرن کي چئلينج ڪرڻ بجا “ميڙ منٿ” جو نه رڳو رواج وڌو ويو، پر ان کي ساراهيو ويو.
نتيجو سڀني جي سامهون آهي ته اهي بدمعاش وڏيرا، جاگيردار سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجهي ڀيليندا ٿا وتن. سردار راڄ جي ماڻهن سان غلامن وارو ورتا ڪن ٿا. پر پو اها به حقيقت آهي ته هر شي جي هڪڙي حد ٿئي ٿي ۽ اهو فطرت جو فيصلو آهي ته منفي قوتون سماج جي رستي ۾ رڪاوٽون ته وجهي سگهن ٿيون، پر ان جي ترقي کي روڪي نه ٿيون سگهن. سو سنڌي سماج به ورهاڱي جو وار سهي وري ڪر موڙي اٿيو آهي ۽ نئين سر ٺهندڙ مڊل ڪلاس، پنهنجي ڪوتاهين ڪمزورين باوجود، سماج ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لا هٿ پير هڻي رهيو آهي. جيئن جيئن مقدار ۽ معيار ۾ اهو طبقو وڌندو ۽ ترقي ڪندو ويندو تيئن تيئن سردارن جاگيردارن جي بالادستي مات کائيندي پويان پير ڪندي ويندي. جڏهن مقدار سان گڏ معيار وڌندو ۽ مڊل ڪلاس پاڻ کي سنڌي عوام سان جوڙيندو ته پو “غدارن ۽ بي شرم وڏيرن پيرن” جا منهن هيڊ ٿيڻ کان ڪوئي نه بچائي سگهندو.
ناظم جوکيي جي قتل تي سنڌ جيڪو فوري ۽ خودرو ردعمل ڏنو آهي ۽ جاگيرداري/سرداري نظام خلاف نفرت جي جيڪا لهر اٿي آهي، اها نئين سجاڳي جو اظهار ۽ نئين صبح جو پيغام آهي. ان ۾ وڪيلن خاص ڪري جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي (۽ ان کان اڳ ۾ بحريا ٽائون خلاف جدوجهد ۾ ڪيو) اهو توقعن ۽ اميدن جي عين مطابق آهي. وڪيلن ۾ جابر حڪمرانن ۽ ظالم سردارن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي اميد ان ڪري وڌيڪ هوندي آهي، جو اهي پنهنجي روزگار لا ڪنهن به اثر رسوخ ۽ رڪاوٽ کان آجا آهن.
هاڻي جيڪا صورتحال آهي، اها ناظم جوکيي ۽ جوکيي سردار جي ذاتي جهيڙي کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي. هي ٻن ڌرين ۾ جنگ جو نئون مرحلو آهي. جنهن ۾ اهي ٻئي علامتي حيثيت اختيار ڪري ويا آهن، جوکيو سردار بدمعاش بدبودار جاگيرداري نظام جي ۽ ناظم جوکيو ان اوندهه جي پوڄاري نظام خلاف مزاحمت جي ۽ ايندڙ روشن صبح جي.
اڄ کان ڏهه سال اڳ ۾ اتر افريقا جي ملڪ تيونس ۾ هڪڙو واقعو ٿيو، ويهن سالن کان ملڪ تي قابض ڊڪٽيٽر زين العابدين بن علي جي فوج پوليس جو نشانو بڻجندڙن ۾ محمد بائوزيزي نالي هڪڙو ريڙهو هلائيندڙ نوجوان به هو. ڀتو نه ڏيڻ تي هڪ ڏينهن پوليس سندس ريڙهو اٿلائي سڄو سامان ضايع ڪري ڇڏيو. ردعمل ۾ بائوزيزي پاڻ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. ان سان عوامي نفرت، ڪاوڙ ۽ مزاحمت جو اهڙو طوفان اٿيو جنهن نه رڳو تيونس جي آمريت کي شڪست ڏيئي بن علي کي ملڪ ڇڏي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، پر 30 سالن کان حڪومت ڪندڙ مصر جي ڊڪٽيٽر حسني مبارڪ کي جيل جو منهن ڏيکاريو، ان کان علاوه ڪيترا آمريتن ۽ بادشاهن وارا عرب ملڪ ان جي لپيٽ ۾ آيا. ان سڄي عمل کي دنيا “عرب بهار” جي نالي سان سڏي ٿي. ڇا ناظم جوکيو سنڌ جو محمد بائوزيزي ثابت ٿي سگهي ٿو؟ اهو سوال اسان سڀني محب وطن ۽ عوام دوست سنڌين کان جواب جو طالبو آهي.