ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سرڪاري ڌر ۾ ڦڙڦوٽ ۽ سنڌ

editorial-Article-Dastgir Bhatti

اسان جي ملڪ ۾ آخر ھي ڪھڙي قسم جو چونڊيل نمائندن وارو جمھوري سرشتو آهي جنهن ڪروڙين مسڪين ماڻهن ۽ سندن ٻچڙن جي حياتيءَ ۾ مھانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ پوليس توڙي جرڳائي سردارن ۽ جاگيردارن جي ظلمن جا چوٽيھه در کولي ڇڏيا آهن؟ اخبارون پڙهو ته ھر ٻي خبر منجهان رڳو رت ٽمندو نظر اچي ٿو. غريب مسڪين ماڻهن جي ٻنين ۽ ڳوٺن تي ناجائز قبضن جي نتيجي ۾ رتوڇاڻ ايتري قدر عام ٿي ويئي آهي جو ھڪ ھڪ تڪرار ۾ ست ست انسان موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن. پوليس ڊپارٽمينٽ پنهنجن فرضن کي نڀائڻ بجاءِ وڏيرن ۽ ڀوتارن جي ذاتي نوڪرن جيان ونگار وهندي رهي ٿي، جنهن مان ڀوتار ته ڏاڍا خوش آھن پر پورھيو ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندڙ ماڻهن جو جيئڻ حرام ٿي ويو آهي. پوليس ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگي بابت منھنجي ڳالهه کي سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس مشتاق احمد مھر صاحب جي ھنن لفظن مان سگھه ملي ٿي ته سياسي مداخلت جي ڪري پوليس پنهنجي اصل مينڊيٽ مطابق ڪم نه ٿي ڪري. خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي صدارت ھيٺ ٿيل چئني صوبن جي پوليس سربراهن جي “پوليس ريفارمز ڪميشن” واري گڏجاڻيءَ ۾ جتي خيبرپختونخواهه جي آئي جي پنھنجي صوبي ۾ پوليس ۾ آندل سڌارن جي ساراهه ڪئي، اتي آئي جي سنڌ چيف جسٽس کي اھا دانھن ڏني جنهن جو ٻين لفظن ۾ مطلب آهي ته سنڌ اندر سياسي مداخلت سنڌ پوليس جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي.
ھن مامري تي وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي آخر ۾ ڪبي ڇاڪاڻ ته وزير اعظم عمران خان جي ڪمزور حڪومت جيڪا ھاڻي بنھه اپاھج ٿي چڪي آهي ان بابت نئين ڄاڻ ونڊڻ لازمي آهي ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جيڪي به حڪومتون ٺاهيون، انهن کي پنهنجن ئي ھٿن سان ڊاھڻ پراڻو رواج آهي.
ٽي ڏينهن اڳ سڏايل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ صدر عارف علوي پاران جاري ڪيل ڊزن کان مٿي صدارتي آرڊيننس منظور ڪرائڻ ۾ عمران حڪومت جي سخت ناڪامي ھاڻوڪن حاڪمن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي. رات وچ ۾ نه رڳو چوڌري برادرس جي مسلم ليگ قاف ۽ ايم ڪيو ايم انھن آرڊيننس جي خلاف اظھار ڪيو پر خود تحريڪ انصاف جي ميمبرن به وزير اعظم جي مانجھاندي مان غير حاضر ٿي پنهنجي ڪاوڙ ظاهر ڪري ڇڏي. انهن سان گڏوگڏ شگر ملز مافيا جھانگير ترين جي باغي گروپ به ساٿ نه ڏيڻ جو وڏي واڪي اعلان ڪري ڇڏيو. عمران خان جيڪو سدائين خوش فھمي جو شڪار رهيو آهي جنهن ھنن قانونن کي پاس ڪرائڻ لاءِ جيڪا به رٿابندي ڪئي، غيبي ھٿن ان مان ھوا ڪڍي ڇڏي.
ھڪ ئي ڏينهن ۾ سرڪاري ڌر ڦڙڦوٽ جو شڪار ٿي ۽ مھينن کان ڦوٽ ۾ وچڙيل مخالف ڌر مڙي مٺ ٿي ويئي. مولانا فضل الرحمان کي وسري ويو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو فقط ڪجھه مھينا اڳ پي ڊي ايم جي پٺ ۾ ڪاتي ھڻي مخالف ڌر جي اتحاد ۾ ڦيٽاڙو وجھي ڇڏيو ھو. اپوزيشن وارن پاڻ ۾ ٻڌي ڪري اڱاري تي نئين قانون سازي لاءِ ٿيل ووٽنگ ۾ عمران حڪومت کي 13 تيرھن ووٽن جي برتري سان شڪست ڏني جنهن اقتدار جي ايوانن کي اھڙو ته لوڏي ڇڏيو جو حڪومت پاران ٻئي ڏينهن تي سڏايل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ملتوي ڪرڻو پئجي ويو. حڪومت جي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪنهن به قانون سازيءَ کان اڳ ساڻن صلاح مصلحت نٿو ڪري ۽ نه ئي اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري سمجهي ٿو. قاف ليگ ۽ ايم ڪيو ايم اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي به مخالفت ڪئي. مان سمجهان ٿو ته چوويهن ڪلاڪن اندر ايڏي ڪايا پلٽ غيباتي آشيرواد کان سواءِ ممڪن نه آهي. عمران خان جي بني گالا محلات ۾ جنتر منتر جام ٿين ٿا جن جي اثر کي پنڊيءَ واري خلائي مخلوق ئي ختم ڪري سگهي ٿي. بھرحال، مون کي مليل ڄاڻ موجب ايندڙ ڊسمبر ۾ ڪنهن به وقت اوچتو ئي اوچتو پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي وزير اعليٰ عثمان بوزدار جي سرڪار کي ڊاهي، بلوچستان کان پوءِ پنجاب ۾ عمراني ڪرسيءَ جي ٻي ٽنگ ٽوڙي ڇڏيندا ۽ ھفتي ڏھن ڏينھن اندر وفاقي حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪري، عمران خان کي گھر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ مخالف ڌر جي سڀني جماعتن ھڪ ڳجھو ٺاھه ڪري ورتو آهي جنهن کي لنڊن ۾ جلاوطني ڪاٽيندڙ مسلم ليگي سرواڻ ميان نواز شريف به قبول ڪري ڇڏيو آھي. ھن اھو شرط ضرور رکيو آھي ته عمران خان کي ھٽائڻ کان جيڪو به وزير اعظم ٿيندو، ان کي نئين سر عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڇھن مھينن جو وقت ڏينداسين. مقصد هي آھي ته نواز شريف عمران خان جو باقي بچيل ڏيڍ سال حڪومت وٺڻ جي حق ۾ ان ڪري ڪونھي ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ ڪروڙين ماڻهن جي بيروزگاريءَ کي ايتري ٿوري عرصي ۾ ختم نه ڪري سگهندو ۽ ماڳھين عوامي نفرت ڪارڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مسلم ليگ جو ووٽ بينڪ گھٽجي ويندو.
جيڪڏهن حڪمران جماعت جا سندن اتحادين سان ڏار پيا آهن ته ساڳئي وقت ملڪ جي سڀ کان سگھاري ڌر ۾ ھن ڀيري جيڪا ڦوٽ پئجي ويئي آهي ان ڪري ئي ته ھاڻي نه عمران خان ۽ نه ئي سندس ڪو وزير يا مشير پنهنجو پراڻو قول ورجائين ٿا ته “حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ساڳئي پيج تي آهن.” خاطريءَ سان چئي سگهان ٿو ته اھو ڪتاب ئي رديءَ جي ٽوڪريءَ وڃي آسائتو ٿيو آهي جنهن جي ھڪڙي صفحي کي ٻيئي ڌريون چنبڙيل ھيون. ڇو نه ٿو وزير اعظم عمران خان اھا دعويٰ ورجائي؟ ان ڪري جو هڪ نوٽيفڪيشن ۾ رنڊڪ وجهي عمران خان پاڻ کي ذوالفقار علي ڀٽو ٺاهڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي، ان بيڪ فائر ڪيو ۽ نتيجي طور کيس اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهارڻ وارن سان سندس پريت جو سڳو ٽٽي پيو. اھو سڳو ٽوڙي عمران خان پاڻ ئي پنهنجي پير تي ڪهاڙو هنيو آهي. ھاڻي اسٽيبلشمينٽ ايتري قدر مجبور ٿي چڪي آهي جو جنھن نواز شريف کي نااهل قرار ڏيئي، وزير اعظم جي مسند تان لاهي، جيل ۾ اماڻي نيٺ کيس جلاوطن ڪيائون، انھيءَ ساڳئي ڏوھاري ڏانهن ٽي ڀيرا پنهنجا ايلچي موڪليا اٿن ته عمران خان کي ڊاهڻ ۾ بي اعتمادي جي رٿ لاءِ گھربل ووٽ ڏيو ۽ اسان جون خطائون بخش ڪريو. نواز شريف کي اھا آڇ به ڪئي اٿن ته جنهن کي وڻيو ملڪ جو وزيراعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو. اسان اوھان جي حڪم جي پوئواري ڪنداسين.
ھاڻي موٽي اچون ٿا سنڌ جي صورتحال تي جيڪا جيتري اڄ ھان ڏاريندڙ آهي، ايتري انگريز سرڪار جي دور ۾ به نه ھئي. حڪمران پارٽين جا طاقتور اسيمبلي ميمبر ماضيءَ ۾ به خدا جي خلق سان ڏاڍائيون ڪندا هئا. کين سندن پوک جي پاڻيءَ کان محروم ڪري، زمينن تي ناجائز قبضا به ڪندا هئا پر ايم پي ايز يا ايم اين ايز پنهنجن ھٿن سان عورتن ۽ جوانن کي گوليون هڻي يا ٽارچر ڪري، موت جي ننڊ سمهاري ڇڏين، اھو اسان ڪونه ڏٺو. ميھڙ ۾ نياڻي ام رباب جي وارثن جا ٽي خون ڪرڻ واري ڪيس ۾ عدالت سردار برھان چانڊئي کي پاڻ جوابدار نامزد ڪيو آهي. ملير جي ڄام ڀائرن ھٿان ٽارچر ڪري شهيد ڪيل ناظم جوکئي جو رت اڃا به ٽمي رهيو آهي ۽ سندس ڀاءُ افضل توڙي وڪيل محمد خان شيخ کي موتمار ڌمڪيون ڏيئي ڪيس تان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪرڻ وارا جوابدار به سنڌ جي حڪمران پارٽيءَ جا اسيمبلي ميمبر آهن. قمبر جي چانڊين سردارن کان پوءِ قمبر جي ئي ايم پي اي گھنور اسراڻ ھڪ اھڙي عورت فھميدہ سيال کي قتل ڪيو آهي، مائي ھن ايم پي اي کان رڳو انصاف جو مطالبو ڪري رهي هئي. خون جي مختلف وارداتن ۾ نامزد ٿيل ڄام اويس گھرام، ڄام ڪريم، ڄام نياز سالار ۽ چوڏھن ٻيا ملزم پڻ ملير ضلعي ۽ ٺٽي ضلعي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي عھدن تي فائز آهن. ٽي مهينا اڳ ٺٽي ضلعي جي گھارو شهر ڀرسان گھارو ٿاڻي جي انچارج ممتاز بروهيءَ ٻاٻرا ۾ زمين تي قبضو ڪرڻ خاطر ھٿيار بند ڪاھه ڪئي جنهن ۾ چوڪيدار صدورو ولھاري ۽ ٻه پوليس وارا مارجي ويا. ان واقعي ۾ ملوث ايس ايڇ او بروهي کي بچائڻ خاطر مالڪن مورڳو ڪيس کي داخل دفتر ڪرڻ جي لاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏيئي ڇڏي آهي. چوڪيدار غريب مسڪين ماڻهو جو تنھن ڪري بي موت مارجي ويو. ساڳي ريت سڪرنڊ ڀرسان نواب ولي محمد يو سي ۾ ساڍا ٽي سئو ايڪڙ کٽياڻ ڍنڍ تي ٽن ڊي ايس پيز جي ڪماني ۾ پوليس موبائيل تي سوار سپاهين جي لشڪر اصل مالڪن کي زوريءَ اٿاري ڀر پاسي جي سموري زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي. انھن جو چڱو مڙس ذاڪر علي زرداري آهي پر اتان جي سگھاري عورت ايم پي اي جي حڪم تي ڳوٺاڻن سان اھو ناحق ٿي رهيو آهي. مٿي ذڪر ڪيل ظالماڻا واقعا بنھه تازا آهن. جيڪڏهن انهن کان اڳ ۾ ٿيل انسان دشمن ڪاررواين کي ڳڻجي ته رڳو ڪراچيءَ جي ملير، گڏاپ، ڪاٺوڙ ۽ ڄامشوري ضلعي ۾ ڌرتي ڌڻين کان زوريءَ زمينون کسڻ جون انيڪ وارداتون به سنڌ جي چونڊيل عوامي حڪومت جي دور ۾ ئي ٿينديون رهيون آهن. اھڙي ظلم ۽ ناحق جي ڏوھارين کي سزا ڏيڻ پري جي ڳالهھ آهي، کين گرفتار ڪرڻ لاءِ به حد جا پوليس آفيسر تيار نه آهن. ھو چون ٿا ته اسان کي حڪمران جيئن حڪم ڏين ٿا تيئن عمل ڪندا آھيون. قانون جي بالادستي نه ھجڻ ڪري قاتل ۽ خوني بلوچستان ھائي ڪورٽ ۽ اسلام آباد ھائي ڪورٽ مان به ضمانت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃن ۽ شھيدن جي وارثن کي انصاف ملڻ جي اميد به ختم ٿي ويئي آهي. اھوئي ڪارڻ آھي ته سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل پوليس پاڻ چيف جسٽس آڏو دانهيندي سچ ظاھر ڪري ڇڏيو آھي ته سنڌ پوليس مڪمل طرح پوليٽيسائيز ٿي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button