ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ترقي جون ڪوڙيون دعوائون!

Editorial

ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ حڪمرانن جي عوام دشمن معاشي پاليسين جي ڪري ڪهرام متل آهي، عام ماڻهو لا ٻه ويلا ماني کائڻ ڪنهن وڏي جاکوڙ کان گهٽ نه رهيو آهي پر حڪمرانن جون ترقي جون دعوائون ختم ٿيڻ جو نالو نه پيون وٺن. آئي ڏينهن حڪومتي وزير مشير عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جهڙا بيان جاري ڪري رهيا آهن. انهن کي ملڪ جي هر پاسي خوشحالي ۽ ترقي نظر اچي رهي آهي. تازو پي ٽي آ حڪومت جي ٻن وزيرن جيڪي بيان ڏنا آهن، اهي عوام سان ڪنهن وڏي مذاق کان گهٽ ڪونه آهن.
وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته “پاڪستان ۾ ترقي ٿي رهي آهي، الحمد الله معيشت سڄي دنيا کان بهتر هلي رهي آهي.” ٻئي طرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته “ملڪ جي ڪيترن طبقن جي آمدني وڌي وئي آهي، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ملڪي معيشت ترقي ڪري رهي آهي. مهانگائي تي ضابطي آڻڻ لاءِ وڏي پراجيڪٽ تي ڪم هلندڙ آهي. دنيا ۾ ناڪاري واڌ جي باوجود پاڪستان ترقي طرف وڌي رهيو آهي، پيٽرول جي 26 سيڪڙو کپت وڌي وئي آهي، بجلي جي 13 سيڪڙو کپت وڌي آهي، پگهار دار طبقي کانسواءِ ڪيترائي سيڪٽر اهڙا آهن جتي آمدني ۾ واڌارو ٿيو آهي.”
اسان جو حڪمرانن کان اهو سوال آهي ته نيٺ اها ترقي ڪٿي ٿي رهي آهي؟ عملي طور ته ڪٿان به ڪنهن چڱائي جي اميد نظر نه پئي اچي. حڪمرانن قرض کڻڻ ۾ سمورين اڳوڻين حڪومتن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. جيڪڏهن ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي ته پو ايڏي وڏي پئماني تي قرض ڇو پيو کنيو وڃي؟ تازو ئي ناڻي واري وزارت ٻڌايو آهي ته موجوده حڪومت جي 3 سالن دوران پاڪستان جي ٽوٽل قرضن ۾ 16 هزار ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي ۽ حڪومت قرضن تي وياج ادائيگي جي مد ۾ 7 هزار 460 ارب رپيا ادا ڪري چڪي آهي. سينيٽ جي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران گذريل 3 سالن ۾ وياج جي ادائيگين جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا ويا. ناڻي واري وزارت ٻڌايو ته حڪومت قرضن تي وياج ادائيگي جي مد ۾ 7 هزار 460 ارب رپيا ادا ڪري رهي آهي. ٽن سالن دوران سرڪاري قرضن ۾ 14 هزار 906 ارب جو اضافو ٿيو ۽ وياج جي مد ۾ 50 سيڪڙو ادائيگي ڪئي وئي. ناڻي واري وزارت لکت واري جواب ۾ چيو آهي ته سرڪاري قرضن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. سال 2020-21 ۾ ڊيٽ ٽو جي ڊي پي جي شرح 4 سيڪڙو گهٽ ٿي ۽ هلندڙ مالي سال هن شرح ۾ 2 کان 3 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي.
هڪ پاسي قرض وڌي رهيو آهي ته ٻئي طرف جي ڊي پي جي شرح به گهٽجي رهي آهي ته پو اها ترقي آخر ٿي ڪٿي رهي آهي؟ حڪمران نيٺ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڇو ڪري رهيا آهن؟ حڪمرانن جي موتمار معاشي پاليسين جي ڪري غريب ماڻهو لا زندگي گذارڻ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ ايڏي مهانگائي نه ٿي جيڪا هنن حڪمرانن ڪئي آهي. ساڍن ٽن سالن جي عرصي دوران اها ڳالهه ته ثابت ٿي چڪي آهي ته موجوده وفاقي حڪومت عوام نه پر اشرافيا جي حڪومت آهي. حڪومت جيڪڏهن عوام جي نمائندگي ڪندي هجي ها ته ايئن عوام جي مفادن جي ابتڙ معاشي پاليسيون ترتيب نه ڏئي ها. مسلسل مهانگائي ڪئي پئي وڃي، حڪمرانن جي اهڙن قدمن کي ڏسي عوام ۾ اها بيچئني پکڙيل آهي ته هنن جي مستقبل جو نيٺ ڇا ٿيندو. زندگي جو ڪو به پاسو نه ڇڏيو ويو آهي. هر شئي جي اگهن کي باهه لڳي وئي آهي، عام ماڻهو ان لا پريشان آهي ته جيئن تيئن ڪري اڄوڪو ڏينهن ته گذري ويو، ايندڙ ڏينهن جو ڇا ٿيندو. پر پو به حڪمران معاشي بهتري جون دعوائون ڪندي ٿڪجن نه ٿا!! حڪمران عوام جي مقدر ۾ ڪا مثبت تبديلي نه آڻي سگهيا آهن. ويتر اڳيون نور به چٽ ٿي رهيو آهي. حڪمرانن تبديلي اها آندي آهي جو هر طبقي جي ماڻهن جا ٻئي هٿ مٿي تي آهن. خاص ڪري ملڪ جو غريب طبقو حڪمرانن جي معاشي پاليسين جي ڪري سخت عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ان باوجود حڪمران دعوائون ڪري رهيا آهن ته هنن جي اچڻ سان ترقي ٿي رهي آهي. جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي. اسان سمجهون ٿا ته هاڻي عوام کي ڪنهن به دعويٰ ۽ آسري تي ريجهائي نه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته عوام پاڻ عملي طور ان جو تجربو ڪري رهيو آهي ته حڪمرانن ڪهڙي معاشي بهتري آندي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ زهر ڀرڻ بدران هاڻي انهن کي رليف ڏنو وڃي. بجلي سميت جن به بنيادي نوعيت جي ضرورتن وارين شين جا اگهه وڌايا ويا آهن، اهي فوري طور واپس ڪيا وڃن.ترقي جون ڪوڙيون دعوائون نه ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button