رانديون

ويسٽ انڊيز ويمن هٿان پاڪستان کي آخري ون ۾ بھ شڪست، اسٽيفني جي شاندار سنچري

ويسٽ انڊيز ويمن جي ٽيم پاڪستان کي آخري ون ڊي ميچ ۾ بھ 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي دوري تي پهتل ويسٽ انڊيز ويمن جي ٽيم ون ڊي سيريز جون سمورين ميچن ۾ فاتح بڻي آهي. ان کان اڳ ڪراچي نيشنل اسٽيڊيم ۾ آخري ون ڊي ۾ پاڪستان ويمن 7 وڪيٽون وڃائي 225 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ منيبا علي 58 رنسون ٺاهي نمايان رهي. جڏهن تھ عاليھ رياض 44 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي. اهڙي ريت 226 رنسن جي هدف پويان کيڏندي ويسٽ انڊيز ويمن 4 وڪيٽون وڃائي 44هين اوور ۾ هدف ماڻيو، جنهن ۾ هيلي ميٿيو 49 ۽ چيڊين نيشن 51 رنسون ڪيون. اسٽيفني ٽيلر 102 رنسون ٺاهڻ ۽ هڪ وڪيٽ وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ويسٽ انڊيز ويمن جي شاڪرا سليمان، عاليھ ايليني 2،2 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ پاڪستان جي انم امين 2، ڊيانا بيگ ۽ سعديھ اقبال هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button