عمران خان نيازي هاڻ اقتدار ۾ ڪونه رهيو آهي پر تنهن هوندي به هو ادارن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. جيتري رعايت ۽ ڇوٽ کيس مليل آهي، ايتري ڪنهن به سياسي اڳواڻ کي نه ماضي ۾ ڪڏهن ملي هئي ۽ نه ئي هاڻ مليل آهي. جيتوڻيڪ هو مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي پر تڏهن به هن لاءِ عدالتن ۾ خاص رعايت نظر اچي ٿي. پي ٽي آءِ جڏهن اقتدار ۾ هئي ته ان کي اهو وهم گمان ۾ به ڪونه هو ته ڪڏهن سندس اقتدار ختم ٿيندو. عمران خان نيازي اڳوڻي آمر پرويز مشرف وانگر تاحيات اقتدار ۾ رهڻ جو خواهشمند هو پر پرويز مشرف به پنهنجن غلطين جي ڪري اقتدار وڃائي ويٺو هو. پرويز مشرف کي ان وقت جي وزير اعظم نواز شريف جڏهن ملازمت تان فارغ ڪيو هو، تڏهن هن نواز شريف جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو هو. اهڙي ريت جڏهن پرويز مشرف ان وقت جي چيف جسٽس چوڌري افتخار کي نوڪريءَ تان هٽايو هو ته هن لاءِ حالتون خراب ٿي ويون هيون ۽ وڪيلن جي تحريڪ زور وٺڻ لڳي. ان ڪري نواز شريف ۽ پرويز مشرف جو اقتدار وڃائڻ جو سبب ساڳيو ئي نظر اچي ٿو.
سياست ۾ ڪجهه به ممڪن هجڻ واري امڪان کي ڪڏهن به رد نٿو ڪري سگهجي. هڪ ساڃاهه وند سياستدان سدائين ان ڳالهه لاءِ تيار رهندو آهي ته سياسي حالتون ڪنهن وقت به ڪر موڙي سگهن ٿيون ۽ انهن حالتن جا نتيجا حق ۾ ٿي سگهن ٿا ته خلاف به ٿي سگهن ٿا. عمران خان نيازي اها ڳالهه وساري ويٺو هو، تنهنڪري جڏهن هن کان اقتدار کسجي ويو ته هن لاءِ اهو ڪنهن صدمي کان گهٽ ڪونه هو. اڄ به هو ان صدمي ۾ جيءَ رهيو آهي ۽ هن جي اندر جيڪا ڪاوڙ آهي سا به ان ڪري ئي آهي، جو هو اهو سوچيندو رهيو ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن لاءِ هن جي پارٽي اقتدار ۾ رهندي. پر هڪ اهڙو ملڪ جيڪو ڏينهون ڏينهن معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسي رهيو هجي. جنهن کي ايتري به معاشي آزادي نه هجي جو اهو پنهنجي مرضيءَ سان بجيٽ پيش ڪري سگهي ته اهڙي ملڪ ۾ پي ٽي آءِ جهڙي پارٽيءَ جو اقتدار ۾ ايترن سالن تائين رهڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو. جيڪا نااهلن جي هڪ ٽولي کان سواءِ ڪجهه ناهي.
پي ٽي آءِ جي تجربي مان ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڪجهه سکيو آهي الائي نه پر گهٽ ۾ گهٽ ٻين سياسي پارٽين کي ضرور سيکت ملي هوندي، جيڪي سدائين هڪٻئي جي ڄنڊا پٽ ۾ رهيون ۽ سندن انهن عملن جي ڪري عمران خان نيازيءَ جهڙو ماڻهو ملڪ تي مڙهيو ويو. جنهن جو مقصد ملڪ جي ترقي نه پر پنهنجي ترقي هو. هن پنهنجي ٽيم جي گوئبلز وسيلي اهڙا اهڙا سياسي موقف تيار ڪيا آهن جو ماڻهو ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ سمجهڻ لڳا آهن. تنهنڪري پي ٽي آءِ جي متعارف ٿيڻ، ان کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان کي هڪ ڇوٽڪارو ڏياريندڙ پارٽيءَ طور پيش ڪرڻ جي ٻين نقصانن مان هڪ نقصان اهو پڻ ٿيو آهي جو ماڻهن انهن سياستدانن کي غدار چوڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪيو، جيڪي غدار نه هئا ۽ نه آهن. چور چور جا نعرا هڻي عمران خان نيازي سڄو ملڪ مٿي تي کڻي ڇڏيو پر ڪنهن تي به ڪو ڪيس ثابت نه ٿي سگهيو.
عمران خان نيازيءَ ان ئي سياسي نرسريءَ جي پيداوار آهي، جنهن مان اقتداري سياست جا سياستدان تيار ٿيندا رهيا آهن. پر گهٽ ۾ گهٽ انهن ۾ سياسي ساڃاهه نظر اچي ٿي. اهي پنهنجن مخالفن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار هوندا آهن، اهي سياسي معاملن کي سياست وسيلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اهي سياست کي مسئلن جو حل سمجهن ٿا. اهڙي ريت انهن ۾ سهپ به هوندي آهي ته تنقيد برداشت ڪرڻ جو مادو به هوندو آهي. پر عمران خان نيازي نه رڳو سياست کي هڪ گار ٺاهي ڇڏيو پر هن سهپ واري روايت کي ئي ختم ڪري ڇڏيو. هن جڏهن ۽ جتي به پنهنجو مفاد ڏٺو اتي هن پاڻ ئي هٿ اڳيان وڌايو. ڪنهن زماني ۾ هو شيخ رشيد کي پنهنجو پٽيوالو ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو، اڄ شيخ رشيد سندس ڪمدار لڳو پيو آهي. چوڌري پرويز الاهي پنجاب جو ڌاڙيل هو پر عمران خان نيازيءَ جي مدد سان هو پنجاب جو وڏو وزير ٿي ويو ۽ هن ئي عمران خان جي چوڻ تي پنجاب اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي ۽ اڄ هو پڇتائي رهيو آهي. تنهنڪري سياست عوامي مفادن بدران جيڪڏهن پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ ڪرڻي آهي ته پوءِ ان سان اجتماعي مفاد ماڻي نٿا سگهجن. ان جو اهم مثال عمران خان نيازيءَ تي لڳل ڪرپشن جا الزام آهن ۽ ان کان سواءِ اهي اسڪينڊل آهن، جيڪي سندس ئي حڪومتي دور ۾ ٿيا هئا.
جيڪڏهن ملڪ ۾ سياسي آزادي حقيقي معنا ۾ هجي ها ته هن ملڪ ۾ عمران خان نيازي جهڙو نام نهاد سياسي اڳواڻ ڪڏهن به پيدا ڪونه ٿئي ها. پر جيئن ته ملڪ ۾ سياستدانن کي تيار ڪرڻ ۽ انهن کي اقتدار ۾ آڻڻ جي روايت ڏهاڪن کان جاري آهي، تنهنڪري عمران خان نيازي به ماڻهن کي سياستدان لڳي ٿو. ان ۾ سڄو ڏوهه اسٽيبشلمينٽ جو آهي، جيڪا ملڪي سياست کي پنهنجي وس ۾ ڪريو ويٺي آهي. تنهنڪري سياسي طور جيڪو ماحول ماضي ۾ رهيو آهي يا هاڻ آهي، ان ۾ سياستدانن جي آزادي نه هئڻ برابر آهي. ڪنهن کي اقتدار ۾ رکڻو آهي، ڪنهن کي لاهڻو آهي. ان کي لاهڻ جا طريقا ڀلي ناجائز ئي ڇو نه هجن پر اهي لاڳو ڪري اقتدار کسڻ هن ملڪ ۾ ڪو مسئلو ناهي. پر سوال اهو آهي ته ڇا عمران خان نيازي جهڙا ماڻهو ملڪ کي ڪنهن سنئين دڳ تي وٺي وڃي سگهن ٿا؟ يا اهڙن ماڻهن جا ذهن وڌيڪ تباهي پکيڙيندڙ آهن. هيستائين ته ائين نظر آيو آهي ته عمران خان نيازي عوام توڙي ملڪ لاءِ تباهي پکيڙيندڙ ثابت ٿيو آهي. اڄ به هو جنهن مهم تي لڳل آهي، ان وسيلي هو هڪ تخريبي ذهن لڳي ٿو.
هاڻ جڏهن ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جون صوبائي اسيمبليون ٽٽي چڪيون آهن ته پي ٽي آءِ جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ جو سوچيو آهي پر جيڪي اڳواڻن هڪ هفتو به جيل ۾ گذري آيا آهن، انهن کي اندازو ٿي ويو آهي ته جيل ياترا هڪ ڏکيو مرحلو آهي، سو ان لاءِ اڳواڻ ته ڇا ڪارڪن به تيار ڪونه ٿيندا ۽ جيل ڀريو تحريڪ لاءِ پهرين سربراهه کي گرفتاري ڏيڻ گهرجي. جڏهن به عمران خان نيازيءَ جي گرفتاريءَ جا امڪان هوندا آهن ته هو لاهور وارو گهر ڇڏي ڪي پي ڪي هليو ويندو آهي.
سياست ڪيتري بي رحم ٿي سگهي ٿي، ان جو اندازو پڪ سان هاڻ پي ٽي آءِ جي انهن اڳواڻن کي ٿيو هوندو، جيڪي عمران خان جي اشارن تي پنهنجن مخالفن کي گاريون ڏيندا رهيا، انهن کي بدنام ڪندا رهيا آهن. تنهنڪري سياست ڪرڻ لاءِ دل وڏي رکڻ ضروري آهي، جنهن ۾مخالف کي معاف ڪرڻ جي همت به هجي ته جيل وڃڻ جي همت به. ٻي صورت ۾ پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ رڳو سوشل ميڊيا تي هلندڙ هوندي. سوشل ميڊيا تي جيل ڀربا ۽ سوشل ميڊيا تي گرفتاريون ۽ آزاديون ٿينديون. سو اها جيل ڀريو تحريڪ سوشل ميڊيا جيل ڀريو تحريڪ هوندي.