ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان جو معاشي بحران ڪڏهن ٽرندو!

پاڪستان ۾ رپئي جو ملهه تاريخ ۾ سڀ کان گهٽ سطح تي پهچڻ ڪري ملڪ جو معاشي ڏيوالو نڪري چڪو آهي. اهو معاشي بحران وري به حڪمران طبقي بدران عام شهري ۽ عوام کي سخت متاثر ڪري رهيو آهي. ملڪ ۾ تازو برساتي ٻوڏ جي تباهڪارين کانپو ۽ وري ڊالر جي مهانگي ٿيڻ کانپو اڃا صورتحال خراب ٿي چڪي آهي. دنيا ۾ پاڪستان جي معاشي حالتن جو جائزو سريلنڪا سان به ڀيٽيو پئي ويو پر عالمي مالياتي ادارن جي ٽيم پاڪستان کي قرض جي قسط ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ته تجزين ۾ سريلنڪا جو نالو في الحال خارج ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ معاشي بحران جي پٺيان ڪيتريون ئي قوتون ڪارفرما هجن پر هتي ڪنهن وڏي تبديلي بدران ڪا ڀڃ ڊاهه ۽ انارڪي جو پيش منظر نظر ايندو رهيو آهي. پاڪستان ۾ شروع ٿيل سياسي بحران ڪنهن نتيجي تي نه پهتو آهي. پاڪستان جو عالمي مالياتي ادارن جي ڀاڙڻ ڪا نئين ڳالهه به ناهي. اهو سڀ ڪجهه پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ ٿيندو رهيو آهي. جيڪو قرض ختم ٿيڻ بدران وڌندو ئي رهيو آهي. پاڪستان ۾ هن معاشي بحران سان گڏ گئس ۽ بجلي جي بحران سان فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جو بند ٿيڻ به معمول بڻيل آهي. جڏهن ته برساتي پاڻي جي گهٽجڻ باوجود زراعت بحال نه ٿي سگهي آهي. ان ڪري آبادگار ۽ هارين زراعت جي تباهه ڪاري تي پنهنجو بيانيو روز جاري ڪري رهيا آهن. اسان ڏٺو آهي ته گذريل ڏينهن هڪ ڇرڪائيندڙ رپورٽ پڻ سامهون آئي آهي. جنهن سان ملڪ جي معاشي بحران کي به سمجهي سگهجي ٿو، اها رپورٽ هٿان ڊالر سرحد پار افغانستان اسمگل ڪرڻ جي آهي.

هن رپورٽ کي آمريڪي نشرياتي اداري “بلومبرگ” پڌرو ڪيو آهي. رپورٽ هي آهي ته پاڪستان مان روزانو لکين ڊالر افغانستان اسمگل ٿي رهيا آهن. رپورٽ مطابق پهريان ئي معاشي بحران جو شڪار پاڪستان مان روزانو لکين ڊالر افغانستان اسمگل ٿي رهيا آهن جنهن سان افغانستان جي معيشت کي هٿي ملي رهي آهي جڏهن ته پاڪستاني معاشي طور ڪمزور ٿي رهيو آهي. پاڪستان لا اها صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ڇاڪاڻ ته ڊالر جي اسمگلنگ سان تيزي سان وڌندڙ معاشي بحران ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ايڪسچينج ڪمپني ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل محمد ظفر پراچا چيو آهي ته پاڪستان مان واپاري ۽ اسمگلرز روزانو گهٽ ۾ گهٽ 50 لک ڊالر فغانستان اسمگل ڪري رهيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هر هفتي افغانستان جي مرڪزي بئنڪ مارڪيٽ مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ 70 لک ڊالر ذخيرو ڪيو وڃي ٿو. غير قانوني ڊالرن جي اسمگلنگ مان ظاهر ٿئي ٿو ته 2021ع ۾ حڪومت ۾ اچڻ کانپو طالبان ڪهڙي طرح معاشي پابندين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڊالرن جي افغانستان ڏانهن اسمگلنگ سان پاڪستان جي مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن تي دٻا پئجي رهيو آهي. جڏهن ته رپئي جو ملهه تاريخ جي سڀ کان گهٽ سطح تي پهچي چڪو آهي، جنهن ملڪي معيشت کي ڏيوالپڻي جي ڪنڌي تي پهچائي ڇڏيو آهي. ڪرنسي ڊيلر محمد ظفر پراچا ميڊيا کي ٻڌايو ته “بنا ڪنهن شڪ جي ڊالر افغانستان اسمگل ٿي رهيا آهن ۽ اهو فوري فائدو ڏيندڙ ڪاروبار بڻجي چڪو آهي.” ڪراچي ۾ قائم الفا بيٽا ڪور سلوشنز پرائيويٽ لميٽڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم شهزاد موجب ته “افغانستان کي روزانو هڪ کان ڏيڍ ڪروڙ ڊالرن جي ضرورت آهي، جنهن جو اڌ پاڪستان مان اسمگل ڪيو پيو وڃي.” ڊالر اچڻ ۽ مقامي ڪرنسي جي طلب سبب افغاني ڪرنسي في ڊالر 89 ڏهائي 96 تائين اچي وئي آهي. جڏهن ته ڊسمبر 2021ع ۾ 124 ڏهائي 18 في ڊالر هئي. ٻئي طرف ان عرصي ۾ پاڪستاني ڪرنسي آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ 37 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي. ڪرنسي جي گهٽجڻ جو سلسلو ڏينهن به تيزي سان وڌي رهيو آهي، جيتوڻيڪ ڏيڊ مهينو اڳ قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي ۾ هڪ ايم اين اي اها ڳالهه رکي هئي ته افغانستان ۾ پاڪستان مان 21 سئو سوپارين جي پڙين ساشن ۾ پاڪستان مان آمريڪي ڊالر پيڪ ڪري افغانستان اسمگل ڪيا وڃن ٿا.

پاڪستان ۾ انڊسٽريل، صنعتن جي بحران سان گڏ زراعت جو بحران به پاڪستان جي عوام کي معاشي طور تباهه ڪري ڇڏيندو. تازو ڪوٽڙي ۾ چيمبرس آف ڪامرس جي اڳواڻن عديل صديقي ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊالر جي مهانگي ٿيڻ ۽ واپارين صنعتڪارن جي طرفان ڏنل چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج جو چتا ڏيڻ سان گڏ ايندڙ چونڊن ۾ بائيڪاٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. هنن چيو ته پاڪستان ۾ بحران پيدا ڪرڻ سان واپارين ۽ صعنتڪارن جو ڏيوالو نڪري ويو آهي. گئس ۽ بجلي جي بحران به ڪارخانيدارن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي. اسان جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. ڪروڊ آئل تي ايترو ته ٽيڪس مڙهيو ويو آهي جيڪو ادا ڪرڻ کان قاصر آهيون. ٻئي طرف ملڪ ۾ ڊالر نه هجڻ ڪري سامان سان ڀريل ٽينڪر پورٽن تي بيٺًل آهن. حڪومت ۾ ايتري سگهه ناهي، ٽينڪرن کي آزاد ڪرائي سگهي. هنن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي اڃا وڌندي. هتي بجلي کانسوا ڪا به پيداوار نه ٿي سگهندي. صنعتون به بند ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن.
ساڳئي وقت ايوان زراعت سنڌ، سنڌ آبادگار اتحاد، سنڌ آبادگار بورڊ تنظيمون به زراعت تي سبسڊي ڏيڻ جو مطالبو ڪنديون رهيون آهن، تازو سنڌ آبادگار اتحاد چيو پئي ته سال 2021-22 ۾ وفاقي حڪومت پاران زرعي جنسن جي درآمد تي 32 ارب ڊالر خرچ ڪيا آهن، آبادگارن موجب ته ملڪ جي زراعت ۽ مقامي هارين کي اهڙا فائدا ڏنا وڃن ها ته ملڪ بحران ۾ نه هجي ها. سنڌ آبادگار اتحاد چوندي رهي آهي ته ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي لڳائي زراعت دوست پاليسيون لاڳو ڪيون وڃن. جڏهن ته رپورٽ موجب وفاقي حڪومت رڳو گذريل سال پرڏيهي ملڪن مان زرعي جنسن جي درآمد تي 32 ارب ڊالر خرچ ڪيا آهن، هن وقت ڏکڻ سنڌ ۾ ڪڻڪ جو نئون فصل تيار ٿي چڪو آهي. 15 فيبروري کان لابارا شروع ٿي ويندا. ان ڏس ۾ ايوان زراعت سنڌ سرڪار کان لاڙ جي علائقن ۾ پهرين مارچ کان هر صورت ۾ ڪڻڪ خريداري جا مرڪز قائم ڪرڻ ۽ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 4 هزار روپيا في مڻ مقرر لا نوٽيفيڪشن جاري ڪرڻ جو مطالبو به ڪري رکيو آهي. ايوان زراعت سنڌ موجب ته سنڌ سرڪار پهرين مارچ کان ميرپورخاص ضلعي جي جهڏو، نئون ڪوٽ، ٽنڊو جان محمد، بدين ضلعي جي ٽنڊو باگو ۽ عمرڪوٽ ضلعي جي ڪنري شهر سميت ٻين علائقن ۾ فوري طور تي ڪڻڪ خريداري جا مرڪز قائم ڪيا وڃن. آبادگارن کي زراعت جي شعبي ۾ سبسڊي ملڻ بند ٿي وئي ته سنڌ جي زراعت ختم ٿي ويندي، جنھن سبب زراعت سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح لاڳاپيل 4 ڪروڙ ماڻھو سخت متاثر ٿيندا ۽ زراعت جو شعبو ختم ٿي ويندو. ٽريڪٽر جي قميت ۾ 10 لک روپيا اضافو ٿي ويو آهي. اھا قيمت اڃان به وڌي سگھي ٿي. يوريا ڀاڻ ۽ ڊي اي پي جي في ٻوري تي 1200 روپيا واڌ ڪئي وئي آھي. ايوان زراعت سنڌ اهو به حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪڻڪ جي 4 هزار جو اگهه بنا دير خوراڪ کاتي کان جاري ڪرائي ڪڻڪ خريداري جا مرڪز قائم ڪري ڪڻڪ سرڪاري اگهه تي خريد ڪئي وڃي. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته واپاري ڪڻڪ خريد ڪري افغانستان اسمگلنگ ڪري ڇڏيندا. جنهن سان سنڌ سميت ملڪ ۾ ڪڻڪ جو وڏو بحران جنم وٺندو. هن اهو به مطالبو ڪيو ته هلندڙ سال ڪپهه جو اگهه 10 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪري ٻوڏ سٽيل زراعت جي شعبي ۾ 300 ارب روپين جي سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪري ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي. اسان هنن رپورٽن، صنعتڪارن ۽ آبادگارن جي ڳالهين مان اندازو لڳايو ته پاڪستان جو معاشي ڏيوالو رڪجڻ جو نالو به نٿو وٺي، افغانستان ۾ ڊالر موڪلڻ کانپو ڪڻڪ موڪلڻ جي ڌمڪي به ڏني پئي وڃي. ان ڪري حڪومت کي اکيون پٽڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button