ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آءِ ايم ايف سان نئين ڊيل

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

ملڪ ۾ هڪ پاسي دهشتگرديءَ جون ڪارروايون جاري آهن ته ٻئي پاسي آءِ ايم ايف سان ڳرين شرطن تي قرض وٺڻ لاءِ ڳالهين جو سلسلو هلندڙ آهي. پاڪستان جڏهن کان ٺهيو آهي، ان ڏينهن کان وٺي آءِ ايم ايف سان ڊيل ڪري ملڪ لاءِ قرض وٺي معاشي معاملا هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر نه ڪڏهن اهو قرض لهي سگهيو آهي ۽ نه ئي آءِ ايم ايف جي مطالبن مان جان ڇٽي آهي. هن وقت ملڪ ۾ پي ڊي ايم جي حڪومت آهي. هي هڪ اتحادي حڪومت آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي، نواز ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ جمعيت علماءِ اسلام شامل آهن. ان کان اڳ حڪومت ڪندڙ جماعت پي ٽي آءِ هئي، جنهن پنهنجي دور ۾ رڪارڊ قرض ورتو ۽ ان قرض کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ ڪيترا دليل پڻ ڏنا ويندا آهن. حڪومتي ٽيم جا ماڻهو آءِ ايم ايف کي ڇوٽڪارو ڏياريندڙ ادارو ثابت ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو هو. پر انهيءَ قرض جو معاشي بار به عوام جي مٿان پيو، نتيجي ۾ نه رڳو مهانگائي وڌي پر عام ماڻهو لاءِ جيئڻ به ڏکيو ٿي ويو. اهڙي ريت سمورا معاشي معاملا آءِ ايم ايف جي حوالي ٿي ويا. جنهن کان پوءِ مهانگائيءَ جو طوفان آيو، ماڻهن جي قوت خريد گهٽجي وئي.

هن ڀيري وري مني بجيٽ آڻڻ جون تياريون زورن تي آهن. خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته مني بجيٽ آڻڻي پوندي. حڪومت اها تصدي ڪري ڇڏي آهي ته اها آءِ ايم ايف کان قرض کڻي رهي آهي. حڪومتي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ وچ ۾ 1 ارب 10 ڪروڙ ڊالر جي نائين قرض پروگرام لاءِ سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي نظرثاني مشن وڊيو لنڪ ذريعي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار جلد ئي آءِ ايم ايف سان 9 هين اقتصادي جائزي جي ڪامياب مڪمل ٿيڻ جو اعلان وڊيو پيغام ۾ ڪندو. جڏهن ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جي معاهدي جو به باضابطا اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف کي جلد بورڊ جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف رويو مشن سان 9 هين اقتصادي جائزو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آءِ ايم ايف بورڊ منظوري ڏيندو، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي هڪ ڏهائي 10 ارب ڊالر قرض جي ايندڙ قسط جي منظوري ڏني ويندي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان تي واضح ڪيو ۽ تجويز ڏني ته جيڪڏهن پاور سيڪٽر ۾ سڌارا نه ڪيا ويا ته ملڪ ٻڏي ويندو. بجليءَ جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي نجڪاري ڪرڻي پوندي، رڳو آئسڪو، فيسڪو ۽ ليسڪو بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن ۽ لائين لاسز گهٽ آهي. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان آءِ ايم ايف جي نظرثاني مشن ٽيم جي سربراهه ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين آمدني وڌائڻ تي اتفاق ڪيو هو. اجلاس کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف فنانس ترميمي بل جي به اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. ان کان سواءِ پاڪستان آءِ ايم ايف کي مقرر هدف پورا ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته پاڪستان ترقياتي بجيٽ ۾ 350 ارب جي گهٽتائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. جڏهن ته نئين ٽيڪس جي شرح ۽ مانيٽرنگ سسٽم ۽ بئنڪن کان رپئي ۾ قرض وٺڻ ۽ واپس ڪرڻ جو نئون ميڪنزم ٺاهڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.
هر ڀيري آءِ ايم ايف جي قسط جاري ٿيڻ وقت مالياتي ادارو ڪي هدف ڏيندو آهي، جيڪي پاڪستان کي هر حال ۾ پورا ڪرڻا هوندا آهن. پر مسئلو اهو آهي ته پاڪستان ۾ موجود ڪاموراشاهي ۽ اشرافيا جو لائيف اسٽائيل اهڙو آهي جو جيترو به قرض ورتو وڃي، اهو ڪڏهن به پورو نٿو ٿي سگهي. ان طبقي کي ملندڙ مراعتون ايتريون آهن جو اهي پوريون ڪرڻ لاءِ ڪروڙين ماڻهن تي ٽيڪسن جو بار وجهڻو پوندو آهي، جيڪڏهن ڪاموراشاهي، ججن ۽ جرنيل جون مراعتون گهٽايون وڃن ته معاملا ڪافي بهتر ٿي سگهن ٿا. تازو ئي اهي تجويزون به غور هيٺ آهن ته بيوروڪريسيءَ کي مليل مراعتون گهٽايون وڃن يا ختم ڪيون وڃن. پر ان کي عمل ۾ آڻڻ ايترو سولو به ڪونهي. جيڪڏهن ائين ئي معاملا هلندا رهيا ته پاڪستان مٿان قرض جو بار وڌندو ويندو پر ان جون ضرورتون ڪڏهن به پوريون ڪونه ٿيندو. ملڪ جو عوام اڳ ئي مهانگائي سبب پريشان لڳو پيو آهي، ان تي جڏهن نوان ٽيڪس هنيا ويندا ته ان جي حالت ڪهڙي ٿيندي. امڪان آهي ته 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويندا. ان هوندي به حڪومت جي بيوسي ڏسڻ وٽان آهن. ملڪ وزيراعظم مهانگائي گهٽائڻ بدران رڳو اهو اظهار ڪري رهيو آهي ته مهانگائي آهي ته ڇا ڪريون.
ان حوالي سان نواز ليگ جي اڳواڻن شهباز شريف کي خبردار پڻ ڪيو آهي. نواز ليگ جي اڳواڻن ۽ پنجاب اسيمبليءَ جي اڳوڻن ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف کي خدشن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو آهي ته عوام سخت پريشان آهي، جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته پارٽيءَ کي مهانگائي لوڙهي ڇڏيندي. وزيراعظم شهباز شريف سان قومي اسيمبليءَ جي هاڻوڪن ۽ اڳوڻن ميمبرن جي ملاقاتن جي تفصيل موجب نواز ليگ ميمبرن شهباز شريف کي عوام جي جذبن کان آگاهه ڪندي چيو ته عوام مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻڏندڙ معيشت جي مسئلن سبب حد کان وڌيڪ پريشان آهي، جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته نواز ليگ کي مهانگائيءَ جي هاڻوڪي لهر ٻوڙي ۽ لوڙهي ڇڏيندي. پارٽي ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان عابد رضا، رائو اجمل، راڻا مشهود، عنايت فاطما، راحيلا خادم حسين ۽ ٻين ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ملڪ ۾ آيل مهانگائيءَ جي لهر جو اندازو آهي، معاشي صورتحال واقعي تمام گهڻي خراب آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته موجوده معاشي صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل عمران خان حڪومت جي ڪيل غلطيون جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهيون، آءِِ ايم ايف جا شرط انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهن پر انهن کي مڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو به ناهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي اها ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ عوام کي ڪجهه نه ڪجهه تڪڙو رليف ڏئي سگهون. شهباز شريف سڀني ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ وڃي عوام کي مهانگائي ٿيڻ جا اصل سبب ٻڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
مهانگائيءَ جا اصل سبب رڳو اهي ڪونه آهن جو عمران خان حڪومت آءِ ايم ايف سان ماضي ۾ ڊيل ڪئي هئي پر هن ملڪ جو سڄو پئسو ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿي رهيو آهي، اهو سوال به اهم آهي. ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جيڪو پئسو خرچ ٿئي ٿو، ان سان عوام وڌيڪ لوڙيندو آهي. جڏهن ته دنيا ۾ هاڻ اهي ملڪ وڌيڪ سگهارا سمجهيا وڃن ٿا، جيڪي دفاعي نه پر معاشي طور وڌيڪ مضبوط آهن. جن پنهنجو پاڻ کي معاشي طور مضبوط ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته جيستائين عام ماڻهو جي مالي حالت بهتر نه هوندي، ڪوبه ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.
آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ ڊيلن ۾ سدائين عوام کي قرباني ڏيڻي پوندي آهي. ڪڏهن به اشرافيا يا حڪمران طبقو قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو آهي. تنهنڪري هن ڀيري به آءِ ايم ايف جي ڪاتي عوام جي ڪنڌَ تي ڦرڻي آهي. بيوس حڪمرانن جهڙي ريت پنهنجو پاڻ کي آءِ ايم ايف آڏو جهڪائي ڇڏيو آهي، ان مان ائين ٿو لڳي ته معاشي طور هي ملڪ ڪڏهن به پاڻڀرو ٿي نه سگهندو ۽ نه ئي آءِ ايم ايف جي ڪوڙڪي مان نڪري سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button