ملڪ جي عدالتن جي فيصلن جي حوالي سان اختلاف ۽ تڪراري فيصلن بابت چئوٻول سموري ملڪ ۾ بحثن جو موضوع بڻجڻ ۽ قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ڪيترائي ڀيرا ملڪ جي عدالتن جي تڪراري فيصلن تي ردعمل سامهون ايندو رهيو آهي ۽ ملڪ جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پڻ ملڪ ۾ لڳندڙ مارشلائن کي قبول ڪرڻ ۽ انهن جي اپائن کي مڃڻ ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪرڻ وارا ڪيترائي واقعا بحث هيٺ رهيا آهن. جنهن ۾ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ فرضي مقدمي ۾آمراڻي دور ۾ عدالتن ذريعي ڦاسيءَ جي سزا ڏيڻ، ڪيترن ئي ججن طرفان آمراڻن آرڊينينس پي سي او تحت پنهنجي عهدن جا قسم کڻڻ، عمران خان جهڙي هٿرادو ليڊر کي صادق ۽ امين قرار ڏين وارا فيصلا ۽ انيڪ واقعا ۽ ٻيا ڪيترائي معاملا ملڪ جي ۾ هلندڙ تڪرارن طور مشهور آهن. هن وقت ملڪ جي پارليمان جي مٿئين ايوان سينيٽ آف پاڪستان ۾ پڻ باقاعدي انهن اهم معاملن تي آواز بلند ٿي ويا آهن.
ملڪ ۾ عوام جي حڪمراني ۽ جمهوري سرشتو قائم ڪرڻ، ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ دنيا ۾ پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي فخر سان جيئڻ واري سوچ ۽ جدوجهد ۾قائد اعظم محمد علي جناح کان پوءِ سڀ کان وڏو ڪردار قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ملڪ جي ترقي پسند قوتن ۽ جماعتن ادا ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ملڪ جي ترقي پسندن جي گڏيل جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پنهنجي بنيادي منشور تحت ملڪ ۾ پارلياماني جمهوري سرشتو قائم ڪرڻ قومي اسيمبليءَ کي بااختيار بنائڻ، ملڪ کي وفاقي مملڪت ۽ جمهوري بنياد مهيا ڪرڻ وارو 1973ع جو آئين جهڙي ريت، پارليمان مان متفقه طور منظور ڪرايو ويو اهو ڪارنامو يقينن ملڪ کي پنهنجي بهتر حال ۽ شاندار مستقبل جي بنياد مهيا ڪري ويو. هن آئين ٺهڻ سان ملڪ کي پنهنجي قائم ٿيڻ وقت ملڪ جي وفاق ۾ شامل ٿيندڙ قومن سان ڪيل سماجي معاهدي جي واعدي کي پهريون ڀيرو لکت ۾ آئيني دستاويز جي صورت ۾ سمورين ڌرين جي اتفاق سان قبوليو ويو ۽ انهي دستاويز جي روح موجب ملڪ کي گڏجي ۽ جمهوري پارليماني طريقيڪار تحت هلائڻ وارو فيصلو ۽ اقرار ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ پهريون ڀيرو ملڪ کي چئن صوبن ۽ گهڻين قومن تي مشتمل ملڪ طور مڃيو ويو ۽ انهي آئيني دستاويز جي صورت ۾ لکت ۾پڌرو پڻ ڪيو ويو ۽ انهي جي عملي صورت طور ملڪ جي سمورن صوبن جي هڪ جيتري نمائندگيءَ تي ٻڌل پارليمان جو مٿيون ايوان، سينيٽ آف پاڪستان قائم ڪيو ويو.
سينيٽ آف پاڪستان کي ملڪ جي وفاقي سرشتي ۾ بنيادي ۽ مرڪزي حيثيت حاصل آهي جنهن جي فيصلن ۽ منظوري بابت قومي اسيمبليءَ کي پابند بڻايو ويو آهي. ملڪ ۾ڪيترن ئي مختلف آمرن ۽ جنرل مشرف ۽ سندس باقيات وارن رانديگرن جي سرڪار جي آمريتن طرفان ملڪ جي جمهوري سرشتي جي خاتمي لاءِ گهڻو زور لڳايو ويو ۽ ملڪ ۾وري ون يونٽ يا صدارتي نظام قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن حيلا هلايا ويا پر ملڪ جي جمهوريت پسندن جي مزاحمت ۽ ردعمل کين ناڪام بڻائي ڇڏيو. هن وقت سينيٽ ۾عدالتن جي پارليمان کي تڪراري قرار ڏيڻ واري معاملي تي سينيئر پارليمينٽرين طرفان سخت ردعمل سامهون آيو آهي ۽ تمام وڏا سوال اٿاري ڇڏيا آهن. خبر موجب مسلم ليگ (ن) جي سينيٽرن سپريم ڪورٽ ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) قانون ۾ ترميمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال طرفان ڏنل رمارڪس تي سخت اعتراض ڪندي چيو آهي ته هن اِهو ڪيئن چيو ته پارليامينٽ تڪراري ٿي وئي آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقيءَ جو سينيٽ ۾ خطاب ۾چوڻ هو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال گذريل ڏينهن هڪ اهڙي ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا جنهن جو چونڊن سان سڌو سنئون تعلق نه هو. هن چيو ته چيف جسٽس فرمايو ته پارليامينٽ اڻپوري آهي، پارليامينٽ کي ڄاڻي واري مڪمل نه پيو ڪيو وڃي، پارليامنٽ جا قانون تڪراري آهن، تنهنڪري اِها مڪمل نه آهي.
سينيٽر عرفان صديقيءَ جو چوڻ هو ته چيف جسٽس جي چوڻ موجب ته اسان جي تاريخ جو واحد ديانتدار وزيراعظم، هن نالو نه کنيو پر سندس اشارو محمد خان جوڻيجي ڏانهن هو. چيف جسٽس جي رمارڪس جو حوالو ڏيندي عرفان صديقي چيو ته خبر ناهي کيس اِهو حق ڪنهن ڏنو ته لياقت علي خان کان عمران خان تائين سمورن وزيراعظمن کي هڪ ڌڪ سان بدديانت قرار ڏئي رڳو هڪ جي باري ۾ فتوا ڏي. هن چيو ته اسان عدليا جو اُن وقت به احترام ڪيو هو، جڏهن ڀٽي کي ڦاهي ڏني وئي هئي، جڏهن مُلڪ ۾ چار مارشلائن جي منظوري ڏني وئي، اسان تڏهن به عدالت جو احترام ڪيو هو. اسان عدليا جو اُن وقت به احترام ڪيو جڏهن هڪ جرنيل کي باوردي چونڊون وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي، اسان عدليا جو اُن وقت به احترام ڪيو جڏهن هڪ وزيراعظم کي پٽ کي پگهار نه وٺڻ تان اوهان عمر قيد لاءِ گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو. ڇا اوهان (عدالتن) ڪڏهن سوچيو آهي ته اوهان مارشلائن جي منظوري ڪيئن ڏيندا هئا؟ ڇا مارشل لائن جي دور ۾ اوهان اهڙي قسم جا رمارڪس ڏيندا آهيو، مارشلائن جي دور ۾ اوهان وردي پهريل چيف ايگزيڪٽيو کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيندا هئا. عرفان صديقي چيو ته هڪ وزيراعظم قتل ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ چيو وڃي ٿو اسان کان غلطي ٿي وئي، اسان جي مٿان دٻاءُ هو. اِها تاريخ آهي، تاريخ کي پنهنجي آڏو رکو. سپريم ڪورٽ جي رمارڪس تي هن چيو ته اوهان به ڄاڻي وٺو ته هي هائوس به هڪ نالو، اهميت ۽ وقار رکي ٿو ۽ هن ايوان جي حوالي سان اوهان وٽ ڪو ڪيس ئي ناهي ته اوهان ڪيئن غير لاڳاپيل ڪيس ۾ اهڙي قسم جا رمارڪس ڏئي ڇڏيو ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن عدالتون پنهنجي اختيارن واري دائري کان نڪري سياسي ۽ اڻ لاڳاپيل بيان ڏينديون ته پوءِ اسان جي ردعمل کي توهينِ عدالت نه سمجهيو وڃي، هو پاڻ ڏسن هو ڇا ڪري رهيا آهن.
ملڪ جي اهم ۽ حساس صوبن سنڌ ۽ بلوچستان کي هر دور ۾ سخت مشڪلاتن آزمائشن ۽ ڏاڍ ڏمر جو شڪار ڪيو ويندو رهيو آهي، گذريل ڏينهن ملڪ جي مشهور ترقي پسند اڳواڻ يوسف مستي جي لاڏاڻي تي ڪراچيءَ جي آرٽس ڪائونسل ۾ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي بلوچ نيشنل پارٽي سربراهه اختر مينگل طرفان ملڪ جي سياسي تاريخ جي تڪراري پاسن ۽ رياست جي اڻوڻندڙ سلوڪ جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو. سندس چوڻ هو ته هي ملڪ پنهنجي اصل مقصد تحت عوامي رياست ٿيو ئي ناهي، هتي اقتدار لاءِ وطن ۽ قوم کي وسارڻو پوندو آهي. اختر مينگل جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي آهي، هي عوامي رياست ناهي، هتي وزيراعظم بي اختيار هوندو آهي. هن چيو ته گند ڪو ٻيو ڪندو آهي ۽ داغدار ٿيڻ لاءِ سياستدان پاڻ کي پيش ڪندا آهن. ميڙاڪي ۾ چيو ويو ته يوسف مستي خان مير غوث بخش بزنجو جو سڀ کان وڌيڪ ويجهو شاگرد هو، ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو ته طبقاتي ۽ قومي مسئلن کي گڏ ڪري حل ڪيو وڃي نه ته نفرت انگيز سياست ڪڏهن به ختم نٿي ٿي سگهي،
ملڪ کي پنهنجي 75 سالن جي سياسي تاريخ جي تجربن، حادثن ۽ سانحن جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ هاڻي پنهنجي بقا، سلامتيءَ جي خطرن جو احساس ڪرڻ گهرجي. پارليامان، عدالتن ۽ رياستي سرشتي ۾ يقينن سڌارن جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ملڪ ئي هلائڻ جو آئيني سرشتو طئي ٿيل هئڻ جي باوجود آئين تي عمدرآمد نه ٿو ڪيو وڃي ۽ ادارن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سموري ملڪ کي هڪ وڏي تباهيءَ جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. ملڪ دنيا ۾ تماشي بڻجي ويو آهي، دنيا جو هڪ خوشحال ۽ زرخيز ملڪ جنهن جي ترقي جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، اهو ادارن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ آمريتن ۽ تڪراري فيصلن جو شڪار ٿيڻ ڪري تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ قرضي ٿيڻ کان پوءِ هاڻي هن جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي. پارليامان ۾ عدالت ۽ رياستي ادارن جي حوالي سان اٿاريل سوالن تي يقينن وطن جي بچاءُ ۽ سلامتيءَ جي حوالي سان بااختيار ڌرين کي گڏجي عقل، دانشمندي ۽ نيڪ نيتيءَ سان فيصلا ڪرڻ ۽ هڪٻئي جي عزت ۽ احترام ڪرڻ ۽ اتحاد ۽ اتفاق راءِ سان گڏجي قدم کڻڻ گهرجن ۽ ملڪ مان وي آءِ پي ڪلچر جو خاتمو ڪري غيرضروري سمورن خرچن جو خاتمو ڪري هن ملڪ کي مڪمل عوامي رياست ۾ تبدليل ڪيو وڃي ۽ پارليمان جي بالادستي، چونڊيل سياسي قيادت جي رهنمائي ۽ آئين ۽ قانون جي سربلندي وارو رستو اختيار ثابت قدميءَ سان کنيو وڃي ته ملڪ وري پنهنجو مانائتو مقام ۽ خوشحالي حاصل ڪري سگهي ٿو.